تڪبر جي سزا
بني اسرائيل ۾ هڪ شخص گهڻو نيڪ ، عابد ۽ زاهد هيو. سڀ ماڻهو هن جي گهڻي عزت ڪندا هئا، سندس نيڪ ۽ ايماندار هجڻ سموري علائقي ۾ مشهور هو. هو گهڻي عبادت ۽ رب جي بندگي ڪندو هو. ساڳي ئي علائقي ۾ هڪ ٻيو شخص به هيو، جيڪو گهڻو بدڪار ، بد عمل ۽ گنهگار هوندو هو، ڪوبه شخص هن کي سٺو ڪونه سمجهندو هو. سڀ هن جا ستايل هئا.
هڪ ڏينهن سخت اُس ۽ گرميء ۾ گنهگار شخص هڪ ميدان مان گزري رهيو هو ، جتي هن ڏٺو ته نيڪ ماڻهو ٻاهر ميدان ۾ ويٺو آهي هر طرف سخت اُس آهي پر ان نيڪ مرد جي مٿان هڪ ننڍڙي ڪڪري ڇانو ڪيو بيٺي آهي. اهو سڀ ڪجهه ڏسي گنهگار شخص گهڻو شرمسار ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته هن هيڏي سخت گرميء ۾ به هن نيڪ ماڻهوء جي عملن سبب هن جي مٿان ڪڪر ڇانو ڪيو بيٺا آهن ۽ مان ڪيڏو بدڪردار آهيان ۽ وري اهو سوچي ته مان ان نيڪ شخص جي ڀر ۾ ويهي اُس کان بچان ۽ ٿي سگهي ٿو هن نيڪ ماڻهوء ڪري رب پاڪ منهنجا گناهه به معاف ڪري ۽ مونکي نيڪي طرف آڻي، اوڏانهن وڌڻ لڳو.
جڏهن گنهار شخص ان نيڪ ماڻهوء سان گڏ وڃي ويٺو ته ان نيڪ ماڻهو جي دل ۾ خيال آيو ته ڪٿي مان هيڏو وڏو نيڪ، زاهد ۽ عابد، ۽ ڪٿي هي بد ڪردار ۽ گنهگار شخص جيڪو بدنام آهي، جنهن سان ڪو اٿي ويهي ڪونه ٿو، ڪٿي هي مونکي به بدنام نه ڪري وجهي؟ تنهنڪري هن گنهگار شخص کي اتان اٿي وڃڻ جو چيو.
گنهگار شخص کي گهڻو ڏک ٿيو ۽ اٿي هلڻ لڳو پر حيران ڪن ڳالهه اها ٿي جو اها ڪڪري جيڪا نيڪ مرد مٿان ڇانو ڪيو بيٺي هئي اها به ان گنهگار شخص سان گڏ مٿس ڇانو ڪندي هلي ۽ نيڪ شخص مٿان اس اچي وئي. ٻئي پريشان ٿي ويا. اها ڳالهه وقت جي پيغمبر وٽ آئي جنهن کي وحي آئي ته انهن ٻنهي شخصن کي چئو ته نئين سر پنهنجا پنهنجا عمل شروع ڪن. گنهگار شخص جا سڀ گناهه معاف ڪيا ويا آهن ،ڇو ته هن فاسق ۽ گنهگار سچي نيت سان ۽ شرمساري سان توبهه ڪئي هئي۔ جڏهن ته نيڪ ۽ عابد شخص جون سڀ نيڪيون هن جي تڪبر سبب هن کان کسيون ويون آهن.
رب العزت جي درٻار ۾ دعا آهي ته اسان کي تڪبر ۽ وڏائي کان بچائي ...... آمين