هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    استاد محمد رمضان سهتو

    هوءَ شادي ڪيل عورت هئي​


    اڄ کان ڏهه سال اڳ جي ڳالهه آهي آءٌ ڪراچي ايڪسپريس ۾ نواب شاهه کان محراب پور وڃي رهيو هوس، آءٌ اڪيلو هوس جنهن ڪري اسٽيشن تان ئي وندر لاءِ اخبار خريد ڪيم، سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ هئي، گاڏي آئي ته سوار ٿي هڪ سيٽ تي ويهي رهيس، ٿوري دير کان پوءِ گاڏي نواب شاهه اسٽيشن ڇڏي آهستي آهستي پنهنجي رفتار ۾ مست ٿي ويئي، منهنجي هٿن ۾ اخبار هئي پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويس، منهنجي سامهون سيٽ تي ويٺل هڪ مسافر اوچتو هڪ وڏو ٿڌو شوڪارو ڀريو. منهنجو ڌيان هن ڏانهن کڄي ويو، هو چاليهن پنجيتاليهن ورهين جي ڄمار جو ڏسڻ ۾ پئي آيو، رنگ گورو اکيون وڏيون ۽ مرڪندڙ چهرو سنڌي لباس پيل هوس، سندس شوڪاري ڀرڻ جو مقصد شايد منهنجو ڌيان ڇڪائڻ هو، منهنجي هٿن ۾ سنڌي اخبار ڏسي هن از خود مون کي سنڌي سمجهي ورتو ۽ مون ڏانهن گهوري ڏسي ڳالهائڻ جي خواهش ظاهر ڪندي چيائين ”سائين اخبار ٻن منٽن لاءِ ڏيندا؟ مون اخبار ڏانهس وڌائيندي چيو ”حاضر سائين“ مون غور سان ڏٺو ته هن ۾ خوشي جي چمڪ ليڪن چهري تي ڪجهه پريشاني سمايل هئي، سندس اخبار گهرڻ جو مقصد شايد مون سان ڳالهائڻ ۽ پاڻ ڏانهن گهرائي ڏانهن مائل ڪرڻ هو، منهنجي مختصر گفتگو مان شايد کيس پنهنجائپ جي بوءِ اچي رهي هئي، اوچتو آهستي آهستي گاڏي کي بريڪ لڳڻ شروع ٿي ۽ گاڏي دوڙ اسٽيشن تي بيٺي سندس ڀرسان ويٺل هڪ مسافر دوڙ اسٽيشن تي لهي ويو. ڀرسان سيٽ خالي ڏسي مون کي يڪدم چيائين ”سائين اچو هيڏانهن اچي ويهو ته بهتر ٿيندو“ مون سندس چوڻ نه ٽاريو ۽ پنهنجي سيٽ ڇڏي سندس ڀرسان وڃي ويٺس، هڪ ٻئي سان تعارف ٿيو، معلوم ٿيو ته هو صاحب راڻيپور جو رهاڪو هو ۽ هڪ سنڌي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، ڪراچي کان راڻيپور اچي رهيو هو. مختصر گفتگو سان گهرو ٿي ويو. گاڏي دوڙ اسٽيشن ڇڏي هوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. اهو همراهه مسافري ۾ منهنجو ٿوري وقت لاءِ رفيق بنجي ويو ۽ حال ڀائي سمجهي آهستي ڳالهائيندي مون کي چيائين ته پٺيان سيٽ تي هڪ ماڻهو ويٺو آهي، ان ڏانهن ته نهاريو. مون حيراني کان ٿورو پاسيرو ٿي پٺين سيٽ ڏانهن ڏٺو، سيٽ چئن ماڻهن جي هئي جنهن تي هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي ويٺل هئا. جنهن ۾ هڪ عورت هڪ مرد ٻه ٻارڙا شامل هئا. چارئي گڏ هڪ ئي سيٽ تي ويٺل هئا. عورت جو رنگ گورو، وار سونهري رنگ تي سهڻي انداز ۾ سنواريل، نڪ ڊگهيرو، چپ سنهڙا ۽ ڏند جهڙا موتيءَ جا داڻا. سندس قد پورو پنو ۽ بدني بناوت وچولي هئي. ٻارڙن مان هڪ جي عمر اٽڪل پنج سال کن ۽ ٻئي جي ٻه اڍائي سال ٿئي ها، ٻئي پٽڙا معلوم ٿي ٿيا. مرد جو رنگ سانورو، وار شيدي ڪٽ، چپ ٿلها ۽ منهن تي ماتا جا نشان ظاهر ڏسڻ ۾ پئي آيا. هڪ ٻارڙي جي ابا ڪوٺڻ سان معلوم ٿيو ته مرد عورت جو مڙس هو.
    مون عورت ڏانهن چتائي ڏٺو ته هوءَ منهنجي رفيق ۾ نظرون کپايون ويٺي هئي ۽ ٻارڙن کي فروٽ وغيره کارائيندي ۽ پاڻي پياريندي به هن مان اک نٿي ڪڍيائين، شايد کيس ڀرپور پيار ۽ سچي محبت جي طلب ۽ ڳولا هئي، ڏسندي ڏسندي ڪڏهن ڪڏهن منهنجي رفيق ۽ هن جون اکيون اکين سان ملي ٿي ويون. پڊعيدن جي اسٽيشن جو مفاصلو پورو ٿي چڪو هو ۽ گاڏي بيهڻ لاءِ آهستي آهستي رفتار گهٽائڻ لڳي، پڊعيدن جي اسٽيشن تي گاڏي بيٺي. منهنجو ساٿي تفريح خاطر گاڏيءَ مان لهي اسٽيشن تي هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳو، ايتري ۾ عورت پنهنجي مڙس کي گهگهي ڏيندي پاڻي ڀري اچڻ لاءِ چيو، همراهه پاڻي ڀرڻ لاءِ اسٽيشن جي نل ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ منهنجو ساٿي جيئن ته موقعي جي تلاش ۾ هئو، ان موقعي کي غنيمت ڄاڻي دريءَ جي سامهون ٿي بيٺو ۽ عورت سان يڪدم ڳالهائي ورتائين. گاڏي سيٽي هنئي ۽ پيڊعيدن اسٽيشن کي ڇڏي اڳتي وڌڻ لڳي. منهنجو ساٿي منهنجي ڀرسان ويٺو هو ۽ پنهنجو راز ظاهر ڪندي چيائين ته ”عورت جو نالو گلناز بيبي آهي. ڪراچي کان ئي مون سان گڏ سفر شروع ڪيو اٿن، اهي ٻار سندس ئي آهن ۽ مرد سندس مڙس آهي. ڪراچيءَ کان ئي ڏاڍي لفٽ ملي اٿم“ مون کيس سمجهائيندي چيو ” ڀائو ويندي مسافر سان دل لائڻ مان ڇا ورندو، هر ڪو پنهنجي منزل پوري ڪري موڪلائيندو ويندو.“
    منهنجي منزل پڻ ويجهي ايندي ٿي ويئي، آءٌ موڪلائڻ جي تياري ڪري رهيو هوس، اٿڻ مهل منهنجي ساٿي مون کان منهنجو پتو پڇيو مون کيس مختصر خط وغيره ملڻ جو پتو ٻڌايو ايتري ۾ گاڏي محرابپور اسٽيشن تي بيهي چڪي هئي، آءٌ کانئس موڪلائي پنهنجي باقي مسافري پوري ڪري اچي گهر پهتس، ٻن ٽن ڏينهن بعد اخبار ۾ گلناز بيبيءَ جو فوٽو ۽ اشتهار ڇپيل ڏٺم جنهن ۾ هن پنهنجي مڙس کان طلاق جي گهر ڪئي هئي.
    ٽن مهينن بعد منهنجي مسافري واري ساٿيءَ جو مون کي خط مليو، جنهن ۾ لکيو هئائين ته ”ڪامياب محبت مبارڪ آءٌ گلناز بيبيءَ کي پنهنجي رفيق حيات بنائي چڪو آهيان.“ خط پڙهڻ بعد گذريل نواب شاه کان محرابپور واري مسافري وارو سمورو تصور منهنجي ذهن تي تري آيو ۽ ڪنهن وقت سوچ ۾ پئجي ويس.

    (ڪتاب ”آخري ديدار“ تان کنيل)​
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    يار هي ته صفا اصل وڏي ڳالهه ٿئي وئي هلندي هلندي شادي
    مار ..........
    اصل صفا مار ڇوڙيئي

    سٺي تحرير آهي ادا
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    فقير سائين ٻيلي اسان تي رحم ڪيو۔۔۔۔ ادا اهڙيون ڪهاڻيون جيڪڏهن منهنجي لاءِ سچيون ٿي پون ته اصل مان هوند ريل گاڏي ۾ سفر ڪريان۔۔۔۔ بس ادا اهو اٿئي ويچاري محبتي ماڻهو پرائي مال تي به پٽڪو نراڙ تي۔۔۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    ادا زاهد هي پنهنجو رنجيت به ڏاڍو لوڪل ٽرين ۾ سفر ڪندو آهي ان کان ته حال احوال وٺو :D
    ادا رنجيت به لوڪل ٽرين کان سوا۽ ٻئي ڪنهن سواري ۾ سفر ڪري ئي ڪو نه اڄ خبر پئي hall charihall charihall charihall chari


    khil sahi


    sindhsalamatsaathsal
     
  5. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي

    ڦلپوٽا سائين معاف ڪجو هن پوسٽ ري نظر دير سان پئي..... ادا توهان جي ڳالهه بروبر آهي ته مان ممبئي جي لوڪل ٽرين ۾ جام سفر ڪندو آهيان. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اگر مان پنهنجي بائيڪ وٺان ۽ ان بائيڪ تي 130 ڪلوميٽر روز سفر ڪيان ته منهنجا ته لاهه ئي نڪري وڃن بس ان جي لاءِ لوڪل زنده باد.... ٽوٽل ڀاڙو 220 روپيا انڊيا جا مطلب پاڪستان لڳ ڀڳ 350 روپيا..... اهو به ڪيترا دفعا به گهم ڦر....... مان لوڪل ٽرين تي ۽ ۾ هڪ ڪهاڻي لکي آهي جيڪا مان اڃ ونڊ پيو ڪريان جيڪا منهنجي زندگي جي لکت جي صورت ۾ پهرين ڪهاڻي آهي
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    فقير يار پاڻ ته روز ريل ۾ سفر ڪندا آهيون پر يار پاڻ کي ته ڪڏنهن لفٽ ناهي ملي يار لڳي ٿو هاڻي گودڙي اڇلڻي پوندي ۽ ڪي سوٽ ڪوٽ پائڻا پوندا تڏنهن اها خيرات به ملي ويندي
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    فقير سائين

    گودڙي اڇلائڻ سان يا سوٽ ڪوٽ پائڻ سان من ڪو توهان جو مسئلو حل ٿئي باقي ماڻهو توهان جو چهرو مبارڪ ڏسي ئي سمجهي ويندا آهن ته هي انٽرنيشنل فقير آ :D:D:Dhall charihall charihall charihall charihall chari

    hatt-parehatt-pare
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    سائين هتي ته ڳالهه ئي زور لڳي پئي آهي لڳي ٿو ته هي ويچارن ڇڙن جا حال احوال آهن
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    توبه توبه ادا لاين هڻڻ جو مطلب آهي پهنجي ڌنڌي تي لت ڏيڻ ادي مونکي ڪوبه شوق ناهي فرض ڪر جي ڪنهن سان اک لڳي به وئي ته مهنجو ڪهڙو حشر ٿيندو هڪ سان شادي ڪئي آهي ان گودڙي کڻائي آهيhall chari جي ٻي آئي ته اها ڇا ڪرائيندي خبر ناهي ۔تون ته وري به نيشنل آهين اسان رڳو گودڙي ئي نه پر انٽر نيشنل بنڻي ويا سي جي ٻي آئي ته اصل هن جهان مان ئي۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔:D:D:D
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    يار علي، ڀلا تون به ريل ۾ چڙهندو آهين ڇا؟ ها ياد اچي ٿو هڪ فقير آيو هو جنهن اچي اهو چيو هو ته هن سيلاني فقير جي جهولي خالي آهي .... منهن سامهون ويٺل مستورات ڏانهن هيس ... مون کائنس پڇيو ته جهوليءَ ۾ ڇا کپيءَ ... مون ڏانهن مسڪرائيندي جهولي وڃي مستورات جي سامهون جهليائين ...

    hall chari
    hatt-pare
    shal judy hujeen
     
  11. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    ها سائين اصل فقير اهڙآ اهين جو شل نه ڪا اڇي چمڙي ڏسن پوء مون وانگر واڇون ٽيڙيون ٿي ويندين ۽ گهرڻ جو انداز به بدلجي ويندو فري فري ريل جي ان ئي گاڏي ۾ واپس ايندا اهين پر اسان وارو فقير ائين ناهي ويچاري کي پوري ريل گهمڻي هوندي اهي سو ڪراچي کان حيدراآباد پهڇندي پوري ٽرين جو صفايو ڪري ويندو آهي چڙهڻ مهل ته فقير هوندو آهي پر حيدر آباد پهچندي ئي لک پتي بڻجي ويندو آهي :D
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    توبهه توبهه ڪهڙو دور اچي ويو آهي۔۔۔ گلنار ته نار جي ناري نڪتي۔۔؟ نار ملڪ نه پر جهنم واري نار
     
  13. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    ادا ڄامشورائي متا نه مڃين فقير به ڪنهن ميدان ۾ پوئتي نٿئي ۔ hall chari:D
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    ادا فقيرن جا اهي حال رهيا ته سڄو ملڪ اهڙو فقير ٿي ويندو۔۔۔ اسان وارا وزير به پوءِ ڪُشتا کنيو بيٺا هوندا۔۔۔
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    ادا سان جو پاڪسستان جا سربراه سدائين ڪستو هٿ ۾ نه پر ڪنڌ ۾ لٽڪايو وتن نواز شريف کان وٺي زرداري:d تائين اسان وارو حاليه صدر تي گهر ويهي ئي ڪون ٿو :dصرف فرق ايترو آهي جو هو ڪجه امير فقير آهين انهن جو ڪستو اسان ٽرين واري فقيرن جي ڪستن جهڙوناهي جو جهازن ۽ اسيمبلين ۾ خيرات گهرندا آهين ان ڪري انهن جا ڪستا به اسان جي ڪستن کان مختلف آهين ۔
    پر يار هڪ انڪشاف ڪندو هلان ته اسان جو فقير جي جهاز ۾ چڙهڻ چاهي ته چڙهي سگهي ٿو پر ٽرين ۾ ان کي ايڏو مزو اچي ويو ٿي جو ڳالهه ئي نه ڪر :d
     
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    ادا اصلي انٽرنيشنل فقير اهي اٿو جيڪي هڪ ڏينهن به گهر نه ٿا ويهن اصل گهرڻ جي عادت کين ويهڻ ئي نه ٿو ڏئين۔۔
    باقي ادا توهان کي جهاز ۾ سفر نه ڪرڻ گهرجي، جهاز نان اسٽاپ هوندو اٿو، گلنار جو مڙس ڪٿي لهندو ئي ڪونه پاڻي ڀرڻ لاءِ۔۔۔۔
    ريل ۾ چڙهندو ته اسٽاپ به ايندا ۽ هر اسٽاپ تي گلنار گگهي خالي ڪري مڙس کي چوندي ته وڃ ٻي گگهي ڀري آءُ ۽ پئي دريءَ تان ڪچهري ڪندي۔۔
     
  17. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    ادا تڏنهن ته پاڻ وارو فقير به ان ٽرين جي پچر ئي ڪون ٿو ڇڏي متا اها گلنار ڪٿي وري ملي وڃي :D :D :D :Dhall chari
     
  18. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    asul matt
    آئون به چوان ته همراهه جي حاضري صفا گهٽ ٿي وئي آهي۔۔
     
  19. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    ها ادا نايٽ ڪوچ ۾ اگر ڪڏنهن چڙهڻ ٿي ته پاڻ وارو فقير ضرور ملندي يار مان به ڪڏنهن ڪڏنهن ان سان گڏ چڙهندو آهيان ان کي گهڻا دفعا سمجهايو آهي ته ڇڏ لنار جي پچر پر چوي ٿو ته نه جي کپي ته اها نه ته ٻي ڪنهن کي به گلنار جي جاء ڪون ڏيندس هاڻي آهي به ضدي ڪير سمجهائيس :D
     
  20. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هوءَ شادي ڪيل عورت هئي

    ادا کيس سمجهايوس ته گلنار جو نيون ورزن آيو اٿوَ۔ فلنار متان پوءِ گلنار جي پچر ڇڏي ڏيئي، پوءِ نائٽ ڪوچ کي به ڇڏڻو پوندس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو