• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

2013ع کان سنڌ ۾ چيني ٻولي لازمي پڙهائي ويندي

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
2013ع کان سنڌ ۾ چيني ٻولي لازمي پڙهائي ويندي

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪالهه هتي وزير اعليٰ هائوس ۾ تعليم کاتي جي اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سال 2013ع ۾ شروع ٿيندڙ تعليمي سال کان سنڌ جي سڀني تعليمي ادارن ۾ چيني ٻولي کي لازمي قرار ڏنو ويندو ۽ چيني ٻولي جي پڙهائي لازمي مضمون طور لاڳو ڪئي ويندي، گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته چين پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي، جنهن سان واپاري ۽ صنعتي لاڳاپن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي، گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته چيني ٻولي جي تعليم لاءِ ميٽرڪ ۽ اُن کان مٿين درجن تائين پاس ڪندڙن کي مختلف رعايتون ڏنيون وينديون، جن ۾ پرڏيهي ملڪن ۾ تعليمي اسڪالرشپس، پرڏيهه ۾ سکيا ۽ پرڏيهي دورن جون سهولتون پڻ شامل هونديون، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ به ڇهين ڪلاس کان چيني ٻولي جو مضمون لازمي طور پڙهايو ويندو، گڏجاڻي ۾ طئي ڪيو ويو ته چيني ٻولي جو مضمون پڙهائڻ لاءِ طريقو، نصاب ۽ ٻين معاملن کي اوليتي بنيادن تي جلد اُڪلايو ويندو ۽ ان ڏس ۾ بيورو آف ڪريڪيولم پاليسي جي منظوري ڏيندو، گڏجاڻي ۾ سينيئر ۽ تعليم واري وزير پير مظهرالحق صدر جي سيڪريٽري جنرل سلمان فاروقي، تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي پرنسپال سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
ڪاوش جي ٿورن سان
 
جواب: 2013ع کان سنڌ ۾ چيني ٻولي لازمي پڙهائي ويندي

ڏيو منهن پڙهي سنڌي ڪونه ٿا سگهون وري چيني زبان پڙهائيندا اسان کي خير ماسترن کي ته پهريان پڙهايو چيني زبان پوء شاگردن جو وارو آهي
 
جواب: 2013ع کان سنڌ ۾ چيني ٻولي لازمي پڙهائي ويندي

سوال آهن ته
چيني ٻولي پڙهائيندو ڪير۔۔۔؟
جيڪڏهن اسان جي پرائمري ماسترن کي چيني ٻولي سکڻ لاءِ چين جي تربيت تي موڪلڻو پيو ته ڇا چيني ٻولي سکندي سکندي سندن اباڻي ٻولي جو تلفظ باقي رهندو۔۔۔؟
موجوده حڪومت اهو فيصلو پنهنجي دور بجاءِ ٻئي جي دور ۾ ڇو ڪيو۔۔۔؟
ڇا چيني ٻولي سکڻ سان روزگار جا ذريعا وڌندا۔۔۔؟
ڪاٿي هي به آمريڪا کي اشارو آهي ته توسان دعا سلام ختم ۔۔۔ هاڻي سڀ ڪجهه پنهنجي پڳ مٽ يار سان ڪبو۔۔۔؟

وغيره وغيره
 
جواب: 2013ع کان سنڌ ۾ چيني ٻولي لازمي پڙهائي ويندي

اسان جا ماستر ويچارا پاڻ اڌ پڙھيل آھن سي پوري سنڌي به ڪون پڙھائي ڄاڻين سي چيني پڙھائندا۔ادا اھو سنڌي عوام سان جٺ ٿيندي۔ھا باقي جئين ھن وقت ڪاپي ڪلچر ھلي پيو انھي صورت حال ۾ چيني ته ڇا دنيا جي ھر ٻولي کي لازمي قرار ڏيئي سگھجي ٿو۔
 
