افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
2013ع کان سنڌ ۾ چيني ٻولي لازمي پڙهائي ويندي
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪالهه هتي وزير اعليٰ هائوس ۾ تعليم کاتي جي اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سال 2013ع ۾ شروع ٿيندڙ تعليمي سال کان سنڌ جي سڀني تعليمي ادارن ۾ چيني ٻولي کي لازمي قرار ڏنو ويندو ۽ چيني ٻولي جي پڙهائي لازمي مضمون طور لاڳو ڪئي ويندي، گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته چين پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي، جنهن سان واپاري ۽ صنعتي لاڳاپن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي، گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته چيني ٻولي جي تعليم لاءِ ميٽرڪ ۽ اُن کان مٿين درجن تائين پاس ڪندڙن کي مختلف رعايتون ڏنيون وينديون، جن ۾ پرڏيهي ملڪن ۾ تعليمي اسڪالرشپس، پرڏيهه ۾ سکيا ۽ پرڏيهي دورن جون سهولتون پڻ شامل هونديون، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ به ڇهين ڪلاس کان چيني ٻولي جو مضمون لازمي طور پڙهايو ويندو، گڏجاڻي ۾ طئي ڪيو ويو ته چيني ٻولي جو مضمون پڙهائڻ لاءِ طريقو، نصاب ۽ ٻين معاملن کي اوليتي بنيادن تي جلد اُڪلايو ويندو ۽ ان ڏس ۾ بيورو آف ڪريڪيولم پاليسي جي منظوري ڏيندو، گڏجاڻي ۾ سينيئر ۽ تعليم واري وزير پير مظهرالحق صدر جي سيڪريٽري جنرل سلمان فاروقي، تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي پرنسپال سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
ڪاوش جي ٿورن سان