تڪبر جي سزا ۔۔۔۔ سوچيو ۽ عمل ڪيو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تڪبر جي سزا

    [JUSTIFY]بني اسرائيل ۾ هڪ شخص گهڻو نيڪ ، عابد ۽ زاهد هيو. سڀ ماڻهو هن جي گهڻي عزت ڪندا هئا، سندس نيڪ ۽ ايماندار هجڻ سموري علائقي ۾ مشهور هو. هو گهڻي عبادت ۽ رب جي بندگي ڪندو هو. ساڳي ئي علائقي ۾ هڪ ٻيو شخص به هيو، جيڪو گهڻو بدڪار ، بد عمل ۽ گنهگار هوندو هو، ڪوبه شخص هن کي سٺو ڪونه سمجهندو هو. سڀ هن جا ستايل هئا.

    هڪ ڏينهن سخت اُس ۽ گرميء ۾ گنهگار شخص هڪ ميدان مان گزري رهيو هو ، جتي هن ڏٺو ته نيڪ ماڻهو ٻاهر ميدان ۾ ويٺو آهي هر طرف سخت اُس آهي پر ان نيڪ مرد جي مٿان هڪ ننڍڙي ڪڪري ڇانو ڪيو بيٺي آهي. اهو سڀ ڪجهه ڏسي گنهگار شخص گهڻو شرمسار ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته هن هيڏي سخت گرميء ۾ به هن نيڪ ماڻهوء جي عملن سبب هن جي مٿان ڪڪر ڇانو ڪيو بيٺا آهن ۽ مان ڪيڏو بدڪردار آهيان ۽ وري اهو سوچي ته مان ان نيڪ شخص جي ڀر ۾ ويهي اُس کان بچان ۽ ٿي سگهي ٿو هن نيڪ ماڻهوء ڪري رب پاڪ منهنجا گناهه به معاف ڪري ۽ مونکي نيڪي طرف آڻي، اوڏانهن وڌڻ لڳو.

    جڏهن گنهار شخص ان نيڪ ماڻهوء سان گڏ وڃي ويٺو ته ان نيڪ ماڻهو جي دل ۾ خيال آيو ته ڪٿي مان هيڏو وڏو نيڪ، زاهد ۽ عابد، ۽ ڪٿي هي بد ڪردار ۽ گنهگار شخص جيڪو بدنام آهي، جنهن سان ڪو اٿي ويهي ڪونه ٿو، ڪٿي هي مونکي به بدنام نه ڪري وجهي؟ تنهنڪري هن گنهگار شخص کي اتان اٿي وڃڻ جو چيو.

    گنهگار شخص کي گهڻو ڏک ٿيو ۽ اٿي هلڻ لڳو پر حيران ڪن ڳالهه اها ٿي جو اها ڪڪري جيڪا نيڪ مرد مٿان ڇانو ڪيو بيٺي هئي اها به ان گنهگار شخص سان گڏ مٿس ڇانو ڪندي هلي ۽ نيڪ شخص مٿان اس اچي وئي. ٻئي پريشان ٿي ويا. اها ڳالهه وقت جي پيغمبر وٽ آئي جنهن کي وحي آئي ته انهن ٻنهي شخصن کي چئو ته نئين سر پنهنجا پنهنجا عمل شروع ڪن. گنهگار شخص جا سڀ گناهه معاف ڪيا ويا آهن ،ڇو ته هن فاسق ۽ گنهگار سچي نيت سان ۽ شرمساري سان توبهه ڪئي هئي۔ جڏهن ته نيڪ ۽ عابد شخص جون سڀ نيڪيون هن جي تڪبر سبب هن کان کسيون ويون آهن.

    رب العزت جي درٻار ۾ دعا آهي ته اسان کي تڪبر ۽ وڏائي کان بچائي ...... آمين

    [/JUSTIFY]
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: تڪبر جي سزا ۔۔۔۔ سوچيو ۽ عمل ڪيو

    بيشڪ ادا سليمان وساڻ صاحب تڪبر الله پاڪ کي پسند نه آهي۔شيطان به جڏهن تڪبر ڪري الله پاڪ جي حڪم جي انحرافي ڪري حضرت آدم عليه وسلام کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته الله پاڪ هن کي فرشتن جي صف مان ڪڍي منڪرين جي صف م شامل ڪيو۔تڪبر ڪرڻ سان ماڻهون پنهنجون سڄي عمر جي ڪيل عبادت وڃائي ٿا ڇڏين ۔الله پاڪ شل اسان ۽ توهان کي تڪبر ڪرڻ کان پنهنجي پناه ۾ رکي۔آمين۔سبق آموز ڪهاڻي ونڍ ڪرڻ تي توهان جون تمام گهڻيون مهربانيون۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: تڪبر جي سزا ۔۔۔۔ سوچيو ۽ عمل ڪيو

    تڪبر اعزازيل را خوار ڪرد ، به زنده نه لعنت گرفتار ڪرد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    بيشڪ سائين تڪبر الله پاڪ کي پسند نه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انسان کي ڪڏهن به پنهنجي عملن تي تڪبر نه ڪرڻ گهرجي

    الله سائين اسان سڀني کي پنهنجي پناهه ۾رکي
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: تڪبر جي سزا ۔۔۔۔ سوچيو ۽ عمل ڪيو

    بيشڪ سائين سليمان وساڻ صاحب تڪبر ڪرڻ ڪا سٺي ڳالهه نه آهي

    الله پاڪ اسان کي تڪبر کان هميشه پري رکي

    اهڙي سبق آموز ڪهاڻي ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو