عرس پريو
سينيئر رڪن
چوي ٿي دل ته مون کي هو، چمين جي شهر ۾ آڻي
وڌائي زندگي منهنجي، خوشين جي شهر ۾ آڻي
پرين جي پيار جو پاڻي، پيارڻ ٿو گهري مون کي
دريائن، آبشارن ۽ ندين جي شهر ۾ آڻي
الائي امن ٿيڻو آ، الائي موت ملڻو آ
سدائين خواب مون کي ٿو، پکين جي شهر ۾ آڻي
هيو نوٽيس ڪورٽ جو ’ڪکاوان گهر ڪيو خالي‘
ڇڏيو تنهن زلزلو هوڪو، جهڳين جي شهر ۾ آڻي
نگر پٿرن جو هي آهي ٿيان ٿو روز مان زخمي
هوا کي چئو کڻي مون کي، دلين جي شهر ۾ آڻي
زماني کان نه رهندو خوف خطرو، ڪوبه عارف
رڳو هڪڙو دفعو پنهنجي، اکين جي شهر ۾ آڻي

خليل عارف سومرو