جواب: 2013ع کان سنڌ ۾ چيني ٻولي لازمي پڙهائي ويندي

اطلبوا العلم ولو کان بالصين
علم حاصل ڪيو کڻي اوهان چيڻ ولايت وڃڻو پوي
ڪابه ٻولي سکڻ گناهه ڪونهي باقي پاڪستان ۾ جو هاڻي اهو رجحان پيدا ٿيو آهي سو ته خدا ٿو ڄاڻي ته انهن کي اهو ڪنهن سمجهايو يا سائين عبدالرشيد جن جي ڳالهه وانگر ته شايد آمريڪا سان ۔۔۔۔۔۔
 
جواب: 2013ع کان سنڌ ۾ چيني ٻولي لازمي پڙهائي ويندي

ادا چيني کان بهتر آهي ته عربي ۽ فارسي جي تعليم لازم قرار ڏني وڃي۔۔۔ چين ۾ پاڪستاني شاگردن لاءِ ڪيترائي موقعا آهن شايد ان ڪري حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي باقي ادا رشيد جي ڏنل سوالن کان پوءِ ته حڪومت جو اهو فيصلو 1000 سيڪڙو عجيب ٿو لڳي۔۔۔۔ ماستر پڙهيل ناهن وري مٿان شاگرد پڙهندا۔۔۔ ههههه​
 
جواب: 2013ع کان سنڌ ۾ چيني ٻولي لازمي پڙهائي ويندي

ڪهڙا ڪمينٽس ڪجن ۔۔۔ ادا رشيد جون ڳالهيون غور طلب آهن۔ پر جيڪڏهن ڪو چيني سکي به ويو ته سٺي ڳالهه آهي۔ جيترو ٿي سگهي ٻيون ٻوليون سکجن پر استاد ڪٿان ايندا جي چين مان ايندا ته پوء خرچ ڪير ڀريندو؟ جي چيني حڪومت ته پوء پڙهڻ ۾ حرج ناهي۔
 
جواب: 2013ع کان سنڌ ۾ چيني ٻولي لازمي پڙهائي ويندي

دوستن جي راين کان پو آئون اهو چوندس ته ته اهو فيصلو چين دوستي کي مدِ نظر رکي ڪيو ويو آهي ، ۽ جيسيتائين 2013 ء تائين ملتوي رکڻ جي ڳالھ آهي ته ممڪن آهي هن عرصي لا شايد ڪا ٽيم چين مان گهرائجي يا وري هتان کي استاد چيني ٻولي جي سکيا جي ٽرينگ وٺڻ لا موڪلجن ۔ پر حقيقت ۾ اها ڳالھ سٺي پڻ آهي ممڪن آهي ته هن ڪوشش کان پو پاڪستان لا چين ۾ روزگار جو ڪو ذريعي جو سبب بڻجي پوي ۔ بهرحال هي هڪ سٺو قدم آهي هن جي ساراه ڪرڻ گهرجي ۔ باقي ڏسڻو اهو آهي ته هن تي عمل ڪرڻ جو رفتار ۽ بيان ۾ صداقت ڪيتري آهي ۔ باقي ادي عبدالرشيد جي ڳالھ ۾ پڻ وزن آهي ممڪن آهي ته هي هڪ سياسي حربو هجي امريڪا کي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!
 
جواب: 2013ع کان سنڌ ۾ چيني ٻولي لازمي پڙهائي ويندي

ادا اسان ان حڪومتي فيصلي جي ڀرپور تائيد ڪريون ٿا ان ڪري جو علم انسان
جي ٽين اک آهي ۽ هر ٻولي پنهنجي اندر علم جا دريا سمويون ويٺي آهي البته اها
ٻي ڳاله آهي ته اهو فيصلو ان قول جو مصداق آهي ( ننڍو منهن وڏي ڳاله) سو
اسان کي نظر نه ٿو اچي ته اهو فيصلو ڪو عملي جامو به پائي سگهندو باقي
هاڻي ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڇا آهي
 
Back
Top