ملان نصرالدين ۽ خطبو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ملان نصرالدين ۽ خطبو

    سائين وحيد سمي جي موڪليل ڪتاب مان هڪ قصي جو بيان؛
    هڪ عرض ته بيان ممڪن لفظ به لفظ نه هجي، جيئن ته هر ٻوليءَ ۾ ڳالهه چوڻ ۽ لکڻ جو هڪ الڳ اسلوب هوندو آهي، انڪري مون لفظن جي بجاءِ ڳالهه جي مفهوم کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ... جي ڪا غلطي هجي ته رهنمائي ڪندا ...
    ________________________________________

    هڪ ڏينهن ڳوٺ جي ماڻهن ملان نصرالدين کي ڳوٺ جي مسجد ۾ خطبي جي دعوت ڏني ... ملان دعوت قبول ڪئي ۽ جمعي جي ڏينهن خطبي ڏيڻ لئه منبر تي چڙهي ڏٺائين ته سڀ حاضرين ٻڌڻ جي مورڳو خيال ۾ ناهن ۽ سست ويٺا آهن ... اهو حال ڏسي ملان هڪ سوال ڪيو ...

    ڀائرو اوهانکي خبر آهي ته اڄ آءُ ڇا چوڻ وارو آهيان؟

    حاضرين جواب ڏنو ” نه“

    ملان چيو اهڙن حاضرين کي آءُ ڇا ٻڌايان جن کي ڪا خبر ئي ناهي، ايئن چئي منبر تان لهي هليو ويو

    ڳوٺ وارن کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ صلاح ڪري کيس وري دعوت ڏنائون ... ملان دعوت قبول ڪئي ۽ جمعي جو خطبو ڏيڻ لئه آيو ڏٺائين ته حاضرين جي ساڳي حالت آهي ته وري ساڳيو سوال ڪيائين ته اوهانکي خبر آهي ته اڄ آءُ ڇا چوڻ وارو آهيان؟

    حاضرين جواب ڏنو ” ها “

    ملان چيو اهڙن حاضرين کي جنکي سڀ خبر آهي انهن کي آءُ ڇا ٻڌايان؟ ايئن چئي منبر تان لهي هليو ويو ...

    ڳوٺ وارن کي اصل پريشاني وڪوڙي وئي ته هي ڇا؟ ملان ته اڄ به ڪجه نه ٻڌايو ۽ هليو ويو ... سو هن دفعي سوچ ويچار ڪري وري کيس دعوت ڏنائون، ملان دعوت قبول ڪئي اڳلي جمعي تي خطبي ڏيڻ لئه منبر تي چڙهيو ته ڏٺائين ته حالت اڃان به ساڳي آهي ... سو وري اهو ئي سوال ڪيائين ته اوهانکي خبر آهي ته اڄ آءُ ڇا چوڻ وارو آهيان؟

    ڳوٺ وارن اڄ ڪجهه تياري ڪئي هئي سو اڌ حاضرين جواب ڏنو ” ها “ اڌ حاضرين جواب ڏنو ” نه “

    ملان جواب ڏنو ته جن کي خبر آهي اهي انهن ماڻهن کي ٻڌائن جن کي خبر ناهي ... ايئن چئي منبر تان لهي هليو ويو ...

    اهڙي ئي ڪنهن حالت جو بيان ڀٽائي سڳوري ڪجه هينئن ڪيو آهي ...

    هي ڪن گڏه هاڻان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج،
    پريــــان سنـــدي ڳالهـــــڙي، تــــون تنيـــن سان سڻيج.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabashshabashshabashshabashshabashshabash


    asul mattasul mattasul mattasul mattasul matt



    khil sahi


    sindhsalamatsaathsal
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ملان نصرالدين ۽ خطبو


