راجا ڏاھر بن راجا چَچ (برھمڻ گھراڻو سنڌ)

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ و سيم سند هو طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2011۔

  1. و سيم سند هو

    و سيم سند هو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2011
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Petroleum Geologist
    ماڳ:
    Jamshoro
    راجا ڏاھر بن راجا چَچ
    (برھمڻ گھراڻو سنڌ)

    سورھيه مربن سوڀ کي،ته دل جا وھم وسار،
    ھڻ ڀالا،وڙھ ڀاڪرين،آڏي ڍال مَ ڍار،
    مٿان تيخ ترار،مار ته متارو ٿئين.
    (شاھ)

    سرزمين سنڌ دنيا جي قديم مھذب ۽ متمدن ملڪن مان ھڪ آھي،ان دنيا جي عام دستور موجب گھڻا لاھا چاڙھا ڏٺا آھن. ان جي قديم عظمت جا نشان، آمري ، ڪوٽ ڏيجي ۽ موھن جي دڙي جي يادگارن ۾ اڃان تائين موجود آھن. ان تي ڪجھ وقت ملڪي حاڪمن جي حڪومت پئي رھي آھي ته ڪو وقت ڌارين جي قبضي ھيٺ اچي ان کي ڏکيا ڏنھن ڏسڻا پيا آھن. ان جي تاريخ جي پوريءَ طرح خوجنا نه ٿي سگھي آھي،پر نزديڪ سنڌي تسلط جو دور راءِ سھلسي ۽ چچ گھراڻي حڪومتن جو ھو.
    چچ گھراڻي کي برھمڻ حڪومت به سڏين ٿا.ان گھراڻي جو آخري حاڪم راجا ڏاھر چچ جو ننڍو فرزند ھو. راجا چچ 52 ھ مطابق 672ع تي وفات ڪئي. ان بعد راجا چندر ، سنڌ جو والي ٿيو. جنھن اَٺ سال حڪومت ھلائي 60ھ مطابق 680ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ راجا ڏاھر سنڌ جي حڪومت گاديءَ تي ويٺو ، جنھن نھايت دانشمندي ، ھمت ۽ خوش اسلوبيءَ سان 32سال حڪومت ڪئي. جنھن کان عرب بنو اميه سامراج جي سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفي جي نياڻي محمد بن قاسم حڪومت وٺي سنڌ تي ڌاريون تسلط قائم ڪيو.
    راجا ڏاھر حڪومت جي واڳ وٺندي ھڪ سان اندر چئو طرف حڪومت کي مظبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا. سندس گاديءَ جو شھر لور ھو.اتان ھن پھرين اڀرندي سنڌ ڏي برھمڻ آباد ۾ اچي سندس ڀاءُ ڏاھر سين کي مڪاني حڪومت سپرد ڪري پوءِ مڪرار طرف روانو ٿيو، جتي مڪاني حاڪم سان لاڳاپا قائم ڪري موٽي الور آيو. اھڙي طرح ھن سندس پيءُ راجا چچ جي ڏينھن واري ساري سلطنت تي ملتان سوڌو تسلط قائم ڪري ورتو. سندس دور حڪومت ۾ سنڌ اندر مضبوط حڪومت قائم ٿي ۽ امن امان رھيو.
    ان وقت عرب ۾بني اُميه گھراڻي جي حڪومت ھئي،جن جي ھڪ حاڪم يزيد بن معاويه رسول صلعم جي ڏھٽي امام حسين عليه السلام کي شھيد ڪرائي ان جي لاش گھوڙن کان چٿرائي سندس سر مبارڪ نيزي تي چاڙھي مھينن تائين ملڪن ۾ گھماريو ھو.امام حسين عليه جي فرزند ۽ خاندان جي عورتن کي قيد ڪرائي دمشق گھرايو ھو.انھئَ گھراڻي عبدالله بن زبير کي حرم ڪعبه ۾ قتل ڪرايو ھو،از انسواءِ ڪيئي ظلم ڪيا ھئا.
    راجا ڏاھر جي ڏينھن ۾ انھئَ گھراڻي جو حاڪم عبدالملڪ بن مروان عرب جو بادشاھ ھو. ان جو سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفي وڏو ظالم ، قاتل ۽ بي رحم ھو جنھن اھل بيت رسول تي اڪيچار ظلم ڪيا ھئا ۽ بيشمار مسلمانن جو سندس ھٿان خون وھيو ھو.انھن ڳالھين کا تاريخ دان بخوبي واقف آھن.
    امام حسين عليه السلام جي شھادت کان پوءِ جي مڪاني رد عمل پيد ٿيا تن کي سختيءَ سان دٻائڻ بعد جڏھن بني اُميه گھراڻي جو تسلط ساري عرب تي ويھي ويو ته ھنن سندن سامراج کي وڌائڻ لاءِ چئوطرف حملا ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا.
    عربستان جو گھڻو حصو ريگستاني آھي،اتي جا رھاڪو سواءِ ٻن مکيه شھرن مڪي ۽ مديني جي بدويانه زندگي گذاريندا ھئا. ان ۾ رھندڙ قبيلا اڪثر پاڻ ۾ وڙھندا رھندا ھئا. ان ڪري جنگجويانه ذھنيت سندن سرشت ۾ سمايل ھئي. اتي جا رھاڪو گھڻو ڪري قديم قبيلائي مذھبن جا پوئلڳ ھئا جن جي خدائيءَ جا بت ڪعبي ۾ رکيل ھئا .پر ڪي منجھانئن ڪرستان ۽ يھودي ھئا.ضرورت زندگيءَ لاءِ ھو شام ۽ عراق سان قافلن ذريعي واپار ڪندا ھئا.
    رسول مقبول صلعم جي پيدا ٿيڻ کان اڳ به ھنن مان روم ۽ ايران جي شھنشاھن طرفان جنگي لشڪر لاءِ ڀرتي ٿيندي ھئي.ھتي جي رھاڪن جو زياده تر گذران مال چارڻ تي ھوندو ھو.سندن زندگي اڪثر ڪري تنگ گذرندي ھئي.رسول مقبول جي پيدا ٿيڻ تي ھنن کي نئين مذھب جي نالي ۾ متحد ڪري ھڪ مرڪزي حڪومت ھيٺ منظم ڪيو ويو.جنھن ڪري ھنن جي طاقت ۽ حوصلو وڌي ويو.
    حضرت رسول ڪريم جن جي رسالت جا ٻه مقصد ھئا:
    ھڪ ماڻھن جي ذھني تربيت ، نفسياتي اصلاح ۽ اخلاقي درستئَ جو ھو.
    ٻيو امن امان رکڻ ، ملڪي نظام ۽ ماڻھن جي گذراني مسئلن جي حل ڪرڻ جو ھو.
    پيغمبر خدا جي موجودگئَ ۾ ٻئي ڪم خوش اسلوبئَ سان سرانجام ٿيندا رھيا ان جي انتقال کانپوءِ سندس پوئلڳ ٻن راين ۾ ورھائجي ويا.
    ھڪڙي جو رايو ھو ته مٿين ذڪر ڪيل پھرئين مقصد کي جو مذھب جو بنيادي متو ھو ترجيح ڏني وڃي.
    ٻين جي راءِ ھئي ته عرب جا ماڻھو اڃا سندن بدويانه عادتون،قبيلائي اختلاف پراڻا اعتقاد ۽ رسم رواج پوريءَ طرح بدلائي نئين مذھب جي عقيدن ۽ دستور سان مانوس نه ٿي سگھيا ھئا. تاريخ ۾ پھريون دفعو انھن ۾ اتحاد ۽ مرڪزيت قائم ٿي ھئي جنھن جي قائم ڪرڻ ۾ طاقت جي استعمال کي گھڻو دخل ھو ان ڪري سڀ کان زياده توجھ ٻي مقصد جي سرانجامئَ طرح ڏيڻ گھرجي. پھرئين جو واسطو مستقبل جي ڳالھين سان ۽ ٻئي جو حال سان ھو. مستقبل جو مدار حال تي رھي ٿو،ان ڪري ٻئي گروھ کي ڪاميابي حاصل ٿي.
    عرب جا ماڻھو غريب ھئا ، انھن جي يڪشت رکڻ ۽ قبيلائي اختلافن کان سندن توجھ ھٽائي ٻئي طرف ڪرڻ لاءِ راءِ جي ڪارڪنن ضروري ڄاتو ته ڀر وارن آباد ۽ سرسبز ملڪن کي قبضي ۾ آڻي انھن جي سرمائي سان ھتي جي رھاڪن جي گذران جو انتظام ڪجي.
    نئين مذھب انھن ۾ اتحاد ۽ جذبه جنگ اڳي پيدا ڪيو ھو از انسواءِ ٻين سرسبز ملڪن جي ملڪيت ۽ پيدائش گذران لاءِ ھٿ ڪرڻ جي خيال منجھن ٻاھرين ملڪن فتح ڪرڻ جي خواھش پيدا ڪئي. حضرت عمر رضه جي ڏينھن ۾ ڀروارا سکيا ملڪ شام،عراق،مصر ۽ ايران فتح ٿي چڪا ھئا.
    انھن فتحن عرب جي تنگدست ماڻھن کي سکيو ھڪ طرف بنايو ته ٻئي طرف ھنن جي جنگي قوت ، قومي وقار ۽ عزت جو ڌاڪو وھاري ڇڏيو. پھرين ٻن خليفن جي ڏينھن ۾ ڪي اخلاقي معيار ۽ رسول مقبول سلعم جي روايات قائم رکڻ جي ڪوشش ٿي . ليڪن مل ۾ ناراضگي ايتري وڌي جو ان مان ھڪ خليفو قتل ٿي ويو.
    پئسا ، ملڪيت ۽ گذر جي فراواني جيڪڏھن زندگيءَ کي سھل بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ته انھن جي ڪري ڪي خرابيون به پيدا ٿين ٿيون. نتيجو اھو نڪتو ته حضرت علي عليه السلام جي شھادت کان پوءِ قبيلائي اختلافن ۽ اقتدار جي حصول عربن ۾ خانه جنگي پيدا ڪري ڇڏي. نيٺ بني اُميه خاندان ٻين سڀني گروھن کي زور سان دٻائي سمري طاقت جو مالڪ بنجي ويٺو.
    شيخ سعدي عليه الرحمته چيو آھي ته :
    ھفت اقليم ازبگيرد بادشاھ ، ھم ڇنان در بند اقليم دگر،
    نيم نان گر خورد مرد خدا،بزدل درويشان کندنيم دگر.
    (معنيٰ : بادشاھن جي ستن ملڪن فتح ڪرڻ بعد به طمع جھڪي نٿي ٿئي ۽ وڌيڪ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو،ليڪن درويش ھڪ مانئَ مان اڌ کائي ٻئي لاءِ اڌ بچائي رکي ٿو.)
    عبدالملڪ جي ڏينھن ۾ خانه جنگي گھٽ ٿي اندروني انتظام درست ٿيڻ بعد ھن بني اُميه سامراج کي وڌائڻ لاءِ رٿون رٿيون. نالو اسلام جو ھو ، مقصد فتح ڪرڻ ،ڦر لُٽ ڪرڻ ملڪيت ھٿ ڪرڻ جو ھو. ڪن مسلم تاريخدانن جو چوڻ آڳي ته رسول مقبول کان پوءِ خلافت ۽ اسلامي حڪومت ئي ڪانه ٿي آھي. پر ڪن جو چوڻ آھي ته خلفاءِ راشدين جي ڏينھن ۾ ٿورو گھڻو رسول مقبول جي روايات کي خيال ۾ رکيو ويندو ھو.ان کان پوءِ حڪومتون اسلامي نه رھيون.بلڪ نالي ۾ سلطان بادشاھن جي ھٿن ۾ پئي رھيون جن سندن شخصي ، قبيلائي ۽ گروھي مفاد لاءِ پئي حڪومتن کي ھلايو.
    عبدالملڪ جي دور ۾ ان پوئين گروھ جي مفاد خاطر حڪومت ھلي رھي ھئي،تاريخدانن کي پتو آھي ته سندن سپھ سالار حجاج بن يوسف جيڪي ظلم ۽ قتل عام ڌارين ملڪن کي غلام بنائڻ ، ڦر لٽ ڪرڻ ، آزاد ماڻھن کي غلام بنائڻ جا ڪيا ھئا.
    ٻئي گروھ جو چوڻ ھو ته اسلام ھڪ نئون مڪمل عالمگير دين ٿي آيل ھو.ان جي اچڻ بعد ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا ھئا ھن نئين دين جا مکيه متا توحيد،نماز،حج ،زڪوات ۽ روزو ھئا. انھن متن ۾ ان دين جي شريعت (دستور العمل) کي زوريءَ دنيا ۾ ماڻھن مٿان مسلط ڪرڻ ھو جنھن عمل کي جھاد جي نالي سان سڏيائون ٿي ان ۾ ٻين ملڪن تي چڙھائي ڪري خونريزي ڪرڻ ، ان تي قبضو ڪرڻ ، ڦر لٽ ڪرڻ ، مردن ۽ عورتن کي غلام ڪري ٻڪرين وانگر وڪڻڻ وغيره ڪمن کي جائز ڄاتو ٿي.
    انھن ٻن گروھن مان پوئين جي عقيدن ۽ ڪارگذاري کي ڏسي غير مسلم عالمن ۽ تاريخ دانن اسلام کي ڊاڪن،لٽيرن،عيش پرستن جو مذھب ظاھر ڪيو ٿي. ھنن جو چوڻ ھو ته ماڻڳو ان ۾ تلوار جي آڌار تي زور زبردستئَ سان داخل ٿيا ھئا ورنه ان مذھب ۾ ڪھڙي سٺي ڳالھ ھئي جو اھڙي مذھب ۾ شامل ٿين ھا.ان قسم جي غلط فھمين کي دور ڪرڻ لاءِ مسلم عالمن ۽ درويشن ظاھر ڪيو ته صحيح اسلام اھو آھي جو پھرئين گروھ ٿي ظاھر ڪيو. پوئين دور ۾ سر سيد احمد خان ۽ خواجه ڪمال الدين جا ڏنل جواب پڙھڻ جي لائق آھن. سندن چوڻ ھو ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪونه ٿيو ھو بلڪ تاليف قلوب،بھترين اصولن ڪري اھو ماڻھن قبول ڪيو ھو. مسلمان حاڪمن طرفان جيڪا ملڪ گيري ، ڦرلٽ ۽ ٻيا ظلم ٿيا ھئا انھن جو اسلام سان تعلق ڪونه ھو.ملا جي اسلامي تشريح صحيح نه ھئي.
    اڃان تائين مسلمان ساڳئَ طرح ٻن راين ۾ ورھايل آھن. جن مان ھڪ کي ملا جو گروھ ۽ ٻئي کي در ويشن جو گروھ سڏجي ٿو.اسان جو واسطو درويشن جي گروھ سان آھي تنھن ڪري محمد بن قاسم جي ڪارنامن کي اسلام سان واسطو رکندڙ نٿا تسليم ڪريون نه ان کي عازي نه اسلام جو علمبردار سڏڻ لاءِ تيار آھيون. بلڪ ان کي غاصب،سنڌين جي آزادي ، عصمت ، مال ،ملڪيت جو دشمن ۽ لٽيرو سمجھون ٿا.جنھن نه صرف سنڌ جي مردن ۽ عورتن کي غلام ڪري وڪرو ڪيو ۽ ملڪيت ڦري ملڪ تي زوريءَ قبضو ڪيو پر اھلبيت رسول جو دشمن ، عياش،اسلام جي بنيادي اصولن جي خلاف ۽ مسلمانن جو قتل عام ڪرائيندڙ ھو.
    اسان رسول مقبول صلعم کي رحمته العالمين سمجھون ٿا. ان جا ٻه قول اسان جي ڪنن ۾ اڃان تائين گونجي رھيا آھن .
    ھڪ ! ” حب الوطن من الايمان“ وطن جي محبت ايمان جو جزو آھي.
    ٻيو ته ” سنڌ جي طرف کان کيس ٿڌي ھير ٿي لڳي.“
    ڇا ان تعليم ھوندي اسان سنڌ جي محبت کي جائز ٺھرائيندي ان تي ڌارين جي تسلط ۽ ٿيل ظلمن کي جائز قرار ڏئي سگھون ٿا؟
    اسان ان راءِ جا آھيون ته ھر ماڻھوءَ لاءِ وطن جي حب لازمي آھي ، جو وطن دوست نه آھي سو بي ايمان آھي ، ايمان کان سواءِ صحيح مسلمان ئي نه ٿي سگھبو.
    سنڌ پنج ھزار ورھين کان تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھي آھي، رسول مقبول جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ ھڪ به مسلمان ڪونه ھو بلڪ سڀ ماڻھو ھندو ۽ ٻڌ ھئا.پوءِ به سندن اظھار ته ان مان کيس ٿڌي ھير ٿي آئي ڪا ته معنيٰ رکندڙ آھي.
    اھڙي حالت ھيٺ اسان ڪھڙي طرح ان ملڪ جي ماڻھن تي زوريءَ قبضو ڪري انھن جي آزادي سلب ڪرڻ اُتي جي مردن ۽ عورتن کي غلام بنائڻ ڪروڙھا روپين جي ملڪيت کي لٽي ٻاھر ڪڍڻ جي ڪم کي صحيح اسلام مطابق جائز سمجھي سگھون ٿا.
    جيڪڏھن ڪي ماڻھو سندس اھڙن ڪمن کي عين اسلام سمجھن ته مرضئَ جا مالڪ آھن. ھر ڪنھن جي سندن راءِ جو حق آھي. آخر ڪي اھڙا ماڻھو به ھئا ۽ اڃا تائين آھن جي امام حسين عليه السلام کي ناحق تي ۽ يزيد کي حق تي سمجھن ٿا. اھي ماڻھو يزيد ۽ انھئَ گھراڻي جي ھر ڪارروائي عين اسلام سمجھن ٿا. ان گروھ ۾ نه صرف ان زماني جا عالم ۽ حافظ قرآن شامل ھئا پر آڄ ڪلھ به ڪيئي ماڻھو ملي سگھن ٿا.
    کين اھڙيءَ راءِ رکڻ جو ھر ڪو حق آھي ليڪن اسان کي به پنھنجي راءِ رکڻ جو اھڙو ئي حق ھئڻ گھرجي جھڙو ھنن کي ڏيڻ گھرون ٿا. اسان محمد بن قاسم جي حملي کي صحيح اسلامي تشريح جي خلاف ۽ غاصبانه سمجھون ٿا سنڌ جو جيد عالم ۽ بزرگ مولانا ابو الحن به ڏاھري سڏائڻ ۾ عيب نه سمجھندو ھو. اسان کي اعتراض نه آھي . سنڌ ۾ محمد بن قاسم گروھ جا طرفدار ڀلي پاڻ کي يزيدي سڏائين . ماڻھو نطفه مان پيدا ٿئي ٿو جو رت مان جڙي ٿو،رت کاڌي مان ٺھي ٿو.کاڌو اناج ، ڀاڄين ۽ گوشت مان ٺھي ٿو. اھي سڀ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح ملڪي زمين ۽ پاڻيءَ جي پيدائش آھن.
    مثال طور کڻي ڏسنداسين ته ھڪ ان جي داڻي زمين ۾ پوکڻ بعد سوھا داڻا پيدا ٿين ٿا. جي مٽي ۽ پاڻيءَ مان ٺھن ٿا.تنھن ڪري ھر شيءَ ملڪ جي مٽي ۽ پاڻيءَ مان پيدا ٿئي ٿي. ھر ماڻھوءَ جي حقيقي ماءُ پيءُ آھن.
    قرآن شريف به شاھدي ڏي ٿو ته:
    ” ولقد خلقنا الانسان من سلالهّ من طين.“
    (معنيٰ : تحقيق اسان ماڻھن کي مٽئَ جي جوھر مان پيدا ڪيوآھي.)
    انھي نقط نگاھ کان جيڪو ماڻھو وطن سان وفادار نه آھي سو حلالي ٻار نه آھي.انھئَ کي مدنظر رکندي آءُ راجا ڏاھر کي سنڌ جي آزادي، عزت ۽ ناموس لاءِ لڙي سر ڏيندڙ کي شھيد اول سڏڻ کان نٿو ڇرڪان ، پوءِ ڀلي ڪن يزيدي گروھ جي طرفدارن کي مرچون لڳن.
    اھڙن ماڻھن جي دشمنئَ کان امام حسين عليه السلام نبي صلعم جو ڏھٽو ڇُٽي نه سگھيو آھي ، آءُ ته ان جي در جي خاڪ مثل آھيان.
    ڪي ماڻھو راجا ڏاھر تي بھتان رکي سندن غازيءَ جي برن ڪارنامن لاءِ جواز پيدا ڪن ٿا. اچو ته انھن چند بھتانن جي جاچ ڪريون. ان مان مکيه ھيٺيان آھن:

    1 ـــ ھن ڀيڻ سان شادي ڪئي ھئي.

    2 ـــ ھن عربن جي ڪن ماڻھن کي قيد ڪيو ۽ ڦريو لُٽيو ھو.

    3 ـــ ھن ٻُڌ ڌرم ۽ غير برھمڻن سان ظلم ڪيا ھئا.

    (3) ٽين ڳالھ ھن جي خلاف اھا چئي وڃي ٿي ته ھن ٻُڌ ڌرم ۽ ٻين غير ھندن تي ظلم ڪيا ھئا، ان ڳالھ جو ثبوت ڪونه ٿو ملي. اھا تاريخي حقيقت آھي ته راجا چچ جو ڀاءُ راجا چندرسين جڏھن تخت تي ويٺو ته ھن ٻُڌ ڌرم کي زور وٺائڻ طرف رخ رکيو. ھن ٻُڌ جي بڪشن ۽ پوڄارين سان خاص رعايتون ڪيون ھيون، ھر ھڪ کي معلوم آھي ته برھمڻن جو مذھبي تعصب ملن جي تعصب کان به ڪي رتيون ڪٽر آھي. سندن انھئَ پاليسئَ ڪري ٻُڌ ڌرم مرڳو ھندستان مان نڪري ويو. پر اھو سنڌ جو ملڪ ئي ھو جتي ھن راجا جي ڏينھن ۾ ٻُڌ ڌرم پوري زور تي ھو. جن جي موجودگي بنسبت ٻين ھندو حاڪمن جي راجا ڏاھر جي رواداريءَ جو ثبوت ڏي ٿي.سندس دور حڪومت ۾ ٻه گورنر ٻڌ ڌرم جا ھئا نه رڳو ايترو پر ھڪ مسلمان عرب محمد علافي نالي ساري قبيلي سان بني اُمين جي ظلم کان لڏي سنڌ ۾ اچي راجا ڏاھر جي پناھ ھيٺ رھيو. ان سان راجا ڏاھر اھڙو سلوڪ ڪيو جو سندس سڪي جي ٻي طرف ھن جي نالي اڪيرڻ جي اجازت ڏني . اھڙي رواداري جو سلوڪ تاريخ ۾ ڪو ڇڊو نظر ايندو.
    اھڙي منصف مزاج راجا تي متعصب ھئڻ جو بھتان اھڙن ماڻھن طرفان لڳائڻ جن جي تاريخ جو ڪيترو حصو تعصب ۽ ڪٽرپڻي سان گريو پيو ھجي. بدديانتئَ کان سواءِ ڪجھ نه آھي.
    (4) چوٿون بھتان راجا ڏاھر تي اھو لڳايو ٿو وڃي ته ھو عياش ۽ ظالم حاڪم ھو. خبر نه آھي انھن لفظن مان بُھتان لڳائيندڙ ماڻھو جو مقصد ڪھڙو آھي. ڇا راجا ڏاھر جي ٻن نياڻين جيڪي بادشاھ لاءِ تحفو ڪري موڪليون ويون ھيون جن سان زنا ڪرڻ جي جرم ۾ سزا کائيندڙ ماڻھو راجا جي زال ، ڇوڪرين جي ماءُ سان زوريءَ شادي ڪندڙ ، سنڌين جي عورتن کي ٻانھيون بنائي بنا نڪاح جي انھن سان صحبت ڪرڻ کي جائز ڄاڙڻيدڙ ھزارھا سنڌي عورتن ۽ مردن کي وڪرو ڪندڙ زياده گناھگار آھي يا وطن جي حفاظت لاءِ سِر ڏيئي سرھو ٿيندڙ ڏوھاري آھي؟
    راجا ڏاھر 92 ھجري مطابق 712ع تي سنڌ خاطر لڙي شھيد ٿيو . ھر ھڪ سچي سنڌيءَ کي ان جي ڪارنامي تي فخر ٿيڻ گھرجي . ان لاءِ آءُ کيس سنڌ لاءِ سِر ڏيندڙ سورھين جي قطار ۾ پھريون ھيرو شمار ڪريان ٿو.
    ان کان پوءِ سنڌ 340ورھيه غيرن جي غلامئَ ھيٺ رھي جيسيتائين ڪه سنڌ جي ھڪ سومري گھراڻي 1351ع ۾ وري سنڌ ۾ خالص سنڌي حڪومت قائم ڪئي.

    ڀڳو آءُ نه چوان ، ماريو سين وسھان،
    ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان،
    ته پڻ لڄَ مران جي ھونسِ پُٺ ۾ ...
    (شاھ) —
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: راجا ڏاھر بن راجا چَچ (برھمڻ گھراڻو سنڌ)

    تمام تاريخي ۽ اهم موضوع ونڊ ڪرڻ لاء اوهان جا ٿورا۔

    سنڌ تان جان فدا ڪرڻ وارن شروعاتي سنڌي هيرن مان راجا ڏاهر پڻ هئا۔ ٻيا سڀ بهتان پنهنجي جاء تي جن جي ڪا ثابتي به ناهي۔ پر پنهنجي ملڪ لاء لڙندي جان فدا ڪرڻ هڪ وڏو ۽ يادگار ڪارنامو آهي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,888
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: راجا ڏاھر بن راجا چَچ (برھمڻ گھراڻو سنڌ)

    وسيم سنڌو صاحب جن جا لک قرب جو هو سنڌ سلامت جي اوطاق تي ڪهي آيا آهن، دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔

    ادا وسيم، اوهانجو هي سنڌ جي تاريخ تي مبني ليک حقيقت سان ڀريل آهي ۔۔۔ اسانجا ڪيترائي مفڪر جن ۾ سنڌ جو ڏاهو جي ايم سيد به اها ڳالهه ورجائيندو رهيو هو ته سنڌ عربن جي هٿان جيڪا غلام ڪئي وئي سا يزيدي سوچ تحت ٿي هئي ۔۔۔ راجا ڏاهر سنڌ جو سورهيه ۽ حسيني سوچ جو مالڪ هو جنهن سنڌ ۾ حضرت علي رضي الله تعالا عنه جي ساٿين کي پناهه پڻ ڏني هئي ۔۔۔ جن جا يادگار لاهوت لا مڪان کان وٺي حيدرآباد تائين اڄ به موجود آهن ۔۔۔

    پر ملوڪيت جي حامين (يزيدي ٽولي) کي اها ڳاله پسند نه آئي ۽ هنن سنڌ تي ڪاهه ڪري، سنڌ مان هزارين لونڊيون، غلمان ۽ سورهيه قيد ڪيا ۽ اربن روپين جو سون ۽ جواهر لٽي، سنڌين جو خون وهايو ۔۔۔سنڌ جا ڏاها ان عمل کي ننديدا رهيا آهن ۔۔۔

    لک ٿورا ادا سنڌو، اميد ته اوهان سنڌين جي ضمير کي چهنڊڙيون پائيندا رهندا ۽ تاريخ جي منظر ۾ کين آئينو ڏيکاريندا رهندا ۔۔۔

    سنڌ سلامت تي ڀليڪار ۔۔۔
     
  4. مان سنڌي آھيان

    مان سنڌي آھيان
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 سيپٽمبر 2022
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    سنڌ جو ھيرو ڪير؟ محمد بن قاسم يا راجہ ڏاھر؟
    تحرير........ ابو طلحہ سنڌي
    اڄڪلھ سوشل ميڊيا تي محمد بن قاسم ۽ راجہ ڏاھر جي باري ۾ تمام گھڻا بحث مباحثا ٿيندا رھن ٿا اسان جا مذھبي دوست محمد بن قاسم کي پنھنجو ھيرو سمجھن ٿا جڏھن تہ سنڌي قوم پرست دوست راجہ ڏاھر کي نہ صرف پنھنجو ھيرو بلڪ شھيد جو رتبو پڻ ڏين ٿا،
    اسان جا مذھبي دوست محمد بن قاسم کي ھيرو چوڻ جو دليل عام طور تي اھو پيش ڪندا آھن تہ سندس جي ذريعي ئي سنڌ ۾ اسلام داخل ٿيو جڏھن تہ حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي تہ محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي اسلام سنڌ ۾ داخل ٿي چڪو ھيو تنھن ڪري اھو چوڻ تہ محمد بن قاسم ئي سنڌ ۾ اسلام جو پيغام پھچايو ۽ اھو ئي سنڌ ۾ اسلام جو پھريون مبلغ آھي بلڪل درست نہ ٿيندو،
    البتہ محمد بن قاسم سنڌ کي فتح ڪري اسلامي سلطنت ۾ داخل ڪيو ۽ انھي سبب جي ڪري ئي کيس ھيرو ۽ فاتحِ سنڌ جو لقب ڏنو وڃي ٿو ۽ سنڌ جي فتح سبب ئي برصغير جا باقي علائقا بہ اسلامي سلطنت جو حصو بڻيا انھي ڪري سنڌ کي باب الاسلام چيو وڃي ٿو..
    جڏھن تہ قوم پرست راجہ ڏاھر کي ھيرو ۽ شھيد چوڻ جو دليل اھو پيش ڪندا آھن تہ ھن پنھنجي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪندي پنھنجو سر قربان ڪيو ۽ شھيد ٿيو..
    پھرين ڳالھ تہ شھيد ھڪ خالصتاً اسلامي اصطلاح آھي ڪنھن ٻئي مذھب ۾ شھادت جو ڪو تصور ئي ناھي جيڪڏھن ڪنھن ٻئي مذھب وارا پنھنجن ھيرن کي شھيد چون ٿا تہ اھو بہ مسلمانن کان ٻڌي ۽ نقل ڪري چون ٿا انھن جي پنھنجي مذھب ۾ اھا اصطلاح بلڪل بہ رائج نہ آھي..
    ۽ شھادت جو رتبو حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھريون شرط ئي ايمان آھي يعني مسلمان ٿيڻ آھي ايمان کان بغير ڪو شھيد ٿي ئي نہ ٿو سگھي جڏھن تہ راجہ ڏاھر غير مسلم ھندو راجہ ھيو تنھن ڪري راجہ ڏاھر کي شھيد چوڻ يا سمجھڻ نہ صرف غلط بلڪ علمي خطا ۽ جھالت آھي.. قوم پرست دوستن کي گذارش آھي تہ راجہ ڏاھر کي ٻيو جيڪو چاھي لقب ڏيو ليڪن شھيد چوڻ بلڪل درست ناھي..
    باقي جيتري تائين ننگن ۽ دنگن جي ڳالھ آھي تہ راجہ ڏاھر ننگن ۽ دنگن جي لاءِ نہ بلڪ پنھنجي سلطنت کي بچائڻ لاءِ وڙھندي قتل ٿيو اھو ئي سبب آھي جو راجہ ڏاھر جي قتل کان بعد ٻئي ڪنھن بہ سنڌي ڪا مزاحمت ڪان ڪئي بلڪہ انھن اسلامي سلطنت کي دل ۽ جان سان قبول ڪيو سنڌ جي فتح ٿيڻ کان بعد ان وقت جا سنڌي پنھنجي خوشي سان آھستي آھستي اسلام ۾ داخل ٿيندا ويا ڪنھن کي بہ زبردستي ڪلمو پڙھائي مسلمان نہ ڪيو ويو..
    جيڪڏھن ان وقت جا سنڌي راجہ ڏاھر کان خوش ھجن ھا ۽ انکي پنھنجو ھيرو تسليم ڪندا ھجن ھا تہ ھو ھرگز اسلامي سلطنت کي قبول نہ ڪن ھا بلڪہ راجہ ڏاھر کان بعد بہ مزاحمت کي جاري رکن ھا، ليڪن انھن ائين نہ ڪيو جنھن مان ثابت ٿو ٿئي تہ ان وقت جا سنڌي راجہ ڏاھر مان بلڪل بہ خوش
    جيڪڏھن ان وقت ڪمزوري سبب مزاحمت نہ پيا ڪري سگھيا تہ بعد ۾ تہ ڪن ھا ليڪن صديون گذري ويون ڪڏھن بہ انھن اسلامي سلطنت خلاف مزاحمت ڪان ڪئي نہ وري راجہ ڏاھر کي ھيرو سمجھي ورسي ملھائي کيس خراج تحسين پيش ڪئي..
    ليڪن اڄ جي قوم پرست سنڌين جي دلين ۾ صدين گذرڻ بعد خبر ناھي ڪھڙي سبب راجہ ڏاھر جي محبت پيدا ٿي آھي جو انکي پنھنجو ھيرو بہ سمجھن ٿا ۽ ورسي بہ ملھائن ٿا ۽ شھادت جو رتبو بہ ڏين ٿا،
    ان وقت جا سنڌي راجہ ڏاھر جي ڪارنامن کان وڌيڪ واقف ھئا يا اڄ جا سنڌي وڌيڪ واقف آھن؟
    چلو ان وقت جي سنڌين کي ڇڏيو بعد ۾ جيڪي سنڌي پيدا ٿيا صديون گذري ويون ڪڏھن ڪنھن راجہ ڏاھر کي ھيرو سمجھيو؟ ڪڏھن ورسي ملھائي؟ ڪنھن شھيد چيو؟
    شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست،
    مخدوم بلاول، ھوش محمد شيدي، سائين سورھيہ بادشاھ وغيرہ جن تي اسان سنڌي فخر ڪندا آھيون انھن مان ڪنھن ھڪ بہ راجہ ڏاھر جي ڪا تعريف ڪئي؟ ڪڏھن ورسي ملھائي؟ انکي پنھنجو ھيرو تسليم ڪيو؟ ان جي لاءِ شھيد جو لفظ استعمال ڪيو؟
    تنھن ڪري پنھنجي مسلمان سنڌي قوم پرست ڀائرن کي گذارش ڪندس تہ توھان ڀلي محمد بن قاسم کي پنھنجو ھيرو تسليم نہ ڪيو ڇو تہ اسان مسلمانن جو سڀ کان پھريون ھيرو، قائد ۽ رھبر محمد بن قاسم نہ بلڪ محمد بن عبداللہﷺ آھن ليڪن راجہ ڏاھر جھڙي ماڻھو کي پنھنجو ھيرو مڃي سنڌي قوم کي نہ لڄايو..
    باقي رھيو قوم پرستن جو اھو اعتراض تہ محمد بن قاسم سنڌي نياڻين کي ٻانھيون بڻائي انھن جي عزت کي تارتار ڪيو ۽ سنڌ مان سوين مڻ سون وغيرہ لُٽي عربستان پھچايو،
    ان جي جواب ۾ مان اھو چوندس تہ ڇا اھي عام سنڌي نياڻيون ھيون يا جنگ ۾ شريڪ راجہ ڏاھر جون ڌيئريون ھيون؟
    يقيناً اھي راجہ ڏاھر ۽ ان جي سپاھين جون عورتون ھيون جيڪي جنگ ڪري رھيا ھئا
    ۽ ان وقت پوري دنيا ۾ رائج جنگي قانون مطابق ئي انھن کي بانديون بڻايو ويو ڇو تہ ان وقت جنگن ۾ ائين ٿيندو ھيو جن کي شڪست ايندي ھئي انھن جي مال کي مالِ غنيمت بڻايو ويندو ھو ۽ انھن جي عورتن کي بانديون(ٻانھيون) بڻايو ويندو ھو..
    جيڪڏھن ان جنگ ۾ راجہ ڏاھر کي فتح ٿئي ھا تہ يقيناً اھو بہ ائين ئي ڪري ھا مسلمانن جي مال کي مال غنينت بڻائي ھا، جيڪڏھن انھن سان گڏ عورتون ھجن ھا تہ انھن کي باندي بڻائي ھا،
    راجہ ڏاھر ۽ ان سان گڏ جنگ ڪندڙ ماڻھن کان علاوہ محمد بن قاسم ٻئي ڪنھن بہ سنڌي کي ڪو نقصان ڪون پھچايو ۽ ان وري انھن کان علاوہ ڪنھن ٻئي سنڌي جي نياڻين کي باندي بڻايو تنھن ڪري اھو اعتراض ئي اجايو آھي.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,785
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عجم فارس کان آيل لکياريء جو فيڪ“چچنامه“ جنهن کي “پراڻي عربيء ڪتاب جو ترجمون“ چئي موحد مسلمين کي گمراه ڪيو ويندو آهي. اهو اصلي ڪتاب اڄ به سرزمين عرب ۾ موجود “السندي“ مسلمانن وٽ موجود آهي ۽ ان جو نالو “باب اسلام“ آهي.

    ته حوارين جون ٺاهيل هي سڀ ڳالهيون روايتون غلط ۽ من گهڙيل مفروضا آهن جيڪي “ٿرڪمستان ۽ فارس جي تاتارين“ جا گهڙيل قصن کان سواء ڪجه ناهن ۽ انهن جو عڪس به سنڏي لکارين ۾ نظر اچي پيو. اهي صدين کان ته عرب دشمني ڪندا پئي آيا. پر جڏنهن فارس جي زرتشتي آخري بادشاهت جو خاتمون حضرت عمر رضه ڪيو ته عمر رضه وفات کان پوء طاقت وٺندي اهي کلي عرب دشمنيء ۾ آيا.

    هي ترڪمستان ۽ فارس جا “مسجد ضرار” جا ٻه گروپ “منافق ۽ مرتد“ هئا جن مدينه ۾ مسجد قبا جي ڀرسان پنهنجي مسجد اڏي موحد مسلمين کي گمراه پمي ڪيو جيڪا پاڻ سڳورن ڊهرائي ڇڏي. ۽ واجب القتل هئا ته غائب ٿي ويا ۽ پوء 12 ربيع اول تي جڏنهن نبر سڳورن جي وفات جو ٻڌامون ته مديني جي گهٽين ۾ خوشيون ڪندي نغارن سان ظاهر ٿيا. ۽ خلفاء راشدرن ۾ ويڇا وجهڻ لڳا. پربجيئن ته حضرت ابوبڪرڀرضه ۽ حضرت عمر رضه جو خوف هون ته لڪي شيطانيت ڪندا هئا.

    وفات عمر رضه کان پوء نسل چنگيز جا تاتاري۽ فارس جي تاتارين ۾ جدائي ٿي. فارس وارن پوء ذوالنورين حضرت عثمان رضه کي شهيد ڪيو ته بدلي ۾ تاتارين حضرت علي رضه کي ۽ پوء انهن ۾ مدمقابل 72 فرقا بڻجي ويا. اهو هڪ سچي تواريخ جو تت آهي.

    جڏهن سنڌ باب اسلام بڻيو ته 1050ع سمارا ڊائنسٽيء کان پوء پهرين بغداد حاڪمن کان شڪست کائي چوٿون عباسي خليفو معتصم با الله جيڪو موالي هو سنڌ اچي پناه ته ورتي پر سنڌ ۾ هن موالين لاء “اوتارا سسٽم“ جو بنياد وڌو. جنهن جو فائدو پوء فارس ۽ ترڪمستان مان نادرشاه افشار ۽ احمد شاه ابدالي (افغاني لٽيرن) ورتو. موحد سنڌين کي پنهنجي جنگي گهوڙن جي سنڀن سان ڪچليندي گهوڙا ڙي گهوڙاڙي جو ماتم ڪرائي پيري مريدرراڄ قائم ڪتي پنهنجو غلام بڻائي انهن تي پنهنجو ٽيڪس “ڏن“ نافذ ڪرڻ سان گڏ راجا ڏاهر جو “ونگار سسٽم“ ٿوپر ڇڏيو.

    انهن جي سڀني عجمين جي سنڌ آمد ته ٿي. پر هنن سنڌ جي تواريخ کي مسخ ڪري پنهنجي درٻاري لکيارين فارس سوچ رکندڙن جي سوچ ڊومينيٽ ڪرائي موحديت کي ختم ڪري حمد ۽ ثنا ۾ سر ساز سوز سنگيت مڪس واتوڀترڪيء هو “صوفي ازم“ مذهب آندو. اهڙيء طرح آنهن عجمي قبضن سنڌ اچي 1050ع سمارا ڊائنسٽيء کان پوء سنڌ جي اصلي تواريخ ڊاهي سنڌ ۾ آيل ۽ ڊومينيٽ ڪندڙ فارس جي عجمي حاڪمن طرفان درباري لکيارين ۽ تواريخدانن کان لکرايا ويا اهڙا قصا بيان ڪيا.

    سرزمين عرب حرم.پاڪ (مڪه ۽ مدينه) تبليغي مرڪز سان جڙيل “باب الاسلام سنڌ“ جو دئور711 کان 1050ع تائين ۽ موحد مسلمين(توحيد) “لا الاه الي الله“دئور هو. جنهن ۾ (توهم پرستين جهالتن شرڪ ۽ بدعتن) جي ڪابه گنجائش ڪونه هئي ڇو جو هتي پاڻ سڳورن ﷺ جو مڪمل دين توحيد نافذ ٿيو هو جنهن لاء پاڻ هميشه سنڌ طرف رخ ڪتي دعائون گهرندا هوا.

    فارس درٻاري ليکڪن کان هٽي ڪري حقيقت ته هن ريت آهي ته راجه ڏاهر پنهنجي ڀاء کي مارائي پوء سنڌ جو سپه سالار بڻيو هو. سندس ڀاء جي گهر واري چچ بادشآه جي ڌيء هئي. ۽ هن پوء ساڻس شآدي ڪئي هئي تڏنهن سنڏ جو حاڪم بڻيو. اهو چچ بادشاه جو دئور هو جنهنجو مذهب “ٻڌ ڌرم“ هو. سنڌ جا واپاري “برهمڻ لوهاڻا کتري“هئا جن پاڻ سڳورن جي دعوت کي لبيڪ چئي اسلام قبول ڪيو هو. ۽ سنڌي روايتن تحفا ڏيندڙ قم آهي. هڪ روايٿ آهي ته اسلام قبول ڪرڻ لاء جڏنهن پاڻ صلعم کي سنڌ چادر پارايائون ته پاڻ صلعم دعا ڏيندي “اجرڪ من الله“ چيو تڏنهن کان ان چادر کي “اجرڪ“ چئجي ٿو. سنڌي ٽوپيء تي “محراب“ به سجدي ڪرڻ ۾ آسانيء لاء ٺاهيو ويو. پاڻ سڳورن انهن ديوان واپارين کي جوڙي کين “السندي“ خطاب ڏئي سرزمين عرب ۾ “بيت المال“ جو محافظ ٺاهيو هو.

    اڄ فارس مان آيل درٻاتي پيروڪار “چچ نامون“ پڙهي جن کي عرب چئي گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا اهي “عرب“ ن. پر عرب سرزمين تي رهندڙ سنڌي (السندي) آهن. جن 711 ۾ يمن (عدن) کان اڇي خواب خواهش دعا محمد عربي صلعم ۽ رضا الاهيء سان سنڌ کي باب اسلام بڻايو اهي عرب نه پر سنڌي هئا. اهي بغداد دئور حڪومت ۾ واپار سانگي يمن (يدن) کان “اندلس“ ويا هئا. 700 ٻارن ٻچن ۽ ست بحي ٻيڙا ڀري جڏنهن بغداد پئي ويا ته رضاالآهيء سان سمنڊ ۾ طوفان آيو جينهن کين سنڌ جي ساحلي شهر ديبل (ڪراچي) پهچائي ڇڏيو. ۽ قزاڪن کين ڦري راجا ڏآهر کي وڪيو جيڪي قيدين کان ونگار جو ڪم وٺندا هئا. کين نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جي قلعن ۾ قيد ڪيو ويو جٿي ٻيا قيدي (ديوان) به قيد هئا. جيسين بغداد مان مدد پهچي هنن قيد ۾ اسالم جي ٿبليغ ڪري قيدين کي مسلمان ڪيو. پوء ڦآرس جو گورنر محمد بن قاسم آيو جن کين ڏاهر جي پٽ جي قيد مان آزادي ڏياري وپس يمن (عدن) وڃڻ جو چيو پر هنن جا ابا ڏاڏا (السندي) جيئن ته سنڌ جا ئي هئا ته هنن سنڌ ۾ هميشه رهڻ کي ترجيح ڏيندي مائٽن کي مسلمان ڪرڻ شروع ڪيو. محند بن قاسم انهن کي آزادي ڏياري ڏاهر جي گاديء هنڌ “ملتان“ وڃي کيس شڪست ڏني. پويان بغداد تي ٻيو حاڪم آيو تنهن هنبکي گهرائيڀقتلبڪري ڇڏيو. اهڙيء طرح محمد بن قاسم سنڌ ۾ “ديبل کان ملتان تائين “ صرف اڍائي سال اهو به جنگين ۾ رهيو.
     
    آخري ترميم: ‏22 ڊسمبر 2022

هن صفحي کي مشهور ڪريو