• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي عيد جي خوشين کي سنڌ جي غريب،لاچار، بيوس، بيگهر ماڻهن سان ڀائيوار ڪيو

Sindhi Media

سينيئر رڪن
پنهنجي عيد جي خوشين کي سنڌ جي غريب، لاچار، بيوس، بيگهر ماڻهن سان ڀائيوار ڪيو، غريبن جي حصي جو گوشت، فرجن ۾ دٻائي رکڻ ۽ باربي ڪيو ڏانهن موڪلڻ بجاءِ اُنهن کي وڃي غريبن ڏانهن پُهچايو ۽ ثواب دارين حاصل ڪيو. پنهنجي قُربانيءَ جون کلون به انهن ٻوڏ ۽ برسات ستايلن لاءِ وقف ڪيو ۽ اوتريءِ قيمت تي يا پنهنجي اُپت مان اڄ ئي بازار وڃي پنهنجي اوڙي پاڙي جي غريب ٻارن لاءِ نوان ڪپڙا، جُتيون خريد ڪري کين عيد جي ياد ڏياريو. غريب جا ٻار هر عيد ڌوتلن ڪپڙن پهرڻ سان ڪندا آهن، اڄ جي اوهان جو اولاد به ڌوتل ڪپڙن سان عيد ڪندو ته خير آهي ۽ سندن لاءِ ورتل نوان وڳا ۽ جتيون، سليپر سندن پيارن هٿڙن سان غريب ٻارڙن جي حوالي ڪريو، توهان جي اها قرباني به الله جل شانهُ ضرور قبول ڪندو ۽ توهانجي حلال رزق ۾ واڌ پڻ آڻيندو.
 
جواب: پنهنجي عيد جي خوشين کي سنڌ جي غريب،لاچار، بيوس، بيگهر ماڻهن سان ڀائيوار ڪيو

ٻيشڪ حقيقي فلسفو قرباني عيد جو اهو آهي ته ماڻهو ۾ ايثار جو جذبو پيدا ٿئي غريب مسڪينن جو به اسان سڀني مسلمانن تي حق آهي ان ڪري جيتري قدر ٿي سگهي انهن کي به پنهنجين خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي وڃي سائين عبدالرزاق جن جو پيغام بهترين پيغام آهي اميد ته سندن ان پيغام تي عمل پيرا ٿيندي اسان سڀئي پنهنجي اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ مسڪينن جي سار لهنداسين۔
 
جواب: پنهنجي عيد جي خوشين کي سنڌ جي غريب،لاچار، بيوس، بيگهر ماڻهن سان ڀائيوار ڪيو

ادا سائين توهان جو پيغام هيء عيد پنهنجي سيلاب ۽ بارش متاثرين ڀائرن سان گذارڻ گهرجي سچ مچ ته هن وقت جي تقاظا آهي۔ادا سائين هر محترم ميمبر کي چڳي طرح خبر آهي ته سيلاب ۽ بارشن جي ڪري اسان جا ڪيترا پيارا سنڌي عيد جو ڏينهن صحيحي انداز ۾ گذارڻ جي قابل نه آهن ۽ نه ئي وري عيد جي خوشيون ماڻڻ جي قابل آهن۔هيء عيد هون به اسان کي حضرت ابراهيم عليه وسلم ۽ حضرت اسماعيل عليه وسلم جي قربانين جي يادگيري ٿيون ڏيارن ته ڇا اسان هن عيد جي پرمسرت موقعي ته پنهنجي انهن سنڌي ڀائر ۽ ڀيڻ يا ٻارن کي اڪيلو ڇڏي ڌينداسين جيڪي پنهنجي غربت مٿيئن ٻڌايل آفتن جي ڪري عيد ڪر ڻ جي قابل نه آهن۔اسان سڀني کي گهرجي ته عيد جي پنهنجي خوشِن ۾ انهن کي به شامل ڪيون ۽ ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ فيملي جي طعام ۽ انهن جي ٻارن کي عيد جي ّخرچي جو بار پنهنجي چادر آهر هرڪو ميمبر پنهنجي ڪلھ تي کڻي پنهنجي انهن مصبيت زائده ڀائرن جي تڪليف جو ڪجه نه ڪجه ازالو ڪري۔اها هڪ سجيشن آهي ۽ ٿي سگهئي ٿو ته ايئن ڪرڻ سان انهن اسان جي ڀائرن جي دلين مان نڪتل دعائون اسان جي مغفرت جو ذريعو بنجي وڃن۔
 
Back
Top