Sindhi Media
سينيئر رڪن
پنهنجي عيد جي خوشين کي سنڌ جي غريب، لاچار، بيوس، بيگهر ماڻهن سان ڀائيوار ڪيو، غريبن جي حصي جو گوشت، فرجن ۾ دٻائي رکڻ ۽ باربي ڪيو ڏانهن موڪلڻ بجاءِ اُنهن کي وڃي غريبن ڏانهن پُهچايو ۽ ثواب دارين حاصل ڪيو. پنهنجي قُربانيءَ جون کلون به انهن ٻوڏ ۽ برسات ستايلن لاءِ وقف ڪيو ۽ اوتريءِ قيمت تي يا پنهنجي اُپت مان اڄ ئي بازار وڃي پنهنجي اوڙي پاڙي جي غريب ٻارن لاءِ نوان ڪپڙا، جُتيون خريد ڪري کين عيد جي ياد ڏياريو. غريب جا ٻار هر عيد ڌوتلن ڪپڙن پهرڻ سان ڪندا آهن، اڄ جي اوهان جو اولاد به ڌوتل ڪپڙن سان عيد ڪندو ته خير آهي ۽ سندن لاءِ ورتل نوان وڳا ۽ جتيون، سليپر سندن پيارن هٿڙن سان غريب ٻارڙن جي حوالي ڪريو، توهان جي اها قرباني به الله جل شانهُ ضرور قبول ڪندو ۽ توهانجي حلال رزق ۾ واڌ پڻ آڻيندو.