
ڊسمبر تون وري آئين
محمد سليمان وساڻ
ڊسمبر خبر ناهي ڇو منهنجي پسنديده موسم هوندي آهي۔ جيتوڻيڪ مان ڊسمبر کان گهڻو گهٻرائيندو به آهيان، گهٻرائڻ جو سبب شايد پنهنجي سڀ کان پسنديده شخصيتن کي ڊسمبر ۾ وڃائڻ ئي آهي۔ جيتوڻيڪ ڊسمبر يخ ٿڌين هوائن ۽ ٿڌي موسم جو مهينو آهي پر خبر ناهي ڇو احساس ۽ جذبا وري ڊسمبر ۾ گرم ٿيندا آهن۔
هن سال وري ڊسمبر آيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڻ سان گڏ ٿڌيون هوائون، يادو ۽ احساس کڻي ۔۔۔۔۔۔۔ ڊسمبر سنڌ کي خوشيون ڪونه ڏئي سگهيو آهي ۔۔۔۔۔ جيتوڻيڪ ڊسمبر جو مهينو مونکي گهڻو وڻندو آهي، جنهن ۾ اتر جي ٿڌي هوا لڳندي آهي ۽ پوء جيجيء جا اهي ٻول ياد ايندا آهن ۔۔۔۔
اترڙو ٿو لڳي او الا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسين ماڻهو لاڙ جا
جڏهن ڊسمبر ايندو آهي ته سيء جي موسم ايندي آهي جيڪا چپن ڦٽڻ جي موسم به هوندي آهي۔ اها موسم جنهن ۾ ونيون پنهنجي پرديس ويل ڪانڌ لاء چونديون آهن :سَرَ نِسرِيا پاندَ، اُتَرَ لڳا، آءُ پِرِين!
مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ! سَهِسين سُکائُون ڪَيون (شاه)
ڊسمبر جڏهن به ايندو آهي ته مان ڳوٺن کي گهڻو ياد ڪندي ڪراچي ۾ تڙپندو آهيان۔ مان ڊسمبر جي ٿڌين راتين ۾ ڳوٺن ۾ ٻاريل مچ ۽ مچ ڪچهرين کي وساري ناهيان سگهندو۔ ڊسمبر ۾ گهٻرائڻ جو هڪ سبب شايد اهو به آهي جو هي پراڻي سال جي جدائي جو مهينو آهي۔ جيڪو پاڻ سان گڏ نئين سال جون اميدون ۽ آسرا، ڏک ۽ سور کڻي ايندو آهي۔ ڊسمبر تي اسان جي ڀلوڙ شاعر ۽ ليکڪ حسن مجتبى جي نظم مان ڪجهه سٽون پيش ڪجن ٿيون
ڊسمبر تون وري آئين
وري ھيءَ برفباري آ
وري ڪا يارو ياري آ
وري ڪا عشق بازي آ
وري ڪا شعر و شاعري آ
وري ڪي گھوٽ گھائل ٿيا
وري ڪي سونھن سائل ٿيا
وري ڪا ياد تنھنجي جي وري موسم
وري ڪا پيار تنھنجي جي چري موسم
وري ڪا ولھه جي موسم
وري ڪا باھ جي موسم
وري ڪا چاھ جي موسم
وري ڪا مڌ جي موسم
وري ڪا سڌ جي موسم
وري ڪا منڌ جي موسم
پر ڊسمبر جا ڏنل ڏک وسرن ئي ڪونه ٿا هي اهوئي ته مهينو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي محبوب ۽ دلين تي حڪمراني ڪندڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسان کان کسي وئي هئي۔ سندس رت راولپنڊي جي شهر معطر ڪندو لاڙڪاڻي پهتو هو ۽ سنڌ پار ڪندي روئيندي رهي هئي۔ اها شهيد جيڪا سنڌ لاء بهار جو پيغام هئي سا خزان جي پوڄارين جو شڪار ٿي وئي۔
هي اهوئي ته ڊسمبر آهي جنهن اسان کان ڌرتيء جيڏو شاعر شيخ اياز کسيو هو۔ اياز جنهن جي شاعري انقلاب ۽ مهبت جو درس هئي۔ هو جيڪو پاڻ چوندو هو
”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ
الا مان اڏري ويندو سانءِ!“
هي ڊسمبر ته اهو ئي آهي نه جنهن اسان کان سنڌ جو ٻيجل سرمد سنڌي (رحمان مغل) جدا ڪيو۔ اهو سرمد جنهن جي ڏات ۽ آواز سنڌ جو آواز هو۔ هو جيڪو سڀني جو لاڏلو راڳي هو۔
ڏاڍو ساريندين منهنجي مئي کان پوء
۽ پوء سنڌ کيس ساريندي رهي آهي۔ سندس آواز ڄڻ ته امر ٿي ويو آهي۔اهو ڊسمبر ئي ته آهي جنهن اسان کان سنڌ جو عاشق شاعر تاجل بيوس جدا ڪيو۔ هو جيڪو سنڌ جي وستي، واهڻ ، ڳوٺن، شهرن، وڻن ٽڻن ۽ هر شيء کي ڳائيندو هو۔ جيڪو ڀٽائيء جي ڪڙي هو۔
تون ته ملندو رهندين خوابن ۾
ڪو ڪيئن ٿو چوي ڪو ڪيئن ٿو چوي۔۔۔۔۔۔۔
ڊسمبر ئي ته آهي جنهن اسان کان صحافت ۽ ادب جي وڏي نالي علي احمد بروهي جي پساهن کي پورو ڪيو هو۔ اهو شخص جنهن جي قلم ۽ آواز سان سنڌ جا مسئلا ڪر کڻي اٿندا هئا۔ جنهن جي قلم ۾ هڪ سگهه هئي۔
ڊسمبر ئي ته آهي جنهن اسان کان اردو جي پسنديده شاعره پروين شاڪر ۽ منير نيازي به کسيا ۔۔۔ اها پروين شاڪر جيڪا اسلام آباد جي روڊن تي ايڪسيڊنٽ سبب اسان کان جدا ٿي
”ڪڇ تو هوا ڀي سرد ٿي
ڪڇ ٿا تيرا خيال بهي!
دل ڪو خوشي ڪي ساٿ ساٿ
هوتا رها ملال ڀي!“
”بات وه آدهي رات ڪي
رات وه پوري چاند ڪي
چاند ڀي عين چيت ڪا
اس پر تيرا جمال ڀي“