لڳي ٿو ڊسمبر سال جي پڄاڻي اهڙي ته نموني ٿو ڪري جو جيء جهري پوي ٿو. ويندي ويندي ڊسمبر وري جاڙ ڪري ويو. ڀارت ۾ سنڌيءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو ليکڪ لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا دهلي جي هڪ اسپتال ۾ديهانت ڪري ويو. لڇمڻ ڪومل 1936ع ڌاري سنڌ جي شهر ڪنڊياري ۾ ڄائو. ورهاڱي وقت لکين سنڌين جيان هيءُ به جلا وطن ٿيو ۽ دهليءَ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪيائين. ڪيترن ئي ادبي ادارن ۾ ڪم ڪيائين. ڀارت جي وڏي اخبار ”ٽائيمس آف انڊيا“ سان جڙيل رهيو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، مرتب ڪيا ۽ ترجمو ڪيا. ڳچ ڀيرا سنڌ گهمڻ آيو. اڌ دنيا جو سير ڪيائين. آخري پل دهليءَ ۾ گذاريائين. لڇمڻ ڪومل جا ڇپيل ڪتاب (1) ”هڪڙو هو راجا“ (ٻاراڻو ادب: 1965ع) جنهن تي کيس ڀارتي سرڪار جي تعليمي وزارت ’ٻاراڻي ادب جو ايوارڊ‘ ڏنو. (2) Folk Literature of Pakistan (1971ع)، جنهن جا هن وقت تائين ڇهه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، (3) ”نئون صبح“ مشهور روسي شاعر ولاديمبر ماياڪو وسڪيءَ جي شاعريءَ جو ترجمو (1974ع)، جنهن تي کيس ماسڪو ۾ گهرائي، 1975ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ، روس جي نوبل انعام يافته اديب ميخائل شولو خوف هٿان ڏياريو ويو، (4) ”جيءَ جهروڪا“ (شاعري: 1975ع). سندس هن شعري مجموعي تي کيس 1976ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ايوارڊ ڏنو ويو، (5) ”ميري چادر“ (1978ع) راجندرسنگهه بيديءَ جي ناول ’ميلي چادر‘ جو ترجمو(1983ع ۽ سنڌ ۾ ٻيو ڇاپو جنوري 1986ع) (6) ”ميران ٻائي“ (مونوگراف: 1980ع) جيڪو ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ ڇپايو، (7) ”بلي شاهه“ (مونوگراف)، جيڪو ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپيو، (8) ”ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڊ تي“ (1986ع)، مشهور ڊرامانگار، هدايت ڪار، شاعر، اديب ۽ نارائڻ شيام جي ڀاءُ هيم ناگواڻيءَ جي شخصيت ۽ فن تي ترتيب ڏنل ڪتاب. (9) ”پن ڇڻ جو پڙلاءُ“ (1996ع) نامور ناول نگار قرة العين حيدر جي ناول ’پت جهڙ ڪِي آواز‘ جو سنڌي ترجمو، جنهن کي ساهتيه اڪيڊميءَ 1997ع ۾ بهترين ترجمي جو ايوارڊ ڏنو، (10) ”وهي کاتي جا پنا“ (آتم ڪٿا: ٽي ڀاڱا)، 2006، 2008 ۽ 2009ع ۾ سنڌ ۾ سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي ۽ ورسٽي سنڌي پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپيا، جن مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ ڪيترا پنهنجا چاهيندڙ پيدا ڪيا.