استاد محمد رمضان سهتو
اڄ کان ڏهه سال اڳ جي ڳالهه آهي آءٌ ڪراچي ايڪسپريس ۾ نواب شاهه کان محراب پور وڃي رهيو هوس، آءٌ اڪيلو هوس جنهن ڪري اسٽيشن تان ئي وندر لاءِ اخبار خريد ڪيم، سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ هئي، گاڏي آئي ته سوار ٿي هڪ سيٽ تي ويهي رهيس، ٿوري دير کان پوءِ گاڏي نواب شاهه اسٽيشن ڇڏي آهستي آهستي پنهنجي رفتار ۾ مست ٿي ويئي، منهنجي هٿن ۾ اخبار هئي پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويس، منهنجي سامهون سيٽ تي ويٺل هڪ مسافر اوچتو هڪ وڏو ٿڌو شوڪارو ڀريو. منهنجو ڌيان هن ڏانهن کڄي ويو، هو چاليهن پنجيتاليهن ورهين جي ڄمار جو ڏسڻ ۾ پئي آيو، رنگ گورو اکيون وڏيون ۽ مرڪندڙ چهرو سنڌي لباس پيل هوس، سندس شوڪاري ڀرڻ جو مقصد شايد منهنجو ڌيان ڇڪائڻ هو، منهنجي هٿن ۾ سنڌي اخبار ڏسي هن از خود مون کي سنڌي سمجهي ورتو ۽ مون ڏانهن گهوري ڏسي ڳالهائڻ جي خواهش ظاهر ڪندي چيائين ”سائين اخبار ٻن منٽن لاءِ ڏيندا؟ مون اخبار ڏانهس وڌائيندي چيو ”حاضر سائين“ مون غور سان ڏٺو ته هن ۾ خوشي جي چمڪ ليڪن چهري تي ڪجهه پريشاني سمايل هئي، سندس اخبار گهرڻ جو مقصد شايد مون سان ڳالهائڻ ۽ پاڻ ڏانهن گهرائي ڏانهن مائل ڪرڻ هو، منهنجي مختصر گفتگو مان شايد کيس پنهنجائپ جي بوءِ اچي رهي هئي، اوچتو آهستي آهستي گاڏي کي بريڪ لڳڻ شروع ٿي ۽ گاڏي دوڙ اسٽيشن تي بيٺي سندس ڀرسان ويٺل هڪ مسافر دوڙ اسٽيشن تي لهي ويو. ڀرسان سيٽ خالي ڏسي مون کي يڪدم چيائين ”سائين اچو هيڏانهن اچي ويهو ته بهتر ٿيندو“ مون سندس چوڻ نه ٽاريو ۽ پنهنجي سيٽ ڇڏي سندس ڀرسان وڃي ويٺس، هڪ ٻئي سان تعارف ٿيو، معلوم ٿيو ته هو صاحب راڻيپور جو رهاڪو هو ۽ هڪ سنڌي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، ڪراچي کان راڻيپور اچي رهيو هو. مختصر گفتگو سان گهرو ٿي ويو. گاڏي دوڙ اسٽيشن ڇڏي هوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. اهو همراهه مسافري ۾ منهنجو ٿوري وقت لاءِ رفيق بنجي ويو ۽ حال ڀائي سمجهي آهستي ڳالهائيندي مون کي چيائين ته پٺيان سيٽ تي هڪ ماڻهو ويٺو آهي، ان ڏانهن ته نهاريو. مون حيراني کان ٿورو پاسيرو ٿي پٺين سيٽ ڏانهن ڏٺو، سيٽ چئن ماڻهن جي هئي جنهن تي هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي ويٺل هئا. جنهن ۾ هڪ عورت هڪ مرد ٻه ٻارڙا شامل هئا. چارئي گڏ هڪ ئي سيٽ تي ويٺل هئا. عورت جو رنگ گورو، وار سونهري رنگ تي سهڻي انداز ۾ سنواريل، نڪ ڊگهيرو، چپ سنهڙا ۽ ڏند جهڙا موتيءَ جا داڻا. سندس قد پورو پنو ۽ بدني بناوت وچولي هئي. ٻارڙن مان هڪ جي عمر اٽڪل پنج سال کن ۽ ٻئي جي ٻه اڍائي سال ٿئي ها، ٻئي پٽڙا معلوم ٿي ٿيا. مرد جو رنگ سانورو، وار شيدي ڪٽ، چپ ٿلها ۽ منهن تي ماتا جا نشان ظاهر ڏسڻ ۾ پئي آيا. هڪ ٻارڙي جي ابا ڪوٺڻ سان معلوم ٿيو ته مرد عورت جو مڙس هو.
