محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جڏهن اسان جو محبتي دوست محمد سليمان وساڻ لاڏو بڻيو​


    رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز​


    [JUSTIFY]محمد سليمان وساڻ فيس بُڪ تي اچي مونکي پي ايم ڪيو ته سر مان تمام گهڻي مصروفيتن جي ڪري توهان کي پنهنجي شاديءَ جي دعوت ڏيڻ توهان جي شهر اچي نٿو سگهان هڪڙو لنڪ ٽني پڪچر وارو ڏنائين جنهن ۾ سندس شاديءَ جي ڪارڊ جي اسڪن ٿيل تصوير جنهن ۾ سندس شادي جو ڀت13 نومبر بروز آچر سندس آباڻي ڳوٺ مٺل وساڻ تعلقو ڪوٽ ڏيجي ضلع خير پورسنڌ ۾ ٿي رهيو هو درج هو، مون سندس انهي پي ايم تي به اها دعوت قبول ڪئي ، توهان دوستن کي سُڌ هُجي ته منهنجي شهر کان راڻي پور تقريبن 6 ڪلاڪن جي مفاصلي تي نيشنل هائي وي تي آهي. جيئن ته 12 تاريخ ڇنڇر جي ڏينهن مونکي هڪڙي سچل ينگ ويلفيئر آرگنائيزيشن راڄو نظاماڻي ضلعو ٽنڊو محمد خان ۾ هڪڙي اوطاق ڪچهري پروگرام جي دعوت پڻ ملي هُئي. مون ته سچل ويلفيئر آرگنائيزيشن راڄو نظاماڻي وارن کي ان پروگرام ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي هُئي پر خدمت سنڌ فائوڊيشن جي مرڪزي آرگنائيزر محترم ڊاڪٽر احمد نوناري کي به انهي اوطاق ڪچهري واري پروگرام ۾ بحيثيت مهمان خاص جي دعوت هُئي، سو ان چيو ته سائين نثارناز توهان هلو ته تمام سُٺو ٿيندو ڪيتري به دير ٿيندي پاڻ وٽ پنهنجي گاڏي آهي دير سوير ٽنڊو محمد خان اچي وينداسين ، مون کيس چيو ته ڊاڪٽر صاحب جيئن ته مونکي سڀاڻي اسان جي سنڌ سلامت جي محبتي اوطاق جي دوست محمد سليمان وساڻ جي شادي راڻي پور ۾ آهي مونکي ان ۾ شرڪت ڪرڻي آهي راڄو نظاماڻي هلندس ته سڄي رات پروگرام هلندو آئون ٿڪي پوندس، پوءِ دوست جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ راڻي پور وڃي ڪونه سگهندس. ڊاڪٽر چيو ته راڻي پور خير پور ويندين نه مون جواب ڏنو ها راڻي پُور خير پور وارو، چوڻ لڳو نو پرابلم توکي راڻي پور پهچائڻ به منهنجو ڪم آهي ، تون رڳو 12 تاريخ واري راڄي نظاماڻي واري پروگرام ۾ هلڻ جي هاڪار ڪر، مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته سائين راڻي پور الائي ڪٿي آهي دوستن کان پُڇو اٿم ته اتان خبر پئي ته ٽنڊو محمد خان کان راڻي پو پور نيشنل هاءِ وي 6 ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي ، ڊاڪٽر جواب ڏنو ها ادا مونکي خبر آهي تو رڳو سڀاڻي صُبح جو ڇهين وڳي خدمت سنڌ فائوڊيشن پهچي وڃ توکي 6 ڪلاڪن جي جاءِ تي چارڪلاڪن ۾ راڻي پور پهچائن منهنجو ڪم آئون وري به ڪونه سمجهي سگهيس. خير مون راڄو نظاماڻي واري پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ جي حامي ڀري، 12 نومبر 2011 ٺيڪ رات جو اٺين وڳي آئون تيار ٿي خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊو محمد خان واري آفيس تي پهچي ويس، ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب منهنجو منتظر هو، سندس گاڏي ٽيوٽا ڪرولا ٽوڊي، به تيار هُئي پاڻ پنهنجي گاڏي پاڻ هلائين مونکي اڳيان ويهڻ جو چيائين ۽ سندس ڊرائيور کي بيڪ سيٽ تي ويهاري مهراڻ چوڪ کان سڌو گاڏي کي هلائيندو مير غلام علي پارڪ کان ٿيندو ماتلي بدين روڊ واري سجاول چوڪ کان مڙي راڄي نظاماڻي ڏانهن رُخ رکيائين، مون ڊاڪٽر صاحب کان سوال پڇيو ته سائين توهان ڪيئن پهچائيندا مونکي راڻي پور، ڊاڪٽر احمد نوناري چوڻ لڳو ته ڳالهه اها آهي ته سڀاڻي ٻه دوست جيڪي حيدرآباد جا آهن انهن سان گڏ ڏهرڪي ۾ ڪو سندن دوست عبدالفتاح سميجو آهي ان جي ڪنهن ويجهي عزيز جو انتقال ٿي ويو آهي انهن سان تعزيت ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ۽ ڏهرڪي جو رستو به اهو ئي ساڳوڻو راڻي پور وارو آهي، سو سڀاڻي 13 تاريخ آچر جي ڏينهن صُبح جو ٺيڪ 6 وڳي هلجائين اڇا هاڻي آئون ڳالهه سمجهي ويس ، ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب جا ايڊوانس ٿورا مڃيم ته مون پوڙهي کي بسن جي پريشانين ۽ تڪليفن کان بچايو اٿئي. ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب جي گاڏي تقريبن 25 منٽن ۾ راڄو نظاماڻي پهچي وئي. سچل ينگ ويلفيئر راڄي نظاماڻي وارن اسان جي باقائده دل جي گهرائين سان آڌر ڀاءُ ڪئي . جيئن ته سچل ينگ ويلفيئر آرگنائزيشن راڄي نظاماڻي وارن جو تمام بهترين پروگرام هو، ان پروگرام جو اکين ڏٺو احوال باقائده پنهنجي ڪنهن ايندڙ ونڊ ۾ ونڊيندس، قصو ڪوتاهه رات جو تقريبن ڏيڍ وڳي تائين ان پروگرام جي پُڄاڻي ڪري واپس ٽنڊو محمد خان آياسين، ڊاڪٽر صاحب اقصي چوڪ ٽنڊو محمد خان تي پنهنجي ڪار مان مونکي لاٿو، ۽ بار بار تاڪيد ڪندي چوندي ويو سڀاڻي صُبح جو ڇهين وڳي راڻي پور هلڻ لاءِ تيار ٿي اچجان، مون کيس جواب ڏنو ته سائين منهنجي راڻي پور هلڻ جي پيڪنگ بلڪل تيار آهي انشاالله توهان جي اچڻ کان اڳ ۾ آئون خدمت سنڌ فائونڊيشن آفيس ٽنڊو محمد خان تي صُبح جو پوڻين ڇهين وڳي توهان جو منتظر هوندس، هاڻي رات جو تقريبن ٻه ٿي چُڪا هُئا مون پنهنجي بستي(ٿيلهي) ۾ ادا محمد سليمان وساڻ جي شادي جي ڪوريج جي سلسلي ۾ ضرور سامان ، جنهن ۾ ڪئميرا، ان ۾ پوندڙ ٻن سيلن جا جوڙا ڪئميرا ۾ پوندڙ ميموري ڪارڊ، پنهنجي ڊائري، پنهنجي عينڪ، هڪڙو ڪپڙن جو وڳو ، به بال پينون، هڪڙو ٽوال، ٻه رومال چيڪ ڪري رکيا. ماسات سڳوري کي چيم ته ماسات باقي هڪڙي اهم ترين شي ءَ رهجي وئي چوڻ لڳي نه مولائي سڀ سامان پيو آهي، نه ماسات هڪڙي اهم شيءَ رهي پئي آهي آئون صُبح جو ڇهين وڳي راڻي پور لائي ويندس ان شيءَ کان سواءِ هڪڙو قدم کڻي ڪونه سگهندس؟.......................! ماسات سڳوري سوچن ۾ پئجي وئي، اڙي ها ها ! سمجهي ويس، توکي ڏوڪڙن جي ضرورت آهي............. ماسات واهه جو کوڙو ڀڳو اٿئي.................... مون جواب ڏنومانس، ڪالهه کان وٺي منهنجو کيسو صفا ٺلهو لڳو پيو هو پينشن وارا ڏوڪڙ به هيلوڪين شادين سبب هلي چُريا،.............................. چوڻ لڳي مولائي مون وڏي پُٽ کان تنهنجي سنڌ سلامت واري جي شادي ۾ وڃڻ لاءِ ڏوڪڙ وٺي ڇڏيا هُئا............... ماسات سڳوري الماري کولي پنهنجي ڪپڙن جي هيٺان رکيل پيسا ڪڍي ڏنا .......... چوڻ لڳي ڪافي آهن يا ............................. مون جواب ڏنا ته ماسات اڃان پيسا ڏي ..... ڪهڙو آئون پيسا کپائيندس، بس ڪجهه شاديءَ جي گهور لکائيندس ، ڪجهه ڪو هار يا محمد سليمان وساڻ لاءِ ڪو تحفو وغيره وٺندس، جواب ڏنو مانس........... ماسات سڳوري چيو ته صبر ڪر........... ڏيان ٿِي....... بنڊالي جنهن کي ڪافي دوست گُگهه ڪري به ڪوٺيندا آهن ، الماري مان ڪڍي ٺڪاءُ پٽ ڪيائين ، ان بنڊالي مان سئو سئو ۽ پنجاهه پنجاهه وارا نوٽ جيڪي به هئا سڌا ڪري منهنجي حوالي ڪيائين ............. دوستو هاڻي اسان عمر جي پنجاهين ڏهاڪي کان گُذري ويا آهيون، ماسات سڳوري جي انهي بنڊالي ڀڃي مونکي پيسا ڏيڻ جي واقعي تي مونکي حد کان وڌيڪ پيار ماسات سڳوري تي اچڻ لڳو، هاڻي رات جا ٽي وڳي چُڪا هُئا، سو ماسات سڳوري کي شب خير چئي هڪڙو پاسو وٺي پنهنجي دل تي هٿ رکي ڪلمو ڀري دل کي چيم ته هينئر رات جا ٽي وڳا آهن الله جي حُڪم سان مونکي صُبح جو پنجين وڳي اٿارجان.......................... جيڪي دعائون ياد هيون پڙهي سمهي پيس، بس قدرت خدا جي ٺيڪ صُبح جو پنجين وڳي هڪ منٽ نه اڳيان نه هڪ منٽ پويان اک کُلي پئي.......... هاڻي ائين آهي يا ناهي پر مان ڪيترو به دير سان سمهان پر ائين ٻه اکر چئي دل کي چوندو آهيان ته باقائده اک کُلي پوندي آهي ................. ائين ڇو ٿيندو آهي ڇاجي ڪري ٿيندو آهي مونکي ڪا خبر ڪانهي وڌيڪ خبر الله سائين کي ........... جيئن ته ماسات سڳوري منهنجي ڪپڙن کي پريس (استري) ڪري رکي ڇڏيو هو سو جلدي باٿ روم ۾ وڃي وهنجي سهنجي تيار ٿي آيس، وارن ۾ ڪجهه ڦڻي ڦيرائي سنڌي ٽوپي پائي ڪجهه خوشبو پرفيوم واريون پنهنجي ڪپڙن تي لڳايم، سامهون گهڙيال ۾ ڏٺم ته صُبح جا ساڍا پنج ٿي رهيا هُئا بستو (ٿيلهو پنهنجي ڪُلهن ۾ وڌم منهنجي ننڍڙي ثنا جيڪا پنهنجي ماءُ سان گڏ ڀاڪر پائي سُتي پئي هُئي ان جي نرڙ تي چُمي ڏنم الله سائين کان دُعاگهري ماسات کي هلڪي سان سڏ ڪري چيو ته ماسات هاڻي مان راڻي پور وڃان پيو دعا ڪري ڇڏجان، ٻچڙن کي جلدي اسڪول روانو ڪجان، ان ڪري چيو ته صُبح جو پنهنجي ٻچڙن کي تيار ڪري اسڪول روانو ڪرڻ جي ذميواري منهنجي هُئي مونکي خبر هُئي ته مونکي ٻه ڏينهن لڳي ويندا سو ان ڪري پنهنجي ماسات کي چيم ته صُبح جو جلدي اٿي ٻارن کي تيار ڪري اسڪول موڪلجان.... ٺيڪ پنج لڳي چاليهه منٽن تي پنهنجي گهران نڪتس، تقريبن ستن منٽن ۾ خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊو محمد خان جي آفيس جي دروازي تي پهتس، آفيس جو دروازو بند هو، ڊاڪٽر احمد نوناري جي چوڻ مطابق آئون پنج منٽ پهرين پهچي ويس، ٺيڪ ڇهين وڳي ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب کي موبائل جي ڪال ڏنم پاڻ چوڻ لڳو ته بس آئون تيار ٿي اچان پيو ........ ٺيڪ ساڍي ڇهين پنهنجي ٽويوٽا ڪرولا ۾ ڊاڪٽر صاحب پهچي ويو، اسان الله سائين جو نالو وٺي اسان پنهنجي پنهنجي منزلن تي وڃڻ لاءِ حيدرآباد وارو رستو وٺي روانه ٿي ويا سين. تقريبن ست لڳي ڏهن منٽن تي اسان حُسين آباد حيدرآباد پهتاسين اتان ڊاڪٽر صاحب جو دوست پير بخش پٺاڻ صاحب ڏهرڪي هلڻ لاءِ تيار ويٺو هو، ٿورو اڳيان آياسين ته نسيم نگر قاسم آباد ۾ هڪڙو ٻيو دوست ڊاڪٽر صاحب جنهن جو نالو محترم لونگ جکراڻي جيڪو پنهنجي گهر جي دروازي تي تيار ويٺو هو[/JUSTIFY] ڊاڪٽر صاحب ان کي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهاريو فرنٽ سيٽ تي محترم پير بخش پٺاڻ کي ويهاريو(جاري آهي(

    [​IMG]


    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو شهزادو محترم محمد سليمان وساڻ زندگي جي خوبصورت ترين سفر جي ابتدا ويلي۔


    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز ۽ سنڌ سلامت جو منتظم اعلى محترم عبدالرشيد سمون ساڄي کاٻي پاسي وچ ۾ گهوٽ محترم محمد سليمان وساڻ ، خوشين جي وارجڻ جو انتهائي دلڪش منظر

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز، پاسي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل گهوٽ محترم محمد سليمان وساڻ سان گڏ۔

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنڌ سلامت جو گهوٽ محمد سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت جو سينئر ميمبر محترم عبدالواحد سومرو آف ڀٽ شاهه

    [​IMG]
    گهوٽ محمد سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت جو ايڊيٽر محترم اسد علي ميرجت آف ڄامشورو سنڌ

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو لاڏو محترم محمد سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت جو سينئر ميمبر محترم محمد عرس پريو

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو ايڊيٽر محترم سائين مولوي رحيم بخش ڏاهري آف مورو سنڌ، سنڌ سلامت جو منتظم اعلى محترم سائين عبدالرشيد سمون آف ڪراچي ۽ دادو، سنڌ سلامت جو سينئر ميمبر محترم محمد عرس پريو آف ڪراچي ۽ دادو۽ سنڌ سلامت جو ايڊيٽر محترم اسد علي ميرجت ”مست“ آف ڄامشوروسنڌ سنڌ سلامت جي گهوٽ محترم محمد سليمان وساڻ کي دل جي گهرائين سان اسپيشلي تيارڪيل شيلڊ سندس شاديءَ جو خوشيءَ کيس تحفي طور ڏيئي رهيا آهن۔
    [​IMG]
    سنڌ سلامت جون اهم ترين ۽ محنتي شخصيتون محترم منتظم اعلى سنڌ سلامت سائين عبدالرشيدسمون سنڌ سلامت جو ايڊيٽر اسد علي مست ۽ سنڌ سلامت جو انتهائي محنتي ۽ سپر ايڊيٽر محترم وحيد ڦلپوٽو آف شڪارپور جيڪي محمد سليمان وساڻ کي شاديءَ جون واڌايون ڏيڻ لاءِ ڳوٺ مٺل وساڻ تعلقو ڪوٽ ڏيجي ضلع خير پور ۾ ڪهي آيا۔ ​
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    سنڌ سلامت جي سهڻي ۽ من موهڻي ٽيم جا سهڻا رڪن ۽ انتظاميه ڪارڪن جو ادي سليمان وساڻ جي شآدي ۾ شرڪت دوران ورتل هي گروپ فوٽو ۽ سائين نثار ناز جي تفصيلي رپورٽ سائين نثار ناز جي ٿورن سان اسان تائين پهتي سائين نثآر ناز جا لک ٿورا اسان جو ادي سليمان کي زندگي جو نئو سفر شروع ۽ انهن جي شادي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي اسان جو ادي سليمان کي ان پر مسرت موقعي تهي کوڙ ساريون دعائون ۽ نيڪ تمنائون ارسال ڪجن ٿيون ۽ سنڌ سلامت جي پورِ ٽيم کي گڏ ڏسي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي سائين نثار ناز اوهان اسان جي علائق ۾ آيا ڪاش اسان به هجون ها ته اوهان کي پورو هڪ هفتو واپس نه ڇڏيون ها ڀلي اسان واري امان ( اوهان جي ماسات سڳوري) پئي اوهان کي ڌمڪيون ڏي ها ته جي نٿو اچين ته اتي ئي رهي پئيو ههههههههههههه پر قسمت سان اسان نه هئا سي باقي اوهان جي هي تفيلص ڪوريج تمام گهڻي پسند ائي مهرباني اوهان جي شيئرنگ جي ۽ ادي سليمان کي هڪ دفعو ٻيهرزندگي جو نئو سفر شروع ڪرڻ تي لک لک واڌايون ۽ نيڪ تمنائون .....
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    تصويرون ڏسي لڳي ٿو ته ڪيمرائن وارن گهوٽ سان گڏ فوٽو ڪڍرائي ڪڍرائي اصل گهوٽ جا ڪم ئي لاهي ڇڏيا هوندا ههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه هڪ گهوٽ هزارين ڄاڃي ڪنهن سان گڏ فوٽو ڪڍرائي هههههههههههههههههههههه
     
  4. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    سائين نثار قبله توهان جي تفصيلي رپورٽ وٿ تصويرون ڏاڍيون پسند آيون، تمام گهڻي خوشي ٿي جو توهان سنڌ سلامت جي سهڻي اڱڻ جا مالڪ ادا سليمان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ويٺا آھيو،
    ادا سليمان کي اسان شادي جون لک لک مبارڪون ٿا ڏيون،
    سنڌي سلامت جي ٽيم سميت سڄي سنڌ جا سڀئي سنڌي سانگيئڙا سدا سخيا هجن، مهربانيون
     
  5. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    سائين نثار ناز توهان جو تفصيلي ليک بهترين آهي ، باقي امڙ جي ڀانڊاري نه ڀڄي ها ته سٺو هو ۔
    شايد اڃا اڌورو آهي اڃا وڌيڪ لکجو ۽ اسان سان شيئر ڪجو ، بابل سائين تمام سٺو لڳو پڙهي ائين محسوس ٿيو بلڪل ڪنهن صفر نامي جيان ڄڻ اسان گڏ گڏ هجون
    ۽ منهنجي طرفان ڀاء سليمان وساڻ کي ڀيڻ طرفان شادي جون لک لک واڌايون قبول پون ۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    ادا سائين نثار احمد ناز صاحب سڀ کان پهريان ته اوهان جي وڏي مهرباني جو توهان اسان کي ادي سليمان وساڻ جي شادي جو تفصيلي حال احوال ڏنو
    ادي سليمان کي وري به شادي جون لک لک واڌايون پيش ٿا ڪريون ۔
     
  7. علي چوهاڻ کيبرائي

    علي چوهاڻ کيبرائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    ادا اسان ترفان توهانکي نئين سفر جون مبارڪون ادا 14 11 2012 تي اسان جي ننڊڙي ڀائيتي جون ادوانس مبارڪون سندس عقيقي ۾ ضرور گهرائجا متان شادي جي دعوت وانگر وساري ڇڏين
    علي چوهان
     
  8. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    تمام مهربانيون جهوني سائين جون۔۔۔۔!
    تصويرون ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي پر سائين جن سان تمام گهڻي معذرت جو اسان نه اچي سگهياسين ڇو ته شادي وارو ڪارڊ نظر مان نه گذريو نه ته دعوت نه هوندي به حاضر ٿيون ها باقي فقير سائين سان ۽ ادي سليمان سان شڪايتون رو برو ڪبيون۔۔۔۔۔
    سائين سليمان کي دل جي گهراين سان شادي مبارڪ۔۔۔۔۔۔!
     
  9. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    سائين نثار صاحب جا لک لائق جو ادا سليمان جي شادي ۾ شرڪت ڪيائون ۽ روايت مطابق ان شادي جو تمام ڊگھو ۽ طويل تفصيل ونڊ ڪيو جيڪو مون ٻن يا ٽن قسطن ۾ پڙھيو، توڙي جو ان شادي ۾ مون به شرڪت ڪئي ھئي۔ مونکي ان شادي ۾ شرڪت جو ان لا۽ به وڌيڪ اشتياق ھيو جو سمٍجھيم ته سنڌ سلامت جي دوستن سان ان بھاني ملاقات به ٿي ويندي۔ مونکي تمام گھڻي خوشي ٿي سنڌ سلامت جي سڀني دوستن سان ۽ ادا سليمان وساڻ سان پھريون ڀيرو روبرو ملاقات ڪري۔ پر سچ پڇو ته سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالھ منھنجي ّخوشي جو سبب بڻي اھا آھي ته سائين نثار احمد ناز سان به پھريون دفعو روبرو ملاقات جي سعادت پڻ نصيب ٿي۔ منھنجي زندگي جو اھو خوشگوار ۽ اڻ وسرندڙ لمحو ھيو۔ من
    [​IMG]
    http://i44.tinypic.com/107kpya.jpg
    http://i43.tinypic.com/33ygmsj.jpg
    [​IMG]
     
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    سائين نثار ناز۔سڀ کان پهرين ته وڏي مهرباني شادي تي هڙان وڙان وس ڪري پهچڻ جي ۽ تفصيلي احوال ڏيڻ جي ۽ ايندڙ قسط جو شدت سان انتظار رهندو۔

    سليمان وساڻ ته ڄڻ پاڻ ارپي ڇڏيو آهي سنڌسلامت کي۔ مون جڏنهن فون ڪري شادي جي مبارڪباد ڏني ته مبارڪباد وصول ڪندي ئي ٻي ڪا ڳالهه ڪرڻ بجاءِ خوشي وچان اهو شيئر ڪيائين ته سنڌسلامت جا دوست آيا هئا سو ڏاڍو خوش آهيان۔ پاڻ سنڌ، سنڌين ۽ سنڌ سلامت لاءِ گهڻو اونو رکن ٿا۔ ڌڻي پاڪ کان دعا آهي ته شل سندس ازدواجي سفر ڪامياب ۽ ڪامران رهي۔

    هن احوال جي ٻي به هڪ خاص ڳالهه آهي جو سنڌسلامت تي جادوگر، مست، فقير جهڙا دوست به فوٽوز ۾ نظر آيا۔ نه ته سندن سڃاڻپ نه ڪو نالي مان ممڪن آهي نه وري انهن پنهنجا پروفائيل پڪچر ڏنا آهن۔ سو نالو مست ۽ جادوگر ئي سهي پر ديدار ته نصيب ٿيو۔

    منهنجي محبوب رشيد سمون جا تازه ترين فوٽو ڏسي به اکيون ٺريون۔ شل جڙيو هجي جهان ۾۔

    هڪدفعو وري دعا آهي ته عالم سڄي جي ڌڻي مٺي کان سنڌ ۽ سنڌواسين جي سلامتي قئم ۽ دائم رهي۔
     
  11. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    ادا نثار ناز صاحب اسلام عليڪم۔سائين منهنجا اسان جي هن محبتي اڳڻ جي روح روائن محترم سليمان وساڻ جي شادي جي تقريب جا ڪجه ڦوٽو جيڪي توهان جي ڪيمرا ۾ قيد ٿئي هن فورم جي ڪينئوس جي زينت بنيا ،ڏسي اسان کي به انتها خوشي ٿئي۔الله پا ڪ شل ادا سليمان ۽ انهن جي وني جي درميان تمام گهڻيون محبتون پيدا ڪري۔هنن جي ازدواجي زندگي ۾ هميشه خوشيون هجن ۽ هو ڪنهن قسم جو ڏک نه ڏسن۔اسان محترم سنڌي نور سان متفق آهيون ته اوهان جي شادي جي باري م رپورٽ يا ائين کڻي چئون ته رننگ ڪمينٽري اڃا تائين ادهوري آهي۔ان کي جلدي مڪمل ڪيو ڇاڪاڻ ته توهان جي تحرير جو انداز هر پڙهندڙ کي ايئن محسوس ڪرائيندو آهي ڄڻ ته هن پاڻ ان محفل ۾ شرڪت ڪري ان مان لطف انداز ٿيو هجئي ۔توهان جي ڪڍيل ڦوٽن جي ذريعي ڪجه وڌيڪ ميمبرن جي چهرن کان اسان روشناس ٿياسين ۔ ادا سليمان وساڻ جو چهرو گهوٽ جي روپ ۾ ڏاڍو چمڪندڙ نظر اچي رهيو اهي۔ادا حقيقت ۾ انهن جي چهري ته نور آيو هئو يا اوهان جي ڪيمرا جو ڪمال آهي۔توهان جون مهربانيون جو اهڙا بهترين ڦوٽو هن فورم تي ونڍ ڪيا اٿئو۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    مان ٿورائتو آهيان محترم علي علي جو محترم عرفان ديشي جو، ڀيڻ سنڌي نور صاحبه جو، محترم رياض حُسين گُلال جو، محترم علي چوهاڻ کيبرائي جو، محترم آرزو جو محترم عبدالواحد سومرو جو، محترم عبدالحفيظ لغاري جو ۽ محترم غلام مصطفي ميمڻ صاحب جن جو جو کين سنڌ سلامت جي پرين پياري محترم محمد سليمان وساڻ جي شادي جو احوال پسند آيو، دوستو مان ڪافي ساري ڪوشش ڪئي ته محمد سليمان وساڻ جي شادي جو حوال هڪ ئي ونڊ ۾ ونڊيو وڃي پر افسوس جو هي ٻي قسط موڪليان پيو ان ۾ اڃان تائين سليمان وساڻ جي شادي واري ڀت ۾ نه پهچي سگهيو آهيان ۔ ڏسون ٿا ته ڇا ٿو ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ۽ جڏهن محمد سليمان وساڻ گهوٽ بڻيو

    قسط ٻي

    رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز​



    انهي دوران ڊاڪٽراحمد نوناري منهنجو انهن ٻنهي دوستن محترم پيربخش پٺاڻ آف حُسين آباد ۽ محترم لونگ جکراڻي آف نسيم نگر قاسم آباد سان تعارف ڪرايو، اسان جي گاڏي واڌو واهه وارو رستو وٺي باءِ پاس واري رستي کان سڌو نيشنل هاءِ وي تي آئي، گاڏي محترم لونگ جکراڻي هلائي رهيو هو ۽ ان جي باري ۾ اها ڄاڻ ملي ته پاڻ واپڊا ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان سروس ڪن ٿا ۽ پير بخش پٺاڻ جي باري ۾ ڄاڻ ملي ته پاڻ ايجوڪيشن ۾ سروس ڪن ٿا، جڏهن مونکان انهن دوستن پڇيو ته توهان ڇا ڪندا آهيو ته مون کين جواب ڏنو ته شاعر آهيان، ۽ صفا واندو مل آهيان.........! محترم پير بخش چيو ته الائي ڪهڙي قسم جي شاعري ڪندا آهيو، ته ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب جواب ڏنو ته سائين نثارناز سُٺو شاعر آهي . مون کين جواب ڏنو ته الائي سُٺو آهيان يا نه پر پنهنجي پاڻ کي سدائين ٽي نمبر وارو شاعر سڏائيندو آهيان ، ان دوران ڪافي ٻيون ڳالهيون به ٿينديون رهيون، ڏٺم ته اسان جي گاڏي خيبر تائين پهتي هُئي ، مزي جهڙي ڳالهه اسان چار ئي ڄڻا ڊاڪٽر احمد نوناري ، محترم پير بخش پٺاڻ ، محترم لونگ جکراڻي ۽ مان صفا صوفي ڪنهن به قسم جي سگريٽ نشي پتي کان پاڪ، جڏهن اسان اها ڳالهه محسوس ڪئي ته ڪار ۾ ويٺل سڀئي ڄڻا تمام خوش ٿياسين، محترم پير بخش ۽ مان هم عمر هُئاسين ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ محترم لونگ جکراڻي هم عمر . هاڻي اسان جي گاڏي ذري گهٽ سئو جي اسپيڊ سان مٽياري شهر جي حد ڪراس ڪري رهي هُئي، ايتري ۾ ڪار هلائيندڙ محترم لونگ جکراڻي مونکي چيو ته سائين ڪار شاعر ويٺل آهي ۽ خاموشي تاري آهي ، مون سان مخاطب ٿيندي چيائين ناز سائين ڪجهه ٿي وڃي ، منهنجي سدائين اها عادت رهي آهي ته پنهنجي شاعري مناسب فورم کان سواءِ ڪونه ٻُڌائيندو آهيان .! مناسب فورم مان مراد اها آهي ته ڪو مشاعرو هُجي ڪا ادبي ويهڪ هُجي اتي ئي پنهنجي شاعري ٻُڌائيندو آهيان. سو مون کين چيو ته سائين ضرور شاعري ٻُڌائبي ڪنهن وقت تي. ايتري ۾ محترم پير بخش پٺاڻ چيو ته هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙي واندڪائي وارو وقت هوندو ، سفر به سُٺو ڪٽبو ۽ توهان جي شاعري جي خبر به پئجي ويندي ته ڪيتري پاڻي ءَ ۾ آهيو. ٻئي همراهه انتهائي سوبر طبيعت جا مالڪ هُئا، ڳالهه ۾ ڳالهه خوشي وکيرڻ شايد سندن فرائض منصبي ۾ هو. مون کين چيو ته ڀلا توهان شاعري مجازي ٻُڌاندا يا، قومي، لونگ جکراڻي چيو ته سڀ کان پهرين مجاز جي رنگ مان ڪجهه ونڊيو.
    مان اڳ ۾ به لکندو آيو آهيان ته مان ڪڏهن به ڪنهن ڊائري يا ڪاپي جو محتاج نه رهيو آهيان پنهنجي شاعري جي سلسلي ۾ اڪثر مونکي پنهنجي شاعري بر زبان ياد هُوندي آهي .فقط رڪارڊ لاءِ ضرور پنهنجي شاعري ڊائري ۾ لکي ڇڏيندو آهيان . سو پنهنجو هڪڙو پراڻو غزل کين ٻُڌايم تمام گهڻا خوش ٿيا، اهڙي طرح ڪافي ڏينهن کانپوءِ پنهنجي شاعري هنن تمام ڀلوڙ دوستن کي ٻُڌايم کين شاعري سان گڏ منهنجو انداز بيان به بقول هُنن جي ته سُٺو لڳو.
    ايتري ۾ ڊاڪٽر احمد چيو ته سڪرنڊ جو نوناري سي اين جي اچي ويو اتي چانهه پيئنداسين ، جيئن ته نوناري سي اين جي اسٽيشن نوناري برادران جو آهي ۽ ان جو مالڪ ڊاڪٽر احمد نوناري کي سُڃاڻندو هو، ڪافي ڏيٺ ويٺ هُئس ڊاڪٽر احمد نوناري موبائل تي چيس ته اسان توهان جي سي اين جي تان سي اين جي ڀرايون پيا، نوناري سي اين جي اسٽيشن جو مالڪ فوري پنهنجي آفيس مان نڪري آيو ۽ اسان جي آجيان ڪندي اسان کي ڀليڪار چئي ۽ اسان کي پنهنجي آفيس ۾ وٺي ويو، ان آفيس ۾ اين جي او جو غفار ملڪ به ويٺو هو، سڀني دوستن ان سان دعا سلام ڪئي، ايتري ۾ سُٺن ڪوپن ۾ چانهه ۽ خوبصورت پليٽن ۾ بسڪوٽ اچي ويا. چانهه بسڪوٽ کان پوءِ سامهون گهڙيال ۾ نظر وڌم ته صُبح جا ڏهه ٿي رهيا هُئا. اتان موڪلائي وري ڪار ۾ ويٺاسين ، جيئن ته ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ مان ادبي پروگرام ۾ شرڪت سبب دير سان سُتا هُئاسين سو ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ مان ٿوري دير لاءِ ڪار ۾ آرام لاءِ سمهي پياسين. ايتري ۾ منهنجي اک کُلي ته سامهون بورڊ تي نظر پئي ته اسان موري شهر کان گُذري رهيا هُئاسين. مون هڪڙي موبائل ڪال ڏني گهوٽ محمد سليمان وساڻ کي ۽ کيس ٻُڌايم ته مورو شهر ڪراس ڪري ڇڏيو اٿم ، سليمان وساڻ ڏاڍو خوش ٿيو ، ان چيو ته سموري سنڌ سلامت واري سنگت تقريبن پُهچي چُڪي آهي سائين فقط توهان جو شدت سان انتظار پيو ٿئي ، توهان تقريبن ڏيڊ ڪلاڪ ۾ پهچي ويندا . بس ادا اچان پيو ائين چيئي مون پنهنجو موبائل بند ڪيو.اڌ ڪلاڪ کان پوءِ موبائل ڪال سنڌ سلامت جي سينئر ميمبر محترم عبدالواحد سومرو آف ڀٽ شاهه جي آئي جيڪو پنهنجي روزگار جي سلسلي ۾ سکر ۾ رهندو آهي، مون کيس موبائل تي السلام عليڪم چيو ۽ پُڇيو ته ڪٿي آهين چوڻ لڳو ته سائين مان سليمان وساڻ سان گڏ سندس شادي واري تقريب ۾ شريڪ آهيان، اڇا تون پهچي وئين . چوڻ لڳو سائين مان ڪلاڪ اڳ ۾ پهتو آهيان ويس پي ته دوستن چيو توهان اچو پيا ان ڪري توهان سان ملڻ جي آس ۾ ويٺو آهيان ، دوستن کي سُڌ هُجي ته ادا عبدالواحد سومرو به منهنجو انٽر نيٽ جو دوست آهي ساڻس ڪڏهن به ملاقات نه ٿي آهي مونکي خود تمام گهڻي آس هُئي ته عبدالواحد سومرو سان ملجي. بس چيم ته ڪنڊيارو ڪراس پيو ڪريان ، چوڻ لڳو ته سائين هاڻي جلدي اسان جي انتظار جون گهڙيو ن ختم ٿينديون. ڪار ۾ ويٺل دوست منهنجي انهن ڳالهين تي تمام گهڻا متاثر نظر اچي رهيا هُئا ۽ سنڌ سلامت جي دوستن جي محبتن جو بار بار ذڪر ڪري رهيا هُئا جتي دنيا ۾ انسانيت نالي جي ڪا شي ڪانه رهي آهي اُتي ............... انٽرنيٽ جا دوست باقائده پنهنجي غمين خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پري پري جو سفر ڪري ايندا آهن ۽ هڪ ٻي سان ملندا آهن . ان کان علاوه هو انهي ڳالهه تي به خوش هُئا ته سنڌ سلامت هڪڙو خالص سنڌي فورم آهي. ۽ انهن جا سمورا دوست پنهنجي هڙان وڙان سچائي سان خرچ ڪري سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪري رهيا آهن...! هاڻي اسان ضلع راڻي پور جي حد ۾ داخل ٿي چُڪا هُئاسين ٽول پلازه راڻي پور تي پهتاسين ته مون سليمان وساڻ کي موبائل ڪال ڪئي . کيس چيم ته راڻي پور ٽول پلازا ڪراس ڪري ڇڏيو اٿم ته پاڻ چوڻ لڳو ته ڪوٽ ڏيجي ۽ ڪُنب شهر ڏانهن وڃڻ واري چوڪ تي لهي اتان وڃڻ واري وين ۾ ويهي ڪُنب شهر ۾ لهو اتان توهان کي اسان جو ڊرائيور پڪ ڪندو. ايتري ۾ ڪار هلائيندڙ محترم لونگ جکراڻي چيو ته سائين توهان جي منزل مقصود پهچي وئي سامهون اشارو ڪندي چيائين ته ڪُنب شهر وڃڻ وارو چوڪ اٿئي اتان توکي آساني سان وين ملي ويندي ڪُنب شهر لاءِ مان ڊاڪٽر احمد نوناري ، محترم لونگ جکراڻي ۽ سائين پيربخش پٺاڻ کان موڪلايو ته انهن چيو ته سائين توهان جي واپسي ڪهڙي ٽائم تي ٿيندي جو ڏهرڪي مان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ واپس اچون ته وري توهان کي کڻندا هلون مون کين چيو ته توهان کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهرڪي پهچڻ لاءِ ٻه يا ٽي ڪلاڪ لڳندا موبائل آهي جيئن ئي شادي جي خوشين مان فارغ ٿيندس ته رابطو ڪري وٺنداسين . ائين چيئي موڪلائي بستو (ٿيلهو) ڪُلهي ۾ لٽڪائي اچي ڪُنب شهر وڃڻ واري چو ڪ تي بيٺس ته سامهون وين آئي پئي وين ڪلينر آواز لڳائي رهيو هو ڪنُب شهر ڪُنب شهر مان وڌي اچي ان ۾ ويٺس اتان خبر پئي ته ڪُنب شهر راڻي پور کانپوءِ تقريبن اٺ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي ، وين وارن مونکان 15 روپيا ڪنب شهر وڃڻ جو ڪرايو ورتو. 10 منٽن ۾ ڪُنب شهر پهچي ويس. ڪُنب اسٽاپ تي پهتس ته پويان هڪڙي همراهه ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو ته سائين ڀلي ڀلي ڪري آيا، سامهون ڏٺم ته اسان جي سنڌ سلامت جا ٻه تمام محنتي ايڊيٽر محترم مولوي رحيم بخش ڏاهري آف مورو ۽ محترم اسد علي ” مست“ مير جت هُئا ، جيئن ته انهن دوستن سان منهنجي اڳ ۾ ملاقات ٿيل هُئي سو انهن سان خوش خير عافيت ڪيم ، سليمان وساڻ پنهنجي ڊرائيور سان گاڏي سميت محترم مولوي رحيم بخش ڏاهري ۽ محترم اسدا علي مير جت کي مونکي ويلڪم ۽ کڻي اچڻ لاءِ موڪليو هو، مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي . وڌي اچي ڪار ۾ ويٺاسين ڳوٺ مٺل وساڻ تعلقو ڪوٽ ڏيجي ضلع خير پور وڃڻ لاءِ جتي اسان جو پرين پيارو اسان جو ننڍڙو ڀاءُاسان جي سنڌ سلامت جو انتهائي قابل ۽ محنتي ، محبتي دوست محمد سليمان وساڻ گهوٽ ٿيو ويٺو هوندو. اسان سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين وچ ۾............. محبتون ورهائبيون هونديون ، پيار نڇاور ٿيندا هوندا ، سڀ کان وڏي ڳالهه ته سليمان وساڻ جي شادي جو ڀت به کائبو، ڀت ته ساري ڄمار پيا کائبا آهن پر شادي جي ڀت جي کائڻ جو هڪ پنهنجو مزو آهي. (جاري آهي)

    [​IMG]
    محترم سليمان وساڻ جي ٻن سئوٽن الائي ماساتن الائي ماروٽن جي به شادي هُئي انهن جا نالا نه ٿا اچن بحرحال تصويرون پيش خدمت آهن

    [​IMG]
    محمد سليمان وساڻ جي شاديءَ ۾ آيل هڪڙو مهمان

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جادوگر محترم عبدالرشيد سمون محترم طاهر سنڌي ڀلا ڀائي لئي ڪري آيو هو پنهنجي ٿيلهي تي سنڌ سلامت لکائي آيو هو سڀني سنگت جو نظرون انهي ٿيلهي ۾ هُيون همراهه ٿيلهي مان هٿ ئي نه ڪڍي بهرحال سندس ٿيلهي تي سنڌ سلامت لکائي اچڻ هڪڙي نئين تبديلي هُئي جيڪا سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي پسند آئي۔ مان بحيثيت سنڌ سلامت جي سرپرست اعلى جي سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي گُذارش ڪندس ته هو به اهڙيون خوبصورت تبديليون آڻين ته جيئن دنيا جي هر ڪنُڊ ڪُڙڇ ۾ اهڙو بستو (ٿيلهو ) پهچي ته هرڪو ماڻهو سمجهي وڃي ته هو ڏسوسنڌ جي محبتي سنڌي ماڻهن جي محبتي سنڌي اڱڻ سنڌ سلامت جو نمائندو وڃي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    يار هن ماڻهوءَ سان دل کولي ملي نه سگهيس اهو سور ساري عمر دل ۾ رهندو ، ڇو ته مان هن ماڻهوءَ سان اڳ ۾ ڪونه مليو هُئس صرف ڳالهائيندو هُئس، اهو افسوس ساري ڄمار رهندو، ڀائو هي ڪو ٻيو ڪونهي هي پرين ماڻهو ڍول ماڻهو، دلبر ماڻهو، چنڊ ماڻهو ، تارو ماڻهو، هيرو ماڻهو، اسان جي سنڌ سلامت جو سپر مين (سپر ايڊيٽر ) محترم وحيد ڦلپوٽو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ افسوس هن مٺڙي ماڻهوءَ سان ڳالهائي نه سگهيس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شال جُڙيو هُجي آمين

    [​IMG]
    واهه راڻا طاهر سنڌي تنهنجي لئي لڳي پئي آهي ساڻس گڏ اسان جو محترم عرس پريو ۽ سائين رحيم بخش ڏاهري صاحب

    [​IMG]
    مسين مسين جادوگر سائين عبدالرشيد سمون اڪيلو مليو آهي ، ”ناز“ سنڌ جا سپوت سارا حسين ، ڄڻ ته هيرا ۽ لال ماشاالله

    [​IMG]

    هي همراهه به اڪيلو ملي ويو آهي سڃاڻونس ته خبر پئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀائو هنٽس ڏيان ٿو ۔۔۔۔۔ لاکيڻي لطيف جي نگريءَ جو آهي۔۔۔۔۔

    [​IMG]
    اڇن ڪپڙن وارو همراهه لڳي پيو ته گهوٽ محمد سليمان وساڻ جو ڀاءُ يا دوست آهي باقي ته توهان کي خبر آهي هڪڙو نئون نئون گهوٽ ٿيو آهي ٻيو اڳ ۾ لاڏو ٿي چُڪي آهي ڀائو ناراض ڇو ٿا ٿيو اهي محمد سليمان وساڻ ۽ اسد علي ميرجت (مست ) آف ڄامشورو آهن۔​

    اچان ٿو ملتي هين بريڪ ڪي بعد
     
  13. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    واهه سائين واهه اڃان ڀت تائين نه پيا پهچو لڳي ٿو اوهان کي به تقريب ۾ ڀت دير سان ملسو هو سو اسان کي به پيا انتظار ڪرايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جو انداز ئي اهڙو آهي جو جيڪي اسان جهڙا ماڻهو شادي ۾ نه پهتا اهي به ڄڻ شريڪ ٿي ويا۔۔۔ پر ادا هاڻي سسپينس خرم ڪري شادي فائنل ڪريو
     
  14. Mohammad Jan Balooch

    Mohammad Jan Balooch
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 مارچ 2011
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    لڪي آٽو سينٽر پير پکڙوئي لعل
    ماڳ:
    پير پکڙوئي لعل پوسٽ آفيس يارو لنڊ تعلقو مير پور ما
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    ڀا سليمان وساڻ کي شادي جون کوڙ ساريون مبارکون ،، تمام ًگهڻين دوعاون سان گڏ ته رب العزت اڃا وڌيڪ خوشيون ڏي
     
  15. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي اهڙيون بهترين تصويرون ڏسي ڪري۔
     
  16. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    [​IMG]


    صدقو وڃان! رشيد جو ديدار ٿيو۔
     
  17. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    جي ادا بلڪل ادا سليمان سان ته حساب ڪتاب ٿيندو
     
  18. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    [SIZE="5"]سائين ادا نثار ناز قسط نمبر ٽئين جو انتظار رهندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔[/SIZE]
     
  19. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    سنڌ سلامت جي ٻين دوستن جيان هن ناچيز “مست” به ادا سليمان کي سندس وهانءَ جي مبارڪ موقعي تي کيس گلي ملي مبارڪباد ڏني۔ تمام گهڻو مزو آيو ۽ ان بهاني سان سنڌ سلامت جي دوستن سان گڏجاڻي به ٿي وئي۔۔ مان به اهو سوچي ادا سليمان جي شاديءَ جو ڀت کائڻ لاءِ نڪتم ته ان بهاني سان ادا سليمان جو دل کولي ديدار ڪري اچون۔ ڪهڙي خبر متان کيس شاديءَ کان پوءِ سندس گهرواري ايئن چئي جيئن اسان کي پنهنجيون گهرواريون چونديون آهن ته اها سنڌ سلامت ويب سائيٽ ته نه ٿي ڄڻ اسان مٿان پهاڄ ٿي ۔۔ هههههههه
    بهرحال سائين نثار ناز جو به ڪيترن ئي ڏينهن بعد ديدار ٿيو۔ سندن طرفان قسطوار هي جيڪو سفرنامو پيش ڪيو پيو وڃي اهو به لاجواب آهي۔۔۔
    مون کي راڻي پور ۾ سائين نثار ناز هڪ ڳالهه تي زور ڀريو پر مون سندس چيو نه ڪيو۔۔ نتيجي ۾ ڇا ٿيو ۔۔۔ اهو مون کي ئي خبر آهي۔۔ اڳتي سائين نثار ناز جو چوڻ ضرور ڪبو۔۔۔ ​
     
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: محمد سليمان وساڻ جي شادي ۾ سنڌ سلامت جي تقريبن سموري انتظاميه شريڪ ٿي۔

    نثار ناز جي ٻڌايل ڪٿا ۽ ونڊ ڪيل تصويرون پنهنجي جاءِ تي انمول آهن ۽ ساراه جوڳيون آهن پر خوشي ان ڳالهه جي ته سنڌ سلامت جو هڪ ڪنوارو دوست، شادي خانه آبادي ڪري سگهرو ٿي ويو ۔۔۔ دعا آهي ته سنڌ سلامت جا ٻيا ڇڙا برسر روزگار ۽ سرنديءَ وارا دوست به شادي ڪري سگهرا ٿين ۔۔۔۔
    وڌي واڙي لڳي ڀاڳ ۔۔۔

    سليمان وساڻ جي شاديءَ لئه مون ته واجهايو ٿي، جنهن لئه مون نه فقط سليمان کي ور ور ڪري زور پئي ڀريو پر سائين تاج وساڻ ( سليمان جي مامي) کي به عرض ڪندو رهيس ۔۔۔ مڪي پاڪ مان موڪل وٺڻ وقت جڏهن سليمان اهو ٻڌايو ته حج جي عيد کانپوءِ ويجهر ۾ سندس وهانءُ طع ٿيندو ته مون پنهنجي موڪل کي هڪ هفتو وڌرايو هو، جيتوڻيڪ موڪل جو سمورو عرصو سليمان سان ملاقات ٿيندي رهي ۽ سندس شاديءَ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ سندس ڳوٺ وڃي شاديءَ جون چميون به ڏئي آيس پر پوءِ به افسوس جو سندس ڀت ۾ شامل ٿي نه سگهيس ۽ سنڌ سلامت جي دوستن سان گڏجاڻي ٿي نه سگهي ۔۔۔ انجو سبب سليمان جي طع ٿيل تاريخ جي دوري ۽ نڀاڳي موڪل جو ختم ٿيڻ هو ۔۔۔

    سڀ تعريفون ان پروردگار جون جنهن مرد جي پاسي مان عورت پئدا ڪئي ۽ هاڻ اسين سڀ ان عورت جي ساٿ جا مطمني ٿي وهانوَ ڪري گهوت ٿي پاڻ ملهائي رهيا آهيون ۔۔۔ منهنجي عادت آهي ته آءُ ڪو به برسر روزگار ۽ سرنديءَ وارو نوجوان ڇڙو ڏسندو آهيان ته کيس جلد شاديءَ جي صلاح ڏيندو آهيان، هت ته ڳالهه پنهنجي پياري دوست سليمان جي هئي سو مونکي سندس شاديءَ جي اڻ تڻ هئي ۔۔۔ رب جا لک شڪر ته دوست گهوٽ ٿيو آهي ۔۔۔ کيس لک لک مبارڪون

    شاديءَ کانپوءِ فطري طور تي مرد پيءُ ٿيندو آهي، انڪري دعا آهي ته رب کيس هڪ سهڻو وارث عطا ڪري ۔۔۔ آمين

    سنڌ دوست سليمان وساڻ جي بتن مان جيڪو جوڌو پئدا ٿيندو سو به سنڌ دوست هوندو ۽ سنڌ کي سچن جوڌن جي اشد ضرورت آهي ۔۔۔ دوست سليمان! اميد ته ٻي موڪل تي اوهانجي اولاد ڏسنداسون ۔۔۔ هٿ مٿي آهن ۔۔۔

    سهڻا دوست سليمان! اسانجي خوشين کي چار چنڊ لڳا جو اوهان گهوٽ ٿيا ۔۔۔ رب العالمين اوهانجي جوڙيءَ کي هڪ مڪمل ۽ سهڻي خاندان ۾ تبديل ڪري ۽ اوهانجي ازدواجي زندگي پرامن ۽ سڪون ڀريل رهي ۔۔۔ آمين

    منهنجون پيار ڀريون چميون قبول پون

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو