سسئي پنهون جي ابدي آرام گاهه تي سُگهڙن لاکيڻي لطيف جي سُرن جي ورکا ڪئي۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    لاکيڻي لطيف جِي سُورمي سسئي جي آخري آرام گاهه تي مچ ڪچهري
    سنڌ بلوچستان جي سُگهڙن ساري رات شاهه سائين جي سُرن سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهيارِي، ۽ حُسيني، مان بيت وايون ٻُڌائي محبتن جو هڪڙو نئون جهان برپا ڪري ڇڏيو​


    رپورٽ: نثاراحمدناز
    تصويرون: نديم ميربحر ڪوآرڊينيٽر آئِي يو سي اين لسٻيلا​


    [JUSTIFY]دوستو مونکي 14 ڊسمبر 2011ع تي صُبح جو منهنجي ننڍي ڀاءُ نوراحمد سمون جي موبائل ڪال آئي مون جڏهن ڪال رسيو ڪئي ته منهنجي ڀاءُ نوراحمد سمون چيو ته ڀاءُ وڏا سڀاڻي 15 ڊسمبر 2011 تي منهنجي ضلعي لسٻيلا بلوچستان جي ڳوٺ موضاع(تپو) سنگهر ۾ عظيم سنڌي محبتي داستان جن پنهنجي پيار جا نت نوان معراج ماڻيا ”سسئي پنهون“ جي آخري آرام گاهه تي سنڌ بلوچستان جا سگهڙ گڏ ٿيندا ۽ هڪڙي مچ ڪچهري ٿيندي لاکيڻي لطيف جي شاعري کي ساکي بڻائي عشق جي عظيم پانڌيئڙن سسئي پنهون جن محبتن جا معراج ماڻيا کي پنهنجي محبتن جي ڀيٽا ڏيندا....! جنهن جي سرواڻي هو پاڻ ڪري رهيو آهي. ڀاءُ وڏا جيڪڏهن تون ان ۾ شريڪ ٿيندين ته سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ جي سنڌي دوستن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪوريج ڪري سگهندين ۽ سسئي پنهون جي حوالي سان نت نئين ڄاڻ به حاصل ڪندين. توهان دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته منهنجو ڀاءُ نوراحمد سمون الله تعالى جي مهربانين ۽ خوشقسمتي سان ضلع لسٻيلا بلوچستان جو ڊپٽي ڪمشنر آهي ، جيئن ته ڀاءُ نوراحمد کي منهنجي بار ي ۾ خبر آهي ته مان ان سلسلي ۾ ادبي پروگرامن ، لوڪ ادب وارن پروگرامن ۾ شريڪ ٿي تمام گهڻو خوش ٿيندو آهيان ۽ شاعر آهيان ، سنڌ سلامت جهڙي عظيم فورم جو پيٽرن چيف آهيان ان ڪري هن ننڍي ڀاءُ جي حيثيت سميت ڊپٽي ڪمشنر جي حيثيت سان به مونکي ان عظيم سسئي پنهون مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. جيئن ته منهنجي طبيعت ٻن ٽن ڏينهن کان خراب هُئي، سو ڀاءُ نوراحمد سمون کي چيم ته ادا جيڪڏهن سُڀاڻي 15 ڊسمبر 2011 تي منهنجي طبيعت سهي ٿيندي ته صُبح جو سويري توکي اطلاع ڪري مان لسبيلا جي سفر لاءِ گهران نڪري پوندس، پر منهنجي طبيعت 15 ڊسمبر صُبح تائين ٺيڪ ٿي نه سگهي ، 15 ڊسمبر صُبح وري ڀاءُ نوراحمد سمون مونکي يادگيري ڏياري ته ڀاءُ وڏا اچين پيو نه هن مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿيڻ ، مون معذرت ڪئي ته ادا منهنجي طبيعت اڃان ٺيڪ ٿي نه سگهي آهي، مان چئن پنجن ڪلاڪن جو سفر ڪري نٿو سگهان . ڀاءُ نوراحمد سمون چيو ته ڀاءُ تون بسم الله ڪري نڪري اچ، رڳو ڪراچي پهچ آئون پاڻهي ڪراچي اچي توکي سسئي پنهون جي مزار شريف تائين وٺي هلندس ۽ اميد ته تنهنجي طبيعت انهي مچ ڪچهري کي ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ٺيڪ ٿي ويندي پر آئون دل جهلي نه سگهيس سو لسبيلا جي سفر کان نابري واريم بهرحال ڀاءُ نوراحمد سمون مونکي پنهنجو خيال رکڻ جو چئي پنهنجو موبائل بند ڪري ڇڏيو.
    ڀاءُ نوراحمد ڪالهه جڏهن هن مچ ڪچهري جو پيرائتو احوال هي تصويرون شيئر ڪري مونکي ٻُڌايو ان کان علاوه دنيا جي وڏي سنڌي ميڊيا چينل ڪي ٽي اين تان انهي ڪچهري جو اکين ڏٺو احوال نشر ٿيو ته دل مان هڪڙي آه نڪري ويئي ته ڪاش آئون هن مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿيان ها ، ۽ ساري هن پروگرام کي اکين سان ڏسي سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ جي ساٿين سميت ساري دنيا جي سنڌين سان مڪمل اکين ڏٺو احوال ونڊيان ها، ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ، جبل ، برن پٽن ، ڏونگرن ، پهاڙن کي ڏورڻ وارِ ي، حوصلي ، جدوجهد جو داستان رقم ڪرڻ وارِي ۽ پنهنجي محبت کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ وارڻ وارِي لاکيڻي لطيف جي عظيم سُورمِي سانئڻ سسئي جي آخري آرام گاه جو ديدار ته ڪري وٺان ها.... پر اڃان قسمت کي اهو منظور ڪونه هو ته سسئي پنهون جي آخري آستاني جي حاضري ڀريان. خير ڀاءُ نوراحمد سمون جي پيرائتي احوال موجب هن مچ ڪچهري ۾ سنڌ جي شهرن سانگهڙ، جيڪب آباد، مڪلي ٺٽو، ڪراچي، سميت بلوچستان جي شهرن ديرا مُراد جمالي، بيلا، اوٿل، وندر ۽ لاکڙا جا مشهور ۽ معروف سگهڙ شريڪ ٿيا. هن مچ ڪچهري جو مهمان خاص حڪومت سنڌ جو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز هو جڏهن ته هن پروگرام جي صدارت منهنجي ننڍي ڀاءُ نوراحمد سمون ڊپٽي ڪمشنر آف لسبيلاڪئي ، جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا بلوچستان محترم ماجد محسن پنهور اسسٽنٽ ڪمشنر حب ضلع بلوچستان فواد غفار سومرو صاحب جن هُئا، باقي معزز مهمانن ۾ تحصيل دار وندر خير جان بلوچ، سردار فاروق شيخ، بابو شيخ علم انگاريا،ڊاڪٽر عباس مونڌرو ايس ايڇ او وندر افضل سرپارا،اي سي ڌُريجِي تحصيل دار ڌُريجِي، ايوب علي ، علي قاضي، نائب تحصيلدار گڊاڻي، يعقوب رفيق تبسم، ان کان علاوه ڀرپاسي جي ڳوٺن موضا( تپو) سنگهر، شهر وندر، بيلا ۽ اوٿل جا سوين رهواسي، هن مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿيا، سڀني معزز مهمانن جي آجيان درگاه سسئي پنهون جي چيف خليفي عبدالرحمان بُرو ڪئي.هن مچ ڪچهري جي خاص ڳالهه اها آهي ته 1964ع ۾ هڪڙي سنڌي ڪمشنر محمد اسماعيل ميمڻ هن مزار تي اهڙي قسم جي ڪچهري منعقد ڪرائي هُئي ان کان پوءِ سسئي پُنهون جي آخري آرام گاهه تي وڏي پيماني تي مچ ڪچهري منعقد ڪرائڻ جو اعزاز منهنجي ننڍي ڀاءُ نوراحمد سمون ڊپٽي ڪمشنر آف لسبيلا بلوچستان کي حاصل ٿيو. هن خوبصورت محفل ۾ چانهه جو دور پڻ هليو مچ ڪچهري دوران وقفو ڪري مهمانن کي ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا نوراحمد سمون پاران رات جي ماني به کارائي ويئي. هاڻي پيش آهن انهي شاندار مچ ڪچهري جون تصويرون محترم نديم مير بحر جي ٿورن سان .[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    هوت تنهنجي هنج ۾ پُڇين ڪوهه پَئِي
    وفِي اَنفُسڪم، افلا تبصرون سوجهي ڪر سَهِي،
    ڪڏهِن ڪانه وَهِي هوت ڳولڻ هٽ تي۔ (شاهه سائين)


    لاکيڻي لطيف جي سُورمِي سانئڻ سسئي ۽ سندس ور پنهون جو ابدي آرام گاهه موضا سنگهر تعلقو وندر، ضلع لسٻيلا بلوچستان (تازه ترين تصويرون) محترم نديم ميربحر جي ٿورن سان​
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سسئي پنهون جي ابدي آرام گاهه تي سُگهڙن لاکيڻي لطيف جي سُرن جي ورکا ڪئي۔

    وا ه سائين تمام بهترين انداز ۾ ڊاڪومينٽري پيش ڪئي اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل مزو اچي ويو۔۔۔۔۔۔۔ سسئي پنهون جون مزارون ڏسي دل خوش ٿي وئي ان کان اڳ انهن جي مزار جون تصويرون نه ڏٺيوهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين نثار جي پيش ڪرڻ جو انداز به اهڙو آهي ڄڻ ماڻهون کي گڏ کڻي پيو هلي

    بهترين
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سسئي پنهون جي ابدي آرام گاهه تي سُگهڙن لاکيڻي لطيف جي سُرن جي ورکا ڪئي۔

    سائين نثار ناز جو سسئيءَ جي مزار تي مچ ڪچهريءَ جو احوال ۽ عشق جي ديويءَ جي مزار جو ديدار ۔۔۔

    قرب ٿي ويا ۔۔۔ ڳائي ڳائبا ڪيترا

    سسئي پنهونءَ جي داستان تي ڳالهائڻ ائين آهي جيئن سج کي آئينو ڏيکارجي ۔۔۔ لطيف سرڪار سسئيءَ جي بهادري، قرباني، ڏکن ڏولاون سان مهاڏي اٽڪائڻ ۽ سچائيءَ کي ايترو ته ڳايو آهي جو سندس ڪيترائي سر سسئيءَ جي عشق سان ٽمٽار آهن ۔۔۔

    جيڪا ڪندي سڱ، مون جيئن ٻاروچن سين،
    انگـــن چـــاڙهي انگ، رئنـــدي ســـا رت ڦــڙا۔

    لک ٿورا سائين ناز جا ۔۔۔ سندس هر ليک دلچسپ ۽ پيرائتو هوندو آهي ۽ لکڻ وارن لئه هڪ رستو پڻ،

    سنڌ سلامت جي سونهن ۔۔۔ جڙيا هجو دوست، لک سلام

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي ابدي آرام گاهه تي سُگهڙن لاکيڻي لطيف جي سُرن جي ورکا ڪئي۔

    عشق جي ديوي سانئڻ سسئي جي آستاني تي ٿيل مچ ڪچهري جون وڌيڪ تصويرون
    محترم نديم ميربحر جي ٿورن سان

    [​IMG]

    [​IMG]

    سنڌ حڪومت جو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز سسئي پنهون جي مزار جي خليفه عبدالرحمان ٻُرو سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي

    [​IMG]
    سسئي پُنهون جي آخري آرام گاهه تي مچ ڪچهري منعقد ڪئي پئي وڃي

    [​IMG]
    سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز کي اجرڪ جو تحفو پارايو پيو وڃي

    [​IMG]
    منهنجي ننڍي ڀا ڊپٽي ڪمشنر آف لسٻيلا بلوچستان نوراحمد سمون کي به اجرڪ جو تحفو پارايو پيو وڃي۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    هن مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿيندڙ ٻين معزز مهمانن کي پڻ اجرڪ جو تحفو اوڍايو ويو​
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سسئي پنهون جي ابدي آرام گاهه تي سُگهڙن لاکيڻي لطيف جي سُرن جي ورکا ڪئي۔

    ادا نثار ناز صاحب اسلام عليڪم۔هڪ ته مچ ڪچهري سسئي پنهون جي آخري آرمگاه تي واري محفل ۾ شريڪ نه هوندي به ان ڪچهري جو احوال پنهنجي قلم جي جادوگري واري انداز ۾ ڏئي توهان ته اسان کي موهت ڪري ڇڏيو ۔شاه صاحب جي خوبصورت شاعري جي ٻن ڪردارن جي آخري آرمگاه جون تصويرون هن محبتي اڳڻ تي ونڍ ڪري توهان هڪ لاجواب ڪم ڪيو آهي۔اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن اسان هن اڳڻ جا سڀ ميزبان ڪنهن مچ ڪچهري ۾ گڏ ويهي هڪ ٻئي جي گفتگو مان مستفيد ٿينداسين ۽ هڪ ٻئي جي ڪمپني ۾ دلين جا حال اورينداسين۔توهان جا لک لائق۔

    شاه صاحب جي خوبصورت ۽ بامعني شاعري اوهان جي نظر۔

    '''مونکي ڇَپَرِ تان م ڇَڏيجاهُ ،ٻاروچا! پَلئه لَڳيِ آهيان
    ڇورِي ڇڏي ڇَپَرين، ڪيچِي ڪيم وڃَيجاهُ
    ڇورِي ڇني آهيان ، مون سِين نَيهُ نَباهي نِيجاهُ
    پُنهون منهَنجو آن سين ،اَئينَ ساَٿ سَلامَت نَيجاه
    آرياڻِي عَبدالطيفُ چَئي مون تي وَهِلو وَرُ ڪَريجاه"""
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي ابدي آرام گاهه تي سُگهڙن لاکيڻي لطيف جي سُرن جي ورکا ڪئي۔

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]
    معزز مهمان اجرڪ جي تحفن پائڻ کان پو گروپ تصويرن ۾

    [​IMG]
    سسئي پنهون جي آخري آرام گاهه تي منعقد ڪيل مچ ڪچهري کي هلائيندڙ اسٽيج سيڪريٽري ۽ ٻيا معزز مهمان

    [​IMG]

    [​IMG]
    منهنجو ننڍو ڀا نوراحمد سمون ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا بلوچستان هن مچ ڪچهري جي صدارت ڪري رهيو آهي

    [​IMG]

    [​IMG]
    منهنجو ننڍو ڀا ڊپٽي ڪمشنر آف لسٻيلا بلوچستان نوراحمد سمون پنهنجي صدارتي تقرير ۾ لاکيڻي لطيف جي سُرن سسئي آبري، معذوري، ڪوهياري ، ديسي ۽ حُسيني ۾ عشق جي ديوي سانئڻ سسئي جي ڪردار تي روشني وجهي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    سنڌ حڪومت جو سيڪريٽري محترم قاضي شاهد پرويز جيڪو هن مچ ڪچهري جو چيف گيسٽ هو عظيم داستان سسئي پنهون جي تاريخي حيثيت تي تقرير ڪري رهيو آهي

    [​IMG]
    ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر آف لسٻيلا بلوچستان محترم ماجد محسن پنهور کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو پيو وڃي۔

    [​IMG]
    هڪ ٻي معزز مهمان کي به اجرڪ جو تحفو اوڍايو پيو وڃي۔​
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سسئي پنهون جي ابدي آرام گاهه تي سُگهڙن لاکيڻي لطيف جي سُرن جي ورکا ڪئي۔

    سائين تمام زبردست شيئرنگ آهي توهان جا لک ٿورا جو گهر ويٺي سسئي پنهون جي مزار جو ديدار ڪرائي ڇڏيوَ تصويري ڊاڪومينٽري ۾ توهان کي جيڪا مهارت آهي سا شايد ئي ڪنهن کي نصيب هجي واقعي ائين محسوس ٿيندو آهي جو ڄڻ پيرائتي خبر معلوم ٿيندي پاڻ به اتي موجود هجون
    توهان محنت ڪري هيترو سارو ڪم ڪيو لازما اوهان کي تڪليف به آئي هوندي ليڪن سهڻي لطيف جي بيتن سان اميد ته توهان جي ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي۔

    اول آخر آهِ ، هلڻُ منهنجو هوتَ ڏي
    پورهيو سندو پورهيتن والي ڪيمَ وڃاء
    سو مون ٿورو لاء ، جئَن جئري ملان جت کي۔

    ويهه مَ منڌَ ڀنڀور ۾ ، ڪِجِ وڃڻَ سين وسُ
    ليڙَن جو لطيف چئي ڏونگر ڏيندو ڏسُ
    هلي پنهون پسُ، سرَ ڀرَ رڙهي سسئي۔

    منڪر ۽ نڪير کي جڏهن ڏٺائين
    اڳيان اٿي اُنِ کي پنهون پڇيائين
    ادا اتائين ڪو لنگهيو ساٿ سَڄَڻَ جو۔

    توجو ٻولُ ٻروچ ، ويهي ڪِئو وَڻڪار ۾
    سوئي پاڙج هوت ، مون جيهي معذور سين۔

    پهرين تون پاريج پارڻ پوء پنهونءَ تي
    ٻول مَ وساريج هُو جو ڪيوءِ هوتَ سين۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي ابدي آرام گاهه تي سُگهڙن لاکيڻي لطيف جي سُرن جي ورکا ڪئي۔

    ماڻڪ مِٽَ سندوم، اونداهِيءَ ۾ سوجهرو،
    حشر ويل حسابَ ۾ ڇَڏي نه ويندوم،
    ساريو سَڏَ ڪندوم، ڪوهيارو ڪيچ ڌَڻِي(شاهه سائين)

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون محترم نديم ميربحر جي ٿوران سان

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ ۽ بلوچستان جا معروف سُگهڙ لاکيڻي لطيف جي شاعري جيڪا سسئي پنهون جي عظيم داستان سان سلهاڙيل هُئي ٻُڌائي رهيا آهن۔

    [​IMG]

    [​IMG]
    هن تصويرن ۾ سسئي پنهون جي آستاني جو خليفو محترم عبدالرحمان ٻُرو سفيد ڪپڙن ڪاري چاپئون ڏاڙهي وارو نمايان آهي

    [​IMG]

    [​IMG]
    معزز مهمان ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن وارا سگهڙن جي ڪچهري کي دلچسپي سان ٻُڌي ۽ ڏسي رهيا آهن۔​
     
  9. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    جواب: سسئي پنهون جي ابدي آرام گاهه تي سُگهڙن لاکيڻي لطيف جي سُرن جي ورکا ڪئي۔

    سائين تمام بهترين شال هميشه خوش رهو ۽ اسان کي سهڻي سنڌ جون سهڻيون خبرون تفيصل سان ڏيندا ڪيو۔
    اسان ڪڏهن به شاھ جي سورمين جون آخري آرام گاھ نه ڏٺيون آهن، هاڻ توهان جي ذريعي سان سسئي پنهون جي آخري آرام گاھ ڏٺي، تمام سٺو لڳو ۔


    ساجن ڪاڙڻ سڃ، مر قبولي سسئي،
    انــدر جنين اُڃ ، پاڻي اُڃيـــو اُن کــي.
    شاھ
    ...............................
    ( سڪ وارن لاء خود ساجن به سڪي ٿو.)
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سسئي پنهون جي ابدي آرام گاهه تي سُگهڙن لاکيڻي لطيف جي سُرن جي ورکا ڪئي۔

    سائين نثار ناز سلام

    سڀ کان پهريان ته اوهان جي صحتيابيء لاء دعاگو آهيان۔ نه ته اوهان اهڙا پروگرام ڪڏهن به مس نه ڪيو ها۔ سچ ته اوهان جي هي شيئرنگ گهڻي وڻندڙ آهي۔ اوهان سربستو احوال اهو به تصويرن ساڻ ونڊ ڪيو آهي۔ اوهان جي ڀاء سائين نور احمد سمون جون به مهربانيون جنهن اوهان کي هن پروگرام جو تصويرون ڏنيون جيڪي سنڌ سلامت سميت دنيا جي سمورن سنڌين ڏٺيون۔

    سگهڙ سنڌ جي سونهن ۽ سندن نرالو انداز۔ مان به ڪيترائي ڀيرا سگهڙ ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيو آهيان سندن دانائي ۽ ڄاڻ کان متاثر ٿيندو رهيو آهيان۔ سسئي جي آخري آرامگاهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سسئي جيڪا عشق جي علامت، سسئي جيڪا محنت، ڪشالن ۽ سختين باوجود منزل ڏانهن وڌندي رهي ، تنهن سسئي جي آرامگاهه ڏسي خوشي سان گڏ عجيب ڪيفيت به آهي۔


    آئُون نه گَڏِي پِرينءَ کي، پويون ٿِيو پَساهُ؛
    سِڪان ٿِي سَڪِراتَ ۾، رويو پُڇان راہُ؛
    شالَ مَ وَڃيمِ ساہُ، ڌاران پَسَڻَ پِرينءَ جي.
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي ابدي آرام گاهه تي سُگهڙن لاکيڻي لطيف جي سُرن جي ورکا ڪئي۔

    پيارا ڀا محمد عُرس پريا، لک قرب تنهنجا جو توکي منهنجي هي غريباڻي ونڊ وڻي دوست طبيعت جي خرابي جي ڪري آئون سانئڻ سسئي جي ماڳ تائين پُهچي ڪونه سگهيس پر وري به منهنجي ننڍي ڀا نوراحمد سمون ۽ هي تصويرون ڪڍڻ واري دوست محترم نديم مير بحر جون مهربانيون جو سسئي پنهون جي تاريخي ڪردارن جي ابدي آرام گاهه جون تصويرون صرف سنڌ سلامت لا اسپيشلي هنن ونڊ ڪيون ۽ پيرائتو حوال ٻُڌايو هن مچ ڪچهري جو۔ باقي محبتي دوست دعا ڪر ته صحت اجازت ڏي جو اهڙين تاريخي رپورٽن جو سلسلو سنڌ سلامت لا بغير ڪنهن رنڊڪ جي موڪليندو رهان ۔ ۽ سنڌ سلامت سميت توهان دوستن سان محبت وارو ناتو جڙيو رهي۔

    اديون! اگهي آهيان، پرين پُڄاڻا،
    سي ڪوهيارا ڪِيڻِ ويا، ساڄن سياڻا؟
    جي سَسئُي سيباڻا، سي وڃي ڪيچ قراريا۔(شاهه سائين)​
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي ابدي آرام گاهه تي سُگهڙن لاکيڻي لطيف جي سُرن جي ورکا ڪئي۔

    بيشڪ سائين نثار ابڙا لاکيڻي لطيف جي ساري رسالي ۾ جبل جهاڳڻ وارِي، پهڻن سان جهيڙڻ وارِي، پنهنجي سڄڻ لا پير پٿون ڪرڻ واري سانئڻ سسئي جو ذڪر سڀني لطيفي سورمين کان زياده آهي، سُر سسئي آبري ، سُر معذوري، سُرديسِي، سُر ڪوهيارِي ۽ سُر حُسيني ۾هڪ ٻي پُٺيان لاڳيتو پنج ئي سُر عشق کي نوان ماڳ نوان رستا ڏيکارڻ واري مسلسل جدوجهد حوصلي کي نکارڻ واري عشق جي ديوي سانئڻ سسئي سان منسوب آهن ، انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شاهه سائين جي سڀني سُورمين جي نسبت سسئي جو ڪردار هر لحاظ کان سڀني کان مٿاهون آهي۔

    ماڙهو ڏيئي مهڻا، مون کي ڪندا ڪوه؟
    جنهن ڇورِي ۾ ڇوه، سا پٿون ٿيندِي پير تي۔

    هٿين پيرين موتڙئين ڪهج پر ڪَپار
    متان ڇورِي ڇڏئين، پريتڻي پچار،
    توکي سنَدَ، سسئي ! سَندِي لنئون لغار!
    جي هُونئي هوتَ هزارَ ته به پاڙج ڪو مَ پنهون سِين۔

    ڪنڊا مُون پيرن ۾ توڻي لک لڳن،
    آڱر آڱوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پير ڇنن،
    ويندي ڏانهن پِرِيَنِ، جُتي جاتِ نه پائيان۔

    سڀ ننگيون ٿِي نڪرو لالچ ڇڏي لوڀ،
    سُپيريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿِئي۔​


    دوست نثار ابڙا يار صحت ڏينهون ڏينهن ٺيڪ ڪانه ٿِي رهي، جيڪڏهن طبيعت ٺيڪ هُجي ها، سانئڻ سسئي جي نگري جو ديدار ڪريان ها، سندس ابدي آرام گاهه تي اکين مان آب هاري سنڌ سميت سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جا سلام پهچايان ها، ۽ اتي الله سائين جي حضور دُعا ڪريان ها منهنجي سڀني سنڌين کي سانئڻ سسئي جهڙو حوصلو عطا فرمائي جو سنڌ جي جياپي ۽ آجپي لا پير پٿون ڪري به ماڳ پهچي اسين سڀ سنڌي پنهنجي منزل ماڻيون۔ توهان دوستن جون مهربانيون آهن جو اسان جي ٽٽل ڦٽل رپورٽن کي پڙهو ٿا، پسنديدگيجو اظهار ڪريو ٿا۔ هڪڙي ڳالهه جي خوشي آهي ۽ تاريخي ڳالهه اها آهي ته سسئي پنهون جي آستاني جون تازه ترين تصويرون ادا نوراحمد سمون ۽ محترم نديم ميربحر جي ٿورن سان صرف سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊيون ويون آهن۔ لک لائق ادا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو