نثارناز
سينيئر رڪن
لاکيڻي لطيف جِي سُورمي سسئي جي آخري آرام گاهه تي مچ ڪچهري
سنڌ بلوچستان جي سُگهڙن ساري رات شاهه سائين جي سُرن سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهيارِي، ۽ حُسيني، مان بيت وايون ٻُڌائي محبتن جو هڪڙو نئون جهان برپا ڪري ڇڏيو

رپورٽ: نثاراحمدناز
تصويرون: نديم ميربحر ڪوآرڊينيٽر آئِي يو سي اين لسٻيلا

دوستو مونکي 14 ڊسمبر 2011ع تي صُبح جو منهنجي ننڍي ڀاءُ نوراحمد سمون جي موبائل ڪال آئي مون جڏهن ڪال رسيو ڪئي ته منهنجي ڀاءُ نوراحمد سمون چيو ته ڀاءُ وڏا سڀاڻي 15 ڊسمبر 2011 تي منهنجي ضلعي لسٻيلا بلوچستان جي ڳوٺ موضاع(تپو) سنگهر ۾ عظيم سنڌي محبتي داستان جن پنهنجي پيار جا نت نوان معراج ماڻيا ”سسئي پنهون“ جي آخري آرام گاهه تي سنڌ بلوچستان جا سگهڙ گڏ ٿيندا ۽ هڪڙي مچ ڪچهري ٿيندي لاکيڻي لطيف جي شاعري کي ساکي بڻائي عشق جي عظيم پانڌيئڙن سسئي پنهون جن محبتن جا معراج ماڻيا کي پنهنجي محبتن جي ڀيٽا ڏيندا....! جنهن جي سرواڻي هو پاڻ ڪري رهيو آهي. ڀاءُ وڏا جيڪڏهن تون ان ۾ شريڪ ٿيندين ته سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ جي سنڌي دوستن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪوريج ڪري سگهندين ۽ سسئي پنهون جي حوالي سان نت نئين ڄاڻ به حاصل ڪندين. توهان دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته منهنجو ڀاءُ نوراحمد سمون الله تعالى جي مهربانين ۽ خوشقسمتي سان ضلع لسٻيلا بلوچستان جو ڊپٽي ڪمشنر آهي ، جيئن ته ڀاءُ نوراحمد کي منهنجي بار ي ۾ خبر آهي ته مان ان سلسلي ۾ ادبي پروگرامن ، لوڪ ادب وارن پروگرامن ۾ شريڪ ٿي تمام گهڻو خوش ٿيندو آهيان ۽ شاعر آهيان ، سنڌ سلامت جهڙي عظيم فورم جو پيٽرن چيف آهيان ان ڪري هن ننڍي ڀاءُ جي حيثيت سميت ڊپٽي ڪمشنر جي حيثيت سان به مونکي ان عظيم سسئي پنهون مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. جيئن ته منهنجي طبيعت ٻن ٽن ڏينهن کان خراب هُئي، سو ڀاءُ نوراحمد سمون کي چيم ته ادا جيڪڏهن سُڀاڻي 15 ڊسمبر 2011 تي منهنجي طبيعت سهي ٿيندي ته صُبح جو سويري توکي اطلاع ڪري مان لسبيلا جي سفر لاءِ گهران نڪري پوندس، پر منهنجي طبيعت 15 ڊسمبر صُبح تائين ٺيڪ ٿي نه سگهي ، 15 ڊسمبر صُبح وري ڀاءُ نوراحمد سمون