    نوٽ؛
    دوستو! ملان نصرالدين ترڪي ۽ افغانستان ۽ بخارا واري پاسي جو انتهائي مشهور فلاسفر ۽ اصلاحي انسان ٿي گذريو آهي، انجو مثال سنڌ جي وتائي فقير جيئان آهي، جيڪو پنهنجي فقيري حال ۾ ڏاهپ ڀريون ڳالهيون ڪري ماڻهن کي هڪ سبق ڏئي ويندو هو ۔۔۔

    جيئن ته ڪجهه نظريا اهڙا هوندا آهن جيڪي عالمگير هوندا آهن، انڪري هن ڏاهي ملان نصرالدين جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هوبهو وتائي فقير جهڙيون يا وري ملندڙ جلندڙ آهن ۔۔۔
    ******************************************************

    [​IMG]
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ملان نصرالدين ۽ خطبو

    ادا نثار ابڙو۔ڏاهن جا گفتا سمجهڻ ۽ ان ۾ لڪل ڀلائي جو پيغام هن فورم جي اسڪرين تي چٽو چٽو ظاهر ڪرڻ توهان جو هڪ بهترين ڪمال آهي ۔جنهن جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي۔ملان نصيرالدين مزاق مزاق ۾ اهڙا ته سٺيون ۽ ڏاهپ واريون ڳالهيون ڪندو هو جيڪي سمجهو ماڻهن لاء تمام وڏي معنئ رکنديون هنيون۔شل انهن ڏاهپ واري ڳالهن ۾ لڪل پيغام کي سمجهي ان تي عمل ڪرڻ جي الله سبحان تعالئ اسان کي همٿ ڏيئي۔​
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ملان نصرالدين ۽ خطبو

    [​IMG]
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ملان نصرالدين ۽ خطبو

    وه سائين وه ،سچ چيو اٿن ته مرد جي زبان هڪڙي هوندي آهي۔انجو مثال ملان نصير الدين جي مٿين حڪايت آهي۔
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ملان نصرالدين ۽ خطبو

    ادا بهترين ونڊ آهي ، پر اهي ڳالهيون هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سان منصوب ڪندو پيو اچي ، حقيقت ڇا آهي ڪا خبر نٿي پوي ته اها ڳالھ اصل ڪنهن سان منسوب آهي ، بهرحال ڪنهن سان به منسوب هجي ڳالهيون آهن ڏاهپ واريون
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ملان نصرالدين ۽ خطبو

    [​IMG]
     
  9. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: ملان نصرالدين ۽ خطبو

    ادا اسان هن کي ايران ۾ به ڏاڍو ٻڌو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ساڳيون وتائي واريون سمجهاڻيون۔۔۔۔۔۔ ​
     
  10. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ملان نصرالدين ۽ خطبو

    ادا سائين ! ملان نصيرالدين ته اسان کي ڄڻ سنڌي لڳندو ھو ، اسان به ڪيترا نه سادڙا آھيون ، جو بغير ڪنھن ڇنڊ ڇاڻ جي ھر شيءِ کي پنھنجو سمجھي ٿا ڇڏيون ۔ اھا ته ھڪڙي سٺي عادت آھي ،پر منافق ما ڻھون اسانجي ان سٺي خاصيت مان ناجائز فائدا حاصل ڪري وٺن ٿا۔
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ملان نصرالدين ۽ خطبو

    [​IMG]
     
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ملان نصرالدين ۽ خطبو

    سائين ابڙا صاحب ملان نصيرالدين جا گفتا ٻڌائي ڪري اصل قرب ڪري ڇڏيو

    سائين سچ ٻڌايان اوهان کي ته اهڙيون ڳالهيون مون کي ڏاڍيون پسند آهن ۽ مان انهن مان ڪجهه نه ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان جيڪڏهن ڪنهن سنگت کي ملان نصيرالدين جو ڪو ڪتاب يا وري وتائي فقير جو ڪتاب هٿ لڳي وڃي ته مون سان ضرور شيئر ڪري

    لاجواب ونڊ آهي

    سائيـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن اهو ونڊ جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ملان نصرالدين ۽ خطبو

    [fv]10150124983068948[/fv]​
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ

هن صفحي کي مشهور ڪريو