نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ ڏينهن ملان نصرالدين ڪنهن تلاءَ ۾ ڪريو ٿي ته هڪ سڃاڻونءَ کيس هٿ وجهي جهلي ورتو ۽ ڪرڻ کان بچائي ورتو ...
ان ڏينهن کانپوءِ اهو ماڻهون جڏهن به ملان سان مليو ته اهو ڪرڻ وارو واقعو ياد ڏياري، کيس هر هر ٿورائتي هجڻ جو احساس ٿي ڪرايو ...
ايئن ڪيترن ڀيرن جي چوڻ کانپوءِ ملان ان ماڻهونءَ کي پڪڙي تلاءَ وٽ وٺي ويو ۽ پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي چيائين ته ” جنهن مشڪل کان تو بچايو ان ۾ آءُ هاڻ ايترو ئي پيو آهيان، جيترو پهريان پوان هان ... ٻيلي هاڻ ته منهنجي جان ڇڏ“
________________________________________
ساڳيو قصو ٿورن يا گهڻن لفظن سان سنڌ ۾ به عام آهي ... قصو ڪجهه هينئن آهي ته؛
هڪ مسڪين سنڌيءَ جي جهوپڙي ٿي ڪري سو ويو هڪ ٻروچ وٽ ۽ کيس چيائين ته يار هي جو وڻ تنهنجي زمين ۾ آهي، تنهن جو هڪ ڏار جي ڏيندي ته منهنجي جهوپڙي ڪرڻ کان بچي ويندي ...
ٻروچ به ها ڪئي ۽ کيس وڻ جو هڪ ڏار وڍي ڏنو ... همراه ويو وڃي پنهنجي جهوپڙي ٺيڪ ڪئي ...
ان ڏينهن کانپوءِ جڏهن به ٻروچ اتان لانگهائو ٿيو ته سنڌيءَ کي سڏ ڪري کائنس پنهنجي ان ڏنل ٿوڻيءَ بابت احساس ٿي ڏياريو ...
ڪيترن ڀيرن جي ان پڇ پڇان کان تنگ ٿي آخر سنڌيءَ ڌڪ هڻي ان ٿوڻيءَ کي ڪيرائي ٻروچ کي واپس ڪندي چيو ته يار! کڻ پنهنجي ٿوڻي مان جهوپڙيءَ کان بنهه ئي ڀلو آهيان ...
...

احسان ڪجي پر ڪنهن ٿوري ڪرڻ کان بغير ... ڏيو پر ڏکايو نه، نيڪي ڪريو ۽ درياه ۾ اڇلايو