ڊسمبر تون وري آئين

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڊسمبر تون وري آئين
    محمد سليمان وساڻ

    ڊسمبر خبر ناهي ڇو منهنجي پسنديده موسم هوندي آهي۔ جيتوڻيڪ مان ڊسمبر کان گهڻو گهٻرائيندو به آهيان، گهٻرائڻ جو سبب شايد پنهنجي سڀ کان پسنديده شخصيتن کي ڊسمبر ۾ وڃائڻ ئي آهي۔ جيتوڻيڪ ڊسمبر يخ ٿڌين هوائن ۽ ٿڌي موسم جو مهينو آهي پر خبر ناهي ڇو احساس ۽ جذبا وري ڊسمبر ۾ گرم ٿيندا آهن۔

    هن سال وري ڊسمبر آيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڻ سان گڏ ٿڌيون هوائون، يادو ۽ احساس کڻي ۔۔۔۔۔۔۔ ڊسمبر سنڌ کي خوشيون ڪونه ڏئي سگهيو آهي ۔۔۔۔۔ جيتوڻيڪ ڊسمبر جو مهينو مونکي گهڻو وڻندو آهي، جنهن ۾ اتر جي ٿڌي هوا لڳندي آهي ۽ پوء جيجيء جا اهي ٻول ياد ايندا آهن ۔۔۔۔

    اترڙو ٿو لڳي او الا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسين ماڻهو لاڙ جا
    جڏهن ڊسمبر ايندو آهي ته سيء جي موسم ايندي آهي جيڪا چپن ڦٽڻ جي موسم به هوندي آهي۔ اها موسم جنهن ۾ ونيون پنهنجي پرديس ويل ڪانڌ لاء چونديون آهن :

    سَرَ نِسرِيا پاندَ، اُتَرَ لڳا، آءُ پِرِين!
    مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ! سَهِسين سُکائُون ڪَيون (شاه)

    ڊسمبر جڏهن به ايندو آهي ته مان ڳوٺن کي گهڻو ياد ڪندي ڪراچي ۾ تڙپندو آهيان۔ مان ڊسمبر جي ٿڌين راتين ۾ ڳوٺن ۾ ٻاريل مچ ۽ مچ ڪچهرين کي وساري ناهيان سگهندو۔ ڊسمبر ۾ گهٻرائڻ جو هڪ سبب شايد اهو به آهي جو هي پراڻي سال جي جدائي جو مهينو آهي۔ جيڪو پاڻ سان گڏ نئين سال جون اميدون ۽ آسرا، ڏک ۽ سور کڻي ايندو آهي۔ ڊسمبر تي اسان جي ڀلوڙ شاعر ۽ ليکڪ حسن مجتبى جي نظم مان ڪجهه سٽون پيش ڪجن ٿيون

    ڊسمبر تون وري آئين
    وري ھيءَ برفباري آ
    وري ڪا يارو ياري آ
    وري ڪا عشق بازي آ
    وري ڪا شعر و شاعري آ
    وري ڪي گھوٽ گھائل ٿيا
    وري ڪي سونھن سائل ٿيا
    وري ڪا ياد تنھنجي جي وري موسم
    وري ڪا پيار تنھنجي جي چري موسم
    وري ڪا ولھه جي موسم
    وري ڪا باھ جي موسم
    وري ڪا چاھ جي موسم
    وري ڪا مڌ جي موسم
    وري ڪا سڌ جي موسم
    وري ڪا منڌ جي موسم


    پر ڊسمبر جا ڏنل ڏک وسرن ئي ڪونه ٿا هي اهوئي ته مهينو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي محبوب ۽ دلين تي حڪمراني ڪندڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسان کان کسي وئي هئي۔ سندس رت راولپنڊي جي شهر معطر ڪندو لاڙڪاڻي پهتو هو ۽ سنڌ پار ڪندي روئيندي رهي هئي۔ اها شهيد جيڪا سنڌ لاء بهار جو پيغام هئي سا خزان جي پوڄارين جو شڪار ٿي وئي۔

    هي اهوئي ته ڊسمبر آهي جنهن اسان کان ڌرتيء جيڏو شاعر شيخ اياز کسيو هو۔ اياز جنهن جي شاعري انقلاب ۽ مهبت جو درس هئي۔ هو جيڪو پاڻ چوندو هو

    ”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ
    الا مان اڏري ويندو سانءِ!“

    هي ڊسمبر ته اهو ئي آهي نه جنهن اسان کان سنڌ جو ٻيجل سرمد سنڌي (رحمان مغل) جدا ڪيو۔ اهو سرمد جنهن جي ڏات ۽ آواز سنڌ جو آواز هو۔ هو جيڪو سڀني جو لاڏلو راڳي هو۔

    ڏاڍو ساريندين منهنجي مئي کان پوء
    ۽ پوء سنڌ کيس ساريندي رهي آهي۔ سندس آواز ڄڻ ته امر ٿي ويو آهي۔

    اهو ڊسمبر ئي ته آهي جنهن اسان کان سنڌ جو عاشق شاعر تاجل بيوس جدا ڪيو۔ هو جيڪو سنڌ جي وستي، واهڻ ، ڳوٺن، شهرن، وڻن ٽڻن ۽ هر شيء کي ڳائيندو هو۔ جيڪو ڀٽائيء جي ڪڙي هو۔

    تون ته ملندو رهندين خوابن ۾
    ڪو ڪيئن ٿو چوي ڪو ڪيئن ٿو چوي۔۔۔۔۔۔۔

    ڊسمبر ئي ته آهي جنهن اسان کان صحافت ۽ ادب جي وڏي نالي علي احمد بروهي جي پساهن کي پورو ڪيو هو۔ اهو شخص جنهن جي قلم ۽ آواز سان سنڌ جا مسئلا ڪر کڻي اٿندا هئا۔ جنهن جي قلم ۾ هڪ سگهه هئي۔

    ڊسمبر ئي ته آهي جنهن اسان کان اردو جي پسنديده شاعره پروين شاڪر ۽ منير نيازي به کسيا ۔۔۔ اها پروين شاڪر جيڪا اسلام آباد جي روڊن تي ايڪسيڊنٽ سبب اسان کان جدا ٿي

    ”ڪڇ تو هوا ڀي سرد ٿي
    ڪڇ ٿا تيرا خيال بهي!
    دل ڪو خوشي ڪي ساٿ ساٿ
    هوتا رها ملال ڀي!“
    ”بات وه آدهي رات ڪي
    رات وه پوري چاند ڪي
    چاند ڀي عين چيت ڪا
    اس پر تيرا جمال ڀي“

     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: ڊسمبر تون وري آئين

    ڇا ته ياد ڪرائي ڇڏيوتوهان ڊسمبر جي موسم به هڪ خوفائتي موسم آه جو ڪنهن نه ڪنهن کي ڏک ڏيکاري ٿي ڊسمبر جي موسم۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڊسمبر تون وري آئين

    بيشڪ ڊسمبر جي مهيني ۾ ڄاڻايل تمام وڏيون هستيون اسانکان جدا ٿيون ... ڪن کي فطرت ننڊ ڪرائي ته ڪي غير فطري رسي ويا ... فطرت سان ته مقابلو ڪرڻ وس جي ڳالهه ناهي پر غير فطري عملن سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو ... ڪئي ڊسمبر آيا، ويا ۽ ايندا ... ڪاش اسانکان وري ڪو اسانجو سڄڻ غير فطري کسجي نه سگهي ...!!!

    سمجهو ڪي سمجهن

    دوست سليمان وساڻ جو هڪ ٻيو اهڙو ليک جيڪو ٿڌ جي موسم ۾ به تڙپائيندڙ احساس پئدا ڪري وجهي ٿو ۔۔۔ پنهنجن پيارن جي جدائيءَ جو احساس ايترو ته گهرو آهي جو سليمان وساڻ کي اهڙي ليک تخليق ڪرڻ تي واڌايون چوندي به هڙٻڙاهٽ ٿئي ٿي ۔۔۔

    ويا سي وينجهار! هيرو لعل ونڌين جي،
    تنين سندا پوئيان، سيهي لهن نه سار،
    ڪٽين ڪٽ لهار، هاڻي انهين ڀيڻيين۔
    سر سريراڳ ۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڊسمبر تون وري آئين

    ڊسمبر ۽ سنڌ جي سورمن جي ورسين تي سائين سليمان جو لکيل ليک تمام بھترين لڳو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: ڊسمبر تون وري آئين

    بهترين خيال ۽ حقيقتون۔۔۔۔۔
    امر هستين جي جدائي جا ڏيک ڪهڙن نه سهڻن لفّظن ۾ پروئي پيش ڪيا اٿئو۔۔۔۔
    جس لهڻو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊسمبر تون وري آئين

    سڀني دوستن جون مهربانيون جن منهنجي حوصلا افزائي ڪئي۔

    سچ پڇو ته ڊسمبر ڏاڍو وڻندو آهي ۽ اڄڪلهه ته ڪجهه وڌيڪ ونندڙ ٿي پيو آهي۔

    سائين ياسر قاضي فيسبوڪ تي ڪمينٽس ڏيندي چيو ته سائين اياز قادري به اسان کان ڊسمبر ۾ جدا ٿيو آهي۔ هن ليک ۾ سندس به ذڪر هجڻ گهرجي ها۔ مهربانيون سائين ياسر قاضي جون۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊسمبر تون وري آئين

    ساڳيو مضمون محترم صفدر وڳڻ روزانه هلال پاڪستان ۾ ڇاپيو آهي۔

    هت ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊسمبر تون وري آئين

    مهرباني ليک کي پسند ڪرڻ جي ۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڊسمبر تون وري آئين

    ڊسمبر مون کي به هر دفعي ياد هوندو آهي۔۔۔ ان جو سبب سندس ظالم پن نه جو هن تاريخ جي وهڪري ۾ کوڙ سارين امر شخصيتن کي پاڻ سان گڏ کنيو آهي پر ۔۔۔ ان جو ٻيو سبب آهي۔۔ پر الائي ڇو هن دفعي ڊسمبر آيو ۽ گذرڻ جي قريب پهتو۔۔۔ ۽ سندس جي اچڻ جو احساس نه جاڳيو۔۔ ان جو سبب شايد منهنجي مصروفيت يا وري ڪجهه ڏينهن طبيعت جي ناسازي ۔۔۔۔

    پر ان کان اڳ جو هن دفعي وارو ڊسمبر ڪجهه احساس ڏيارڻ کان سواءِ گذري وڃي ۔۔۔ مون کي منهنجي همسفر ياد ڏيارو۔۔۔ جي ها منهنجي پتني جي ڪال ۽ ان جي جملي ياد ڏياريو ته هي ڊسمبر آهي۔۔ جڏهن هن چيو ۔۔۔ ”ڳوٺ اچڻ وقت ۔۔۔ هر دفعي وانگر ۔۔ شادي جي سالگره جو تحفو نه وسارجان۔۔۔“ :hitwall:
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڊسمبر تون وري آئين

    يار ڏاڌو ڏک ٿيو جو شآدي سالگره به توکي ڀابي ياد ڏياري۔۔۔۔۔۔۔ خير خي سچ ۾ گفٽ وٺڻو اٿو ته مون سان مشورو ضرور ڪجان مون کي گفٽ ڏيڻ جو تجربو گهڻو آهي خاص ڪري ليڊيز جي معاملي ۾ سو زندگي تي ڪوبه ڀروسو ناهي سو هن سال ڀاڃائي کي ڪو چڱو تحفو ڏجان ۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڊسمبر تون وري آئين

    ڊسمبر وڇوڙي ء سور ياد ڏياريندڙ مهينو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سليمان کي ته ڏاڍو وڻندو هوندو ۔۔۔۔۔۔۔۔ صبح جو سوير اٿي تيار ٿي ء ڊيوٽيء تي ويندا آهيون ته ڏاڍو سيء ٿيندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي رشيد جي شادي ته شايد 18 آڪٽوبر ٿي هئي سالگرهه ڊسمبر الائي ڇو ٿو ملهائي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊسمبر تون وري آئين

    اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان

    خبر ناهي ڇو ۽ ڪهڙي سبب مان ڊسسمبر کان ڊنو هيس ۽ هي ليک لکيو هيم ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ موت ته برحق آهي پر پوء به بس ان ساڳي ئي ڊسمبر ويندي ويندي مونکان منهنجو بابا سائين کسي ورتو۔ سندس اوچتو وڇوڙي سچ ته جيء کي جهوري وڌو۔ 29 ڊسمبر جو صبح منهنجي لاء اڀاڳو ثابت ٿيو ۽ بابا جو اچانڪ وڇوڙو ٿيو۔ بابا جي طبيعت خراب ضرور هئي پر اهڙي به نه جو پاڻ ايئن اسان کي ڇڏي هليا وڃن۔

    ڪافي ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت جي دوستن سان گڏ آهيون. منهنجي بابا سائين جي اچانڪ انتقال ڪري وڃڻ سبب مان ڳوٺ ويل هئس. ڪالهه ڪراچي واپسي ٿي آهي.

    گهڻن دوستن ذاتي پيغامن. فيسبوڪ پيغامن، ٽيليفون ذريعي ۽ ذاتي طور تڏي تي اچي عذر خواهي ڪئي ۽ منهنجي والد صاحب جي مغفرت لاء دعا گهري ، سندن مهربانيون.

    دوستن کي عرض ته بابا جي مغفرت لاء قل شريف پڙهي دعا گهرن ته رب پاڪ بابا سائين کي جنت الفردوس عطا ڪري ۽ سندس درجا بلند ڪري ........آمين
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊسمبر تون وري آئين

    ڊسمبر تون وري آئين
    وري ھيءَ برفباري آ
    وري ڪا يارو ياري آ
    وري ڪا عشق بازي آ
    وري ڪا شعر و شاعري آ
    وري ڪي گھوٽ گھائل ٿيا
    وري ڪي سونھن سائل ٿيا
    وري ڪا ياد تنھنجي جي وري موسم
    وري ڪا پيار تنھنجي جي چري موسم
    وري ڪا ولھه جي موسم
    وري ڪا باھ جي موسم
    وري ڪا چاھ جي موسم
    وري ڪا مڌ جي موسم
    وري ڪا سڌ جي موسم
    وري ڪا منڌ جي موسم
    وري ڪا سنڌ جي موسم سڏي ٿي پيئي
    اڏي ٿي پيئي ڪي تنھنجي سڪ جا پکڙا
    اھا پر دل ته اوڏن جو لڏو آھي
    جڏو آھي ھي من توکان سواءِ او من !
    مان ته توکان سواءِ بس ڇڻيل ڪو پن رستي تي
    اڏامي ٿو ۽ ڀٽڪي ٿو سوا تنھنجي
    وڏو ڪو وڻ بس آھين سدا سائو اھو جان بھاران تون
    وسين تون ديس پنھنجي ۾
    انھيءَ پرديس پنھنجي ۾
    پکي مان ڪو انھيءَ وڻ تي سکي ويٺل
    يسوع جي جنم جھڙي تون
    مريم جي پيار جھڙي تون
    انھيءَ جي ٻار جھڙي تون
    تون درياهه شاھ جھڙي آن
    مٺي تون ساھ جھڙي آن
    ڊسمبر ۾ اڙي جانان
    صفا ڪا باھ جھڙي آن
    پکيءَ جا پيرڙا آھين برف تي تون
    وڃن ٿا من منھنجي ڏانھن
    ڊسمبر تون وري آئين
    جدائي يار جاني ڄڻ يروشلم آهي
    ڊسمبر تون وري آئين
    وري ڪي ڦٽ اکلي پيا
    وري سڀ درد جا درياهه اٿلي پيا
    وري ھو سونھن زخمي ٿي
    وري پيو عشق اوساري
    وري سڀ قلم ٽڪرا ٿيا
    وري سڀ علم ليڙون ٿيا
    وري ڪو درد جو آنگاس اوچو ٿيو
    وري ھيءَ زندگي ڪو باھ جو ماتم
    وري ھيءَ سنڌ ثابت شاھ جو ڪو مرثيو ٿي پيئي
    ڊسمبر تون وري آئين

    حسن مجتبى
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه واه۔تمام بهترين شاعري
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڊسمبر مهينو سمسي سال جو ٻارهون مهينو آهي ۽ هن مهيني ۾ 31 ڏينهن ٿيندا آهي، ڊسمبر رومي زبان جو الفاظ آهي ۽ ڊسمبر جي معني آهي ڏهه، رومن سال ۾ هي دسمبر جو مهينو ڏهين نمبر تي آهي ان جي ڪري هن ڊسمبر جي مهني کي رومن ۾ ڊسمبر چوندا آهن۔

    ادا سليمان وساڻ صاحب توهان صحيح پيا چئو ته ڊسمبر جو مهينو ٻين مهينن جي مقابلي ۾ هڪ پنهنجي حيثيت رکي ٿو، هن مهيني ۾ نه صرف رڳو موت ئي ٿيا آهن پر هن مهيني جون ڪجهه ٻيون به يادون آهن۔۽ هي مهينو نه صرف اسان جي ملڪ
    پاڪستان پر پوري دنيا ۾ ڊسمبر جو مهينو انتهائي اهميت وارو سمجهيو وڃي ٿو هن مهيني ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪيترائي واقعا ٿيا آهن، ڊسمبر جي مهيني ۾ پارت ۾ مسلمانن جي عظيم يادگار بابري مسجد کي شهيد ڪيو ويو، جنهن سبب سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي، عراق جي اڳوڻي صدر صدام حسين کي ڊسمبر ۾ ڦاهي جي سزا ڏني وئي، ڊسمبر 2004ع ۾ سونامي طوفان آيو، ڊسمبر جي مهيني ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي پهرين عورت وزير اعظم منتخب ٿي. جڏهن ته بينظير ڀٽو کي ڊسمبر جي مهيني ۾ ئي شهيد ڪيو ويو، پاڪستان جي صدر فاروق لغاري ۽ چيف جسٽس سجاد علي شاهه پنهنجي عهدن تان ڊسمبر جي مهيني ۾ استيعفيٰ ڏني، سقوط ڍاڪا جو سانحو ڊسمبر جي مهيني ۾ ٿيو . جنهن سان بنگلاديش الڳ ٿي ويو، باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جو يوم وفات ۽ ميان نواز شريف هن مهيني ۾ جلاوطني اختيار ڪئي هئي. جڏهن ته ان جي سالگرهه به ڊسمبر مهيني ۾ آهي، سڄي دنيا جا مسيحي ڪرسمس به ڊسمبر مهيني ۾ ملهائيندا آهن، ايڊز ۽ معذورن جو عالمي ڏينهن ڊسمبر ۾ ملهايا ويندا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ جنرل مشرف جي حڪومتي دور ۾ لڳايل ايمرجنسي به ڊسمبر ۾ ختم ٿي هئي، مشهور شاعر جوش مليح آباد هن مهيني ۾ پيدا ٿيو، مشهور قوال عزيز ميان ۽ اديب پطرس بخاري هن مهيني ۾ وفات ڪري ويا،، سنڌي ادب ۽ ناول نگار اياز قادري، سنڌ جي ماياناز اديبه ڊاڪٽر درشهوار سيد لاڏاڻو ڪيو ، ۽ ٻيا نالي واريون شخصيتون جن جو توهان ذڪر ڪيو آهي، مان پنهنجن افيس جي دوستن کي چوندو آهيان ته ۔۔ دوستو جيئن اسان پنهنجي ڪمپني جي ڊسمبر ۾ ڪلوزنگ ڪندا اهيون اهڙي ريت ملڪ الموت ( عزرائيل عليه سلام ) به ڊسمبر ۾ پنهنجي ڪلوزنگ ڪري مٿي پيش ڪندو آهي۔ملتان ۾ حساس اداري جي دفتر ٻاهران بم ڌماڪا ڊسمبر ۾ ٿيا، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڊسمبر ۾ پيدا ٿيو ۽ ڊسمبر ۾ ئي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿيو۔ جڏهن ته ان ئي مهيني ۾ غلام اسحاق خان صدر چونڊيو ويو، اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي قاتلاڻو حملو به ڊسمبر ۾ ٿيو، مشهور ڪرڪيٽر عمران نذير ۽ دانش ڪنيريا جي سالگرهه به هن مهيني ۾ آهي، ان کان علاوه هن ناچيز ممتاز علي وگهيو جي سالگرهه به هن ڊسمبر جي 18 تاريخ تي آهي،
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    وري ڪا ولھه جي موسم
    وري ڪا باھ جي موسم
    وري ڪا چاھ جي موسم
    وري ڪا مڌ جي موسم
    وري ڪا سڌ جي موسم
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاء ڙي ڊسمبر ...... تو سنڌ جو سوڀو به اسان کان 9 ڊسمبر 2014 تي کسي ورتو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جو ڏاهو ڏات ڌڻي، عالم، اديب، ليکڪ، مفڪر جيڪو موهن جي دڙي جو ماڻهو Man from Mohen jo Daro جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اهو سوڀو جنهن کي جڏهن جيل ۾ وجهي ان وقت جي گهرو معاملن واري وزير مسٽر شهاب الدين آڇ ڪئي ته: ”تون ڀارت وڃ، اسين توکي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ ڪامريڊ سوڀي ڌرتيءَ ڄائي (Son of the Soil) هئڻ جو ثبوت ڏيندي کيس چيو:

    ”تون پاڪستان ۾ پناهگير آهين، مان ته سنڌ ڄائو ۽ ڪيترين ئي پيڙهين کان هتي آباد آهيان. مان سنڌ ڪيئن ڇڏيندس؟ مان سنڌ نه ڇڏيندس.“
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ



    اسان ڌڻي در دعاڳو آهيون ته خدا پاڪ ته کيس جنت ۾ جاءِ ڏي
     
  19. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    اڱڻ اهي ئي پر جت نه ڏسان جو ۾
    اوطاقون اوٺين جون سوجهيم سڀوئي
    هي اکيون روئي ماڳ ماڳ نهاري موٽيون
    شاه سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو