نثارابڙو
نائب منتظم
ملان نصرالدين ۽ خطبو
سائين وحيد سمي جي موڪليل ڪتاب مان هڪ قصي جو بيان؛
هڪ عرض ته بيان ممڪن لفظ به لفظ نه هجي، جيئن ته هر ٻوليءَ ۾ ڳالهه چوڻ ۽ لکڻ جو هڪ الڳ اسلوب هوندو آهي، انڪري مون لفظن جي بجاءِ ڳالهه جي مفهوم کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ... جي ڪا غلطي هجي ته رهنمائي ڪندا ...
________________________________________
هڪ ڏينهن ڳوٺ جي ماڻهن ملان نصرالدين کي ڳوٺ جي مسجد ۾ خطبي جي دعوت ڏني ... ملان دعوت قبول ڪئي ۽ جمعي جي ڏينهن خطبي ڏيڻ لئه منبر تي چڙهي ڏٺائين ته سڀ حاضرين ٻڌڻ جي مورڳو خيال ۾ ناهن ۽ سست ويٺا آهن ... اهو حال ڏسي ملان هڪ سوال ڪيو ...
ڀائرو اوهانکي خبر آهي ته اڄ آءُ ڇا چوڻ وارو آهيان؟
حاضرين جواب ڏنو ” نه“
ملان چيو اهڙن حاضرين کي آءُ ڇا ٻڌايان جن کي ڪا خبر ئي ناهي، ايئن چئي منبر تان لهي هليو ويو
ڳوٺ وارن کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ صلاح ڪري کيس وري دعوت ڏنائون ... ملان دعوت قبول ڪئي ۽ جمعي جو خطبو ڏيڻ لئه آيو ڏٺائين ته حاضرين جي ساڳي حالت آهي ته وري ساڳيو سوال ڪيائين ته اوهانکي خبر آهي ته اڄ آءُ ڇا چوڻ وارو آهيان؟
حاضرين جواب ڏنو ” ها “
ملان چيو اهڙن حاضرين کي جنکي سڀ خبر آهي انهن کي آءُ ڇا ٻڌايان؟ ايئن چئي منبر تان لهي هليو ويو ...
ڳوٺ وارن کي اصل پريشاني وڪوڙي وئي ته هي ڇا؟ ملان ته اڄ به ڪجه نه ٻڌايو ۽ هليو ويو ... سو هن دفعي سوچ ويچار ڪري وري کيس دعوت ڏنائون، ملان دعوت قبول ڪئي اڳلي جمعي تي خطبي ڏيڻ لئه منبر تي چڙهيو ته ڏٺائين ته حالت اڃان به ساڳي آهي ... سو وري اهو ئي سوال ڪيائين ته اوهانکي خبر آهي ته اڄ آءُ ڇا چوڻ وارو آهيان؟
ڳوٺ وارن اڄ ڪجهه تياري ڪئي هئي سو اڌ حاضرين جواب ڏنو ” ها “ اڌ حاضرين جواب ڏنو ” نه “
ملان جواب ڏنو ته جن کي خبر آهي اهي انهن ماڻهن کي ٻڌائن جن کي خبر ناهي ... ايئن چئي منبر تان لهي هليو ويو ...
هي ڪن گڏه هاڻان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج،
پريــــان سنـــدي ڳالهـــــڙي، تــــون تنيـــن سان سڻيج.

اهڙي ئي ڪنهن حالت جو بيان ڀٽائي سڳوري ڪجه هينئن ڪيو آهي ...اخلاقي سبق؛
جڏهن به ڪنهنکي ٻڌجي ته پوري توجهه ۽ شوق سان ٻڌجي ته جيئن ٻڌائڻ واري کي پنهنجي علمي ڄاڻ ونڊڻ ۾ آساني ۽ شوق پئدا ٿئي ...