• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سلطان۔۔۔۔

سنڌو ڪماري

سينيئر رڪن
سلطان

شاعر .نذار قاباني

سنڌيڪار؛ سنڌو


جيڪڏهن مون کي جان جي امان ملي ها ،
ته آئون سلطان سان ملي پئي سگهيس ،
آئون هن کي چوان ها ،
منهنجا مالڪ سلطان!
منهنجو جُبو تنهنجي بکايل ڪتن ڦاڙي ڇڏيو،
تنهنجا جاسوس منهنجو هر وقت پيچو ڪن ٿا،
انهن جون اکيون ،
انهن جا نڪ،
انهن جا پير هر وقت منهنجي پويان قسمت وانگر آهن،
اهي منهنجي زال کان پچا ڪن ٿا.
۽ منهنجي دوستن جا نالا لکن ٿا،
اي سلطان!
اهو انهي ڪري جو،
آئون تنهنجي ٻوڙين ڀتن تائين پهچڻ جي همٿ ڪريان ٿو،
انهي ڪري جو ائون،
پنهجو غم ۽ مصيبت بيان ڪرڻ جي همٿ ڪريان ٿو،
مون کي منهنجي ئي جوتن سان ماريو ويو،
اي منهنجا مالڪ سلطان!
تو ٻه دفعا جنگ انهي ڪري هارائي،
ڇاڪاڻ ته تنهنجي اڌ عوام کي زبان ناهي.
 
جواب: سلطان۔۔۔۔

منهنجي ترجمو ڪيل شاعري شايد پسند نه آئي ڀائرن کي جو هن وقت تائين ڪنهن به ڀاءُ ڪمينٽس نه ڏنو آهي۔
 
جواب: سلطان۔۔۔۔

ڀيڻ اوهان ترجمو ته خوب ڪيو آهي، ۽ ڪافي وزنائتو ڪيو آهي، اوهانجو ٻولي تي هٿ مضبوط لڳي ٿو،

هن آزاد نظم جو ڪردار جنهن سلطان سان مخاطب آهي، شايد انکي اها خبر ناهي ته هو جنهن سلطان تائين پهچي کيس اڌ گونگي قوم جي وارتا ٻڌائڻ گهري ٿو، هي انجي ئي ڪارستاني آهي، جيڪڏهن حاڪم يا سلطان عادل ۽ انصاف پرست هوندو آهي ته انجي هيٺ وارو نظام به عادلانه هوندو آهي پر جڏهن حاڪم ئي ظالم هوندو ته سمورو نظام به ۔۔۔

جيئن ته هن نظم جو شاعر آهن نذار قباني، انڪري يقينن اهو نظم عربي زبان جو هوندو، اوهان جيڪڏهن ان شاعر ۽ انجي پس منظر جو ذڪر به ڪيو ها ته ممڪن اڃان وڌيڪ اتساهه پئدا ٿئي ها ۔۔۔

اوهانجا لک ٿورا ۔۔۔ هڪ عرض ته اوهان جڏهن ڪو چڱو ڪم ڪيو ته انجي موٽ جو فڪر نه ڪندا ڪريو، ڇاڪاڻ انٽرنيٽ جي هن اوطاق تي ڪڏهن ڪافي دوست اچن ٿا ته ڪڏهن ڪجهه نه به اچن ٿا ۽ ڪڏهن وري ڪجهه دوست صرف ڪنهن نيٽ مسئلن جي سمجهڻ لئه به اچن ٿا ۔۔۔ ٻيو ته ڪيترائي مهمان پڻ اچن ٿا جيڪي اسانجون لکڻيون ته پڙهن ٿا پر جواب يا ڪي خيال نه ٿا ڏين ۔۔۔ ها جيئن جيئن هي ليک پراڻو ٿيندو ويندو آهي تيئن تيئن دوستن جي نظر ۾ ايندو ۽ ان تي رايا به اچي ويندا ۔۔۔

ڀيڻ سنڌو ڪماري ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا
 
جواب: سلطان۔۔۔۔

ادي سنڌو!

مون کي به اهو محسوس ٿيو ته شاعر جي باري ۾ ڪُجهه ڏيڻ سان بهتر ٿئي ها! ۽ نثار صاحب جي اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته اوهان موٽ جي فڪر نه ڪندا ڪريو! هر ڪچي ڪم تي جيئن تنقيد ٿيڻ ضروري ناهي تيئن هر سُٺي ڪم جي تعريف يا مڃتا به ضروري ناهي۔ ۽ خاموشي جو ڪو به مطلب ناهي هوندو۔ هونئن کڻي ڪُجهه معاملن ۾ خاموشي ”ها“ جي نشاني هوندي آهي پر هتي ايئن ناهي۔

۽ مون کي اهو چوندي خوشي پئي ٿئي ته سنڌ سلامت فورم يا اوطاق انهي حوالي سان الاهي مختلف آهي۔ هتي ڳالهه وڻي ته واهه واهه به ٿيندي آهي نه وڻي ته ڇوڏا لهڻ ۾ به دير ناهي ٿيندي۔ سو دلجاءِ ڪريو۔ راءِ ضرور ايندي۔ باقي دير سوير ته ٿيندي آهي۔

ڀيڻ سنڌو پاران سنڌ سلامت تي پنهنجا ويچار ونڊڻ جو سلسلو جاري رهندو اها اُميد رکجي ٿي!
 
Back
Top