ملان نصير الدين ۽ ٻروچ جي ٿوڻي ...

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هڪ ڏينهن ملان نصرالدين ڪنهن تلاءَ ۾ ڪريو ٿي ته هڪ سڃاڻونءَ کيس هٿ وجهي جهلي ورتو ۽ ڪرڻ کان بچائي ورتو ...

    ان ڏينهن کانپوءِ اهو ماڻهون جڏهن به ملان سان مليو ته اهو ڪرڻ وارو واقعو ياد ڏياري، کيس هر هر ٿورائتي هجڻ جو احساس ٿي ڪرايو ...

    ايئن ڪيترن ڀيرن جي چوڻ کانپوءِ ملان ان ماڻهونءَ کي پڪڙي تلاءَ وٽ وٺي ويو ۽ پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي چيائين ته ” جنهن مشڪل کان تو بچايو ان ۾ آءُ هاڻ ايترو ئي پيو آهيان، جيترو پهريان پوان هان ... ٻيلي هاڻ ته منهنجي جان ڇڏ“
    ________________________________________
    ساڳيو قصو ٿورن يا گهڻن لفظن سان سنڌ ۾ به عام آهي ... قصو ڪجهه هينئن آهي ته؛

    هڪ مسڪين سنڌيءَ جي جهوپڙي ٿي ڪري سو ويو هڪ ٻروچ وٽ ۽ کيس چيائين ته يار هي جو وڻ تنهنجي زمين ۾ آهي، تنهن جو هڪ ڏار جي ڏيندي ته منهنجي جهوپڙي ڪرڻ کان بچي ويندي ...

    ٻروچ به ها ڪئي ۽ کيس وڻ جو هڪ ڏار وڍي ڏنو ... همراه ويو وڃي پنهنجي جهوپڙي ٺيڪ ڪئي ...

    ان ڏينهن کانپوءِ جڏهن به ٻروچ اتان لانگهائو ٿيو ته سنڌيءَ کي سڏ ڪري کائنس پنهنجي ان ڏنل ٿوڻيءَ بابت احساس ٿي ڏياريو ...

    ڪيترن ڀيرن جي ان پڇ پڇان کان تنگ ٿي آخر سنڌيءَ ڌڪ هڻي ان ٿوڻيءَ کي ڪيرائي ٻروچ کي واپس ڪندي چيو ته يار! کڻ پنهنجي ٿوڻي مان جهوپڙيءَ کان بنهه ئي ڀلو آهيان ...

    ...
     
  2. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    lajwab-sharingHaqMojood
    سائين ٻروچن جي پارت اٿوءsuhnan saansuhnan saan
    sindhsalamatsaathsal
     
  3. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    همراه لکي ٿو ته نيڪي ڪريو، پر ڏکويو نه

    پر همراه مون کي ته ضرور ڏک رسايو آهي۔۔ خبر ناهي هن همراه جي نظر ۾ سنڌي ڪير آهن۔۔۔ ۔ سنڌي ۾ ايم اي ڪرڻ جو مطلب اهو ڪونهي ته هو جيڪو ڪجهه لکي اهو ادب ئي لکندو۔۔ اديب سڏرائڻ سولو آهي پر ادب ڪرڻ ۽ ادب ڪرائڻ سولو ڪم ڪونهي۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا ٻروچ
    جيئي سنڌ ۽ حق موجود
    اميد ته خوش هوندي ۽ آباد هوندي ...

    لطيف سڳوري جو هڪ شعر آهي ته چڱا ڪن چڱايون مدايون مدن، جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن .... دادلا دوست، جي مونکان مدائي ٿي هئي ته تون ته چڱائي ڪرين هان، پر نه ڇو ڪنهن سان چڱائي ڪجي، ڪنهن همراه کي سڌو بي ادب چئي کيس ضرور ڏکوئجي ...

    ڀائڙا! پاڻ ڪڏهن به ڪنهن اديب هجڻ جي دعوا ته نه ڪئي آهي ها سکڻ ۽ سيکارڻ جو سلسلو جاري آهي جو شايد موت تائين هلندو رهندو ... پنهنجي ٻولي ته ادا، ڀاءَ، دوست، مٺا ۽ جانيءَ واري آهي پر گهٽ ۾ گهٽ همراه واري ناهي ...

    دوست ڪاوڙ کان علاوه ڪجه حقيقتون آهن جي اسان سڀني جي سامهون آهن ...
    ٻروچ لفظ استعمال ڪندي ڪجه ماڻهون پاڻ فخر ۾ ڀربا آهن، اسين ته سنڌ ۾ آيل هر ماڻهونءَ کي چوندا آهيون ته ٻيلي سنڌ ۾ صديون ٿي ويون اٿوَ هاڻ ته اسان جا ٿي، اسانجي زندگين جا مالڪ ٿيو ...

    ڪي سنڌ جون ذاتيون ته ٻروچ نه هوندي به پاڻکي الائجي ڇو ٻروچ سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪنديون آهن ... انهن کي ڪير چوي ته يار هرو ڀرو پاڻ کي ٻروچ ڇو ٿا سڏرايو ... ؟؟؟ سنڌ جا ناميارا اديب، سندن خاندانن جا خاندان سنڌ ۾ پئدا ٿيا، سندن مرڻو پرڻو سنڌ ۾ آهي، کاڌو پيتو سنڌ ۾ آهي، سندن بلوچستان سان ڪو واسطو به ناهي پوءِ به جڏهن ڪاوڙبا ته چوندا ته اسين ته بلوچ آهيون ... ڦلاڻي شئي به اسانجي ڦلاڻو حصو به اسانجو .... وغيره وغيره

    حسب الله نعم الوڪيل ...

    مٺا ٻروچ سائين، اديب ته ناهيان پر ادب جي طالبعلم جي حيثيت سان اها خبر آهي ته؛ ادب سماج ۽ معاشري جي عڪاسي ڪندڙ هوندو آهي ... آئينو هوندو آهي جهڙي شڪل هوندي اهڙي ئي نظر ايندي... دادو، لاڙڪاڻي کان وٺي، جيڪب آباد جي بلوچستان سان ملندڙ حدن تائين جي ٽوٽڪا عام زبان ۾ ڳالهايا ويندا آهن جي اهي سڀ گڏ ڪري لکجن ته انهن ۾ هزارين ٽوٽڪا سنڌين ۽ ٻروچن جي نسبت سان ملندا ... ڪيترا قصا ۽ ڪيترا ئي واقعا جو لکڻ وارن جون متيون منجهي پون پر قصا ختم نه ٿين، انکي چوندا آهن لوڪ ادب ... مون به لوڪ ادب مان هڪ قصو جو عام زبان آهي سو لکيو ته اوهان کي ڪاوڙ به لڳي ۽... ادب ۽ بي ادب جي حدن تي وڃي نڪتا ...

    ٻي ڳالهه جا اهم آهي سا اها ته اهڙا قصا يا ٽوٽڪا عام علائقن ۾ ڳالهائڻ وقت ماڻهن جي سوچ ۾ سنڌي يا ٻروچ هڪ ذات هوندا آهن، قومون نه ...

    بهرحال پاڻ ڄاڻو ... پنهنجا ڪم ... اوهانجي نظر ۾ به ڪي سنڌين تي ٽوٽڪا هجن ته بي ڌڙڪ چئي ڏيو اسانجي به علم ۾ اضافو ٿيندو ... ۽ اوهانجي باه به جهڪي ٿيندي ...

    رمضان جي ڀلاري مهيني جي دعائن ۾ گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو