نثارناز
سينيئر رڪن
جڏهن اسان جو محبتي دوست محمد سليمان وساڻ لاڏو بڻيو
رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز
محمد سليمان وساڻ فيس بُڪ تي اچي مونکي پي ايم ڪيو ته سر مان تمام گهڻي مصروفيتن جي ڪري توهان کي پنهنجي شاديءَ جي دعوت ڏيڻ توهان جي شهر اچي نٿو سگهان هڪڙو لنڪ ٽني پڪچر وارو ڏنائين جنهن ۾ سندس شاديءَ جي ڪارڊ جي اسڪن ٿيل تصوير جنهن ۾ سندس شادي جو ڀت13 نومبر بروز آچر سندس آباڻي ڳوٺ مٺل وساڻ تعلقو ڪوٽ ڏيجي ضلع خير پورسنڌ ۾ ٿي رهيو هو درج هو، مون سندس انهي پي ايم تي به اها دعوت قبول ڪئي ، توهان دوستن کي سُڌ هُجي ته منهنجي شهر کان راڻي پور تقريبن 6 ڪلاڪن جي مفاصلي تي نيشنل هائي وي تي آهي. جيئن ته 12 تاريخ ڇنڇر جي ڏينهن مونکي هڪڙي سچل ينگ ويلفيئر آرگنائيزيشن راڄو نظاماڻي ضلعو ٽنڊو محمد خان ۾ هڪڙي اوطاق ڪچهري پروگرام جي دعوت پڻ ملي هُئي. مون ته سچل ويلفيئر آرگنائيزيشن راڄو نظاماڻي وارن کي ان پروگرام ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي هُئي پر خدمت سنڌ فائوڊيشن جي مرڪزي آرگنائيزر محترم ڊاڪٽر احمد نوناري کي به انهي اوطاق ڪچهري واري پروگرام ۾ بحيثيت مهمان خاص جي دعوت هُئي، سو ان چيو ته سائين نثارناز توهان هلو ته تمام سُٺو ٿيندو ڪيتري به دير ٿيندي پاڻ وٽ پنهنجي گاڏي آهي دير سوير ٽنڊو محمد خان اچي وينداسين ، مون کيس چيو ته ڊاڪٽر صاحب جيئن ته مونکي سڀاڻي اسان جي سنڌ سلامت جي محبتي اوطاق جي دوست محمد سليمان وساڻ جي شادي راڻي پور ۾ آهي مونکي ان ۾ شرڪت ڪرڻي آهي راڄو نظاماڻي هلندس ته سڄي رات پروگرام هلندو آئون ٿڪي پوندس، پوءِ دوست جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ راڻي پور وڃي ڪونه سگهندس. ڊاڪٽر چيو ته راڻي پور خير پور ويندين نه مون جواب ڏنو ها راڻي پُور خير پور وارو، چوڻ لڳو نو پرابلم توکي راڻي پور پهچائڻ به منهنجو ڪم آهي ، تون رڳو 12 تاريخ واري راڄي نظاماڻي واري پروگرام ۾ هلڻ جي هاڪار ڪر، مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته سائين راڻي پور الائي ڪٿي آهي دوستن کان پُڇو اٿم ته اتان خبر پئي ته ٽنڊو محمد خان کان راڻي پو پور نيشنل هاءِ وي 6 ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي ، ڊاڪٽر جواب ڏنو ها ادا مونکي خبر آهي تو رڳو سڀاڻي صُبح جو ڇهين وڳي خدمت سنڌ فائوڊيشن پهچي وڃ توکي 6 ڪلاڪن جي جاءِ تي چارڪلاڪن ۾ راڻي پور پهچائن منهنجو ڪم آئون وري به ڪونه سمجهي سگهيس. خير مون راڄو نظاماڻي واري پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ جي حامي ڀري، 12 نومبر 2011 ٺيڪ رات جو اٺين وڳي آئون تيار ٿي خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊو محمد خان واري آفيس تي پهچي ويس، ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب منهنجو منتظر هو، سندس گاڏي ٽيوٽا ڪرولا ٽوڊي، به تيار هُئي پاڻ پنهنجي گاڏي پاڻ هلائين مونکي اڳيان ويهڻ جو چيائين ۽ سندس ڊرائيور کي بيڪ سيٽ تي ويهاري مهراڻ چوڪ کان سڌو گاڏي کي هلائيندو مير غلام علي پارڪ کان ٿيندو ماتلي بدين روڊ واري سجاول چوڪ کان مڙي راڄي نظاماڻي ڏانهن رُخ رکيائين، مون ڊاڪٽر صاحب کان سوال پڇيو ته سائين توهان ڪيئن پهچائيندا مونکي راڻي پور، ڊاڪٽر احمد نوناري چوڻ لڳو ته ڳالهه اها آهي ته سڀاڻي ٻه دوست جيڪي حيدرآباد جا آهن انهن سان گڏ ڏهرڪي ۾ ڪو سندن دوست عبدالفتاح سميجو آهي ان جي ڪنهن ويجهي عزيز جو انتقال ٿي ويو آهي انهن سان تعزيت ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ۽ ڏهرڪي جو رستو به اهو ئي ساڳوڻو راڻي پور وارو آهي، سو سڀاڻي 13 تاريخ آچر جي ڏينهن صُبح جو ٺيڪ 6 وڳي هلجائين اڇا هاڻي آئون ڳالهه سمجهي ويس ، ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب جا ايڊوانس ٿورا مڃيم ته مون پوڙهي کي بسن جي پريشانين ۽ تڪليفن کان بچايو اٿئي. ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب جي گاڏي تقريبن 25 منٽن ۾ راڄو نظاماڻي پهچي وئي. سچل ينگ ويلفيئر راڄي نظاماڻي وارن اسان جي باقائده دل جي گهرائين سان آڌر ڀاءُ ڪئي . جيئن ته سچل ينگ ويلفيئر آرگنائزيشن راڄي نظاماڻي وارن جو تمام بهترين پروگرام هو، ان پروگرام جو اکين ڏٺو احوال باقائده پنهنجي ڪنهن ايندڙ ونڊ ۾ ونڊيندس، قصو ڪوتاهه رات جو تقريبن ڏيڍ وڳي تائين ان پروگرام جي پُڄاڻي ڪري واپس ٽنڊو محمد خان آياسين، ڊاڪٽر صاحب اقصي چوڪ ٽنڊو محمد خان تي پنهنجي ڪار مان مونکي لاٿو، ۽ بار بار تاڪيد ڪندي چوندي ويو سڀاڻي صُبح جو ڇهين وڳي راڻي پور هلڻ لاءِ تيار ٿي اچجان، مون کيس جواب ڏنو ته سائين منهنجي راڻي پور هلڻ جي پيڪنگ بلڪل تيار آهي انشاالله توهان جي اچڻ کان اڳ ۾ آئون خدمت سنڌ فائونڊيشن آفيس ٽنڊو محمد خان تي صُبح جو پوڻين ڇهين وڳي توهان جو منتظر هوندس، هاڻي رات جو تقريبن ٻه ٿي چُڪا هُئا مون پنهنجي بستي(ٿيلهي) ۾ ادا محمد سليمان وساڻ جي شادي جي ڪوريج جي سلسلي ۾ ضرور سامان ، جنهن ۾ ڪئميرا، ان ۾ پوندڙ ٻن سيلن جا جوڙا ڪئميرا ۾ پوندڙ ميموري ڪارڊ، پنهنجي ڊائري، پنهنجي عينڪ، هڪڙو ڪپڙن جو وڳو ، به بال پينون، هڪڙو ٽوال، ٻه رومال چيڪ ڪري رکيا. ماسات سڳوري کي چيم ته ماسات باقي هڪڙي اهم ترين شي ءَ رهجي وئي چوڻ لڳي نه مولائي سڀ سامان پيو آهي، نه ماسات هڪڙي اهم شيءَ رهي پئي آهي آئون صُبح جو ڇهين وڳي راڻي پور لائي ويندس ان شيءَ کان سواءِ هڪڙو قدم کڻي ڪونه سگهندس؟.......................! ماسات سڳوري سوچن ۾ پئجي وئي، اڙي ها ها ! سمجهي ويس، توکي ڏوڪڙن جي ضرورت آهي............. ماسات واهه جو کوڙو ڀڳو اٿئي.................... مون جواب ڏنومانس، ڪالهه کان وٺي منهنجو کيسو صفا ٺلهو لڳو پيو هو پينشن وارا ڏوڪڙ به هيلوڪين شادين سبب هلي چُريا،.............................. چوڻ لڳي مولائي مون وڏي پُٽ کان تنهنجي سنڌ سلامت واري جي شادي ۾ وڃڻ لاءِ ڏوڪڙ وٺي ڇڏيا هُئا............... ماسات سڳوري الماري کولي پنهنجي ڪپڙن جي هيٺان رکيل پيسا ڪڍي ڏنا .......... چوڻ لڳي ڪافي آهن يا ............................. مون جواب ڏنا ته ماسات اڃان پيسا ڏي ..... ڪهڙو آئون پيسا کپائيندس، بس ڪجهه شاديءَ جي گهور لکائيندس ، ڪجهه ڪو هار يا محمد سليمان وساڻ لاءِ ڪو تحفو وغيره وٺندس، جواب ڏنو مانس........... ماسات سڳوري چيو ته صبر ڪر........... ڏيان ٿِي....... بنڊالي جنهن کي ڪافي دوست گُگهه ڪري به ڪوٺيندا آهن ، الماري مان ڪڍي ٺڪاءُ پٽ ڪيائين ، ان بنڊالي مان سئو سئو ۽ پنجاهه پنجاهه وارا نوٽ جيڪي به هئا سڌا ڪري منهنجي حوالي ڪيائين ............. دوستو هاڻي اسان عمر جي پنجاهين ڏهاڪي کان گُذري ويا آهيون، ماسات سڳوري جي انهي بنڊالي ڀڃي مونکي پيسا ڏيڻ جي واقعي تي مونکي حد کان وڌيڪ پيار ماسات سڳوري تي اچڻ لڳو، هاڻي رات جا ٽي وڳي چُڪا هُئا، سو ماسات سڳوري کي شب خير چئي هڪڙو پاسو وٺي پنهنجي دل تي هٿ رکي ڪلمو ڀري دل کي چيم ته هينئر رات جا ٽي وڳا آهن الله جي حُڪم سان مونکي صُبح جو پنجين وڳي اٿارجان.......................... جيڪي دعائون ياد هيون پڙهي سمهي پيس، بس قدرت خدا جي ٺيڪ صُبح جو پنجين وڳي هڪ منٽ نه اڳيان نه هڪ منٽ پويان اک کُلي پئي.......... هاڻي ائين آهي يا ناهي پر مان ڪيترو به دير سان سمهان پر ائين ٻه اکر چئي دل کي چوندو آهيان ته باقائده اک کُلي پوندي آهي ................. ائين ڇو ٿيندو آهي ڇاجي ڪري ٿيندو آهي مونکي ڪا خبر ڪانهي وڌيڪ خبر الله سائين کي ........... جيئن ته ماسات سڳوري منهنجي ڪپڙن کي پريس (استري) ڪري رکي ڇڏيو هو سو جلدي باٿ روم ۾ وڃي وهنجي سهنجي تيار ٿي آيس، وارن ۾ ڪجهه ڦڻي ڦيرائي سنڌي ٽوپي پائي ڪجهه خوشبو پرفيوم واريون پنهنجي ڪپڙن تي لڳايم، سامهون گهڙيال ۾ ڏٺم ته صُبح جا ساڍا پنج ٿي رهيا هُئا بستو (ٿيلهو پنهنجي ڪُلهن ۾ وڌم منهنجي ننڍڙي ثنا جيڪا پنهنجي ماءُ سان گڏ ڀاڪر پائي سُتي پئي هُئي ان جي نرڙ تي چُمي ڏنم الله سائين کان دُعاگهري ماسات کي هلڪي سان سڏ ڪري چيو ته ماسات هاڻي مان راڻي پور وڃان پيو دعا ڪري ڇڏجان، ٻچڙن کي جلدي اسڪول روانو ڪجان، ان ڪري چيو ته صُبح جو پنهنجي ٻچڙن کي تيار ڪري اسڪول روانو ڪرڻ جي ذميواري منهنجي هُئي مونکي خبر هُئي ته مونکي ٻه ڏينهن لڳي ويندا سو ان ڪري پنهنجي ماسات کي چيم ته صُبح جو جلدي اٿي ٻارن کي تيار ڪري اسڪول موڪلجان.... ٺيڪ پنج لڳي چاليهه منٽن تي پنهنجي گهران نڪتس، تقريبن ستن منٽن ۾ خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊو محمد خان جي آفيس جي دروازي تي پهتس، آفيس جو دروازو بند هو، ڊاڪٽر احمد نوناري جي چوڻ مطابق آئون پنج منٽ پهرين پهچي ويس، ٺيڪ ڇهين وڳي ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب کي موبائل جي ڪال ڏنم پاڻ چوڻ لڳو ته بس آئون تيار ٿي اچان پيو ........ ٺيڪ ساڍي ڇهين پنهنجي ٽويوٽا ڪرولا ۾ ڊاڪٽر صاحب پهچي ويو، اسان الله سائين جو نالو وٺي اسان پنهنجي پنهنجي منزلن تي وڃڻ لاءِ حيدرآباد وارو رستو وٺي روانه ٿي ويا سين. تقريبن ست لڳي ڏهن منٽن تي اسان حُسين آباد حيدرآباد پهتاسين اتان ڊاڪٽر صاحب جو دوست پير بخش پٺاڻ صاحب ڏهرڪي هلڻ لاءِ تيار ويٺو هو، ٿورو اڳيان آياسين ته نسيم نگر قاسم آباد ۾ هڪڙو ٻيو دوست ڊاڪٽر صاحب جنهن جو نالو محترم لونگ جکراڻي جيڪو پنهنجي گهر جي دروازي تي تيار ويٺو هو
ڊاڪٽر صاحب ان کي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهاريو فرنٽ سيٽ تي محترم پير بخش پٺاڻ کي ويهاريو(جاري آهي(

سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو شهزادو محترم محمد سليمان وساڻ زندگي جي خوبصورت ترين سفر جي ابتدا ويلي۔


سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز ۽ سنڌ سلامت جو منتظم اعلى محترم عبدالرشيد سمون ساڄي کاٻي پاسي وچ ۾ گهوٽ محترم محمد سليمان وساڻ ، خوشين جي وارجڻ جو انتهائي دلڪش منظر

سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز، پاسي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل گهوٽ محترم محمد سليمان وساڻ سان گڏ۔

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنڌ سلامت جو گهوٽ محمد سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت جو سينئر ميمبر محترم عبدالواحد سومرو آف ڀٽ شاهه

گهوٽ محمد سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت جو ايڊيٽر محترم اسد علي ميرجت آف ڄامشورو سنڌ

سنڌ سلامت جو لاڏو محترم محمد سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت جو سينئر ميمبر محترم محمد عرس پريو

سنڌ سلامت جو ايڊيٽر محترم سائين مولوي رحيم بخش ڏاهري آف مورو سنڌ، سنڌ سلامت جو منتظم اعلى محترم سائين عبدالرشيد سمون آف ڪراچي ۽ دادو، سنڌ سلامت جو سينئر ميمبر محترم محمد عرس پريو آف ڪراچي ۽ دادو۽ سنڌ سلامت جو ايڊيٽر محترم اسد علي ميرجت ”مست“ آف ڄامشوروسنڌ سنڌ سلامت جي گهوٽ محترم محمد سليمان وساڻ کي دل جي گهرائين سان اسپيشلي تيارڪيل شيلڊ سندس شاديءَ جو خوشيءَ کيس تحفي طور ڏيئي رهيا آهن۔

سنڌ سلامت جون اهم ترين ۽ محنتي شخصيتون محترم منتظم اعلى سنڌ سلامت سائين عبدالرشيدسمون سنڌ سلامت جو ايڊيٽر اسد علي مست ۽ سنڌ سلامت جو انتهائي محنتي ۽ سپر ايڊيٽر محترم وحيد ڦلپوٽو آف شڪارپور جيڪي محمد سليمان وساڻ کي شاديءَ جون واڌايون ڏيڻ لاءِ ڳوٺ مٺل وساڻ تعلقو ڪوٽ ڏيجي ضلع خير پور ۾ ڪهي آيا۔