مون عورت ڏانهن چتائي ڏٺو ته هوءَ منهنجي رفيق ۾ نظرون کپايون ويٺي هئي ۽ ٻارڙن کي فروٽ وغيره کارائيندي ۽ پاڻي پياريندي به هن مان اک نٿي ڪڍيائين، شايد کيس ڀرپور پيار ۽ سچي محبت جي طلب ۽ ڳولا هئي، ڏسندي ڏسندي ڪڏهن ڪڏهن منهنجي رفيق ۽ هن جون اکيون اکين سان ملي ٿي ويون. پڊعيدن جي اسٽيشن جو مفاصلو پورو ٿي چڪو هو ۽ گاڏي بيهڻ لاءِ آهستي آهستي رفتار گهٽائڻ لڳي، پڊعيدن جي اسٽيشن تي گاڏي بيٺي. منهنجو ساٿي تفريح خاطر گاڏيءَ مان لهي اسٽيشن تي هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳو، ايتري ۾ عورت پنهنجي مڙس کي گهگهي ڏيندي پاڻي ڀري اچڻ لاءِ چيو، همراهه پاڻي ڀرڻ لاءِ اسٽيشن جي نل ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ منهنجو ساٿي جيئن ته موقعي جي تلاش ۾ هئو، ان موقعي کي غنيمت ڄاڻي دريءَ جي سامهون ٿي بيٺو ۽ عورت سان يڪدم ڳالهائي ورتائين. گاڏي سيٽي هنئي ۽ پيڊعيدن اسٽيشن کي ڇڏي اڳتي وڌڻ لڳي. منهنجو ساٿي منهنجي ڀرسان ويٺو هو ۽ پنهنجو راز ظاهر ڪندي چيائين ته ”عورت جو نالو گلناز بيبي آهي. ڪراچي کان ئي مون سان گڏ سفر شروع ڪيو اٿن، اهي ٻار سندس ئي آهن ۽ مرد سندس مڙس آهي. ڪراچيءَ کان ئي ڏاڍي لفٽ ملي اٿم“ مون کيس سمجهائيندي چيو ” ڀائو ويندي مسافر سان دل لائڻ مان ڇا ورندو، هر ڪو پنهنجي منزل پوري ڪري موڪلائيندو ويندو.“
منهنجي منزل پڻ ويجهي ايندي ٿي ويئي، آءٌ موڪلائڻ جي تياري ڪري رهيو هوس، اٿڻ مهل منهنجي ساٿي مون کان منهنجو پتو پڇيو مون کيس مختصر خط وغيره ملڻ جو پتو ٻڌايو ايتري ۾ گاڏي محرابپور اسٽيشن تي بيهي چڪي هئي، آءٌ کانئس موڪلائي پنهنجي باقي مسافري پوري ڪري اچي گهر پهتس، ٻن ٽن ڏينهن بعد اخبار ۾ گلناز بيبيءَ جو فوٽو ۽ اشتهار ڇپيل ڏٺم جنهن ۾ هن پنهنجي مڙس کان طلاق جي گهر ڪئي هئي.
ٽن مهينن بعد منهنجي مسافري واري ساٿيءَ جو مون کي خط مليو، جنهن ۾ لکيو هئائين ته ”ڪامياب محبت مبارڪ آءٌ گلناز بيبيءَ کي پنهنجي رفيق حيات بنائي چڪو آهيان.“ خط پڙهڻ بعد گذريل نواب شاه کان محرابپور واري مسافري وارو سمورو تصور منهنجي ذهن تي تري آيو ۽ ڪنهن وقت سوچ ۾ پئجي ويس.
هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

(ڪتاب ”آخري ديدار“ تان کنيل)