چوي ٿي دل ته مون کي هو، چمين جي شهر ۾ آڻي

عرس پريو

سينيئر رڪن
چوي ٿي دل ته مون کي هو، چمين جي شهر ۾ آڻي
وڌائي زندگي منهنجي، خوشين جي شهر ۾ آڻي

پرين جي پيار جو پاڻي، پيارڻ ٿو گهري مون کي
دريائن، آبشارن ۽ ندين جي شهر ۾ آڻي

الائي امن ٿيڻو آ، الائي موت ملڻو آ
سدائين خواب مون کي ٿو، پکين جي شهر ۾ آڻي

هيو نوٽيس ڪورٽ جو ’ڪکاوان گهر ڪيو خالي‘
ڇڏيو تنهن زلزلو هوڪو، جهڳين جي شهر ۾ آڻي

نگر پٿرن جو هي آهي ٿيان ٿو روز مان زخمي
هوا کي چئو کڻي مون کي، دلين جي شهر ۾ آڻي

زماني کان نه رهندو خوف خطرو، ڪوبه عارف
رڳو هڪڙو دفعو پنهنجي، اکين جي شهر ۾ آڻي
خليل عارف سومرو
 
جواب: چوي ٿي دل ته مون کي هو، چمين جي شهر ۾ آڻي

چوي ٿي دل ته مون کي هو، چمين جي شهر ۾ آڻي
وڌائي زندگي منهنجي، خوشين جي شهر ۾ آڻي
عرس پريو جي ھميشه جيان لاجواب ونڊ۔۔۔۔۔مھرباني۔
 
جواب: چوي ٿي دل ته مون کي هو، چمين جي شهر ۾ آڻي

چوي ٿي دل ته مون کي هو، چمين جي شهر ۾ آڻي
وڌائي زندگي منهنجي، خوشين جي شهر ۾ آڻي

پرين جي پيار جو پاڻي، پيارڻ ٿو گهري مون کي
دريائن، آبشارن ۽ ندين جي شهر ۾ آڻي

هل ته سهي۔۔۔۔۔۔۔۔ چمين جو شهر 7 عرس جا احساس ۽ چونڊ

تمام سٺي شاعري خليل عارف سومرو جي
 
ادا چوندا آهن ته چهرو دل جو آئينو هوندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ء شاعري به ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هر ڪو پنهنجا احساس ونڊ ڪندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جئين توهان جا ونڊ جذبن سان ڀريل هوندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔

پسند ڪرڻ جي مهرباني
 
Back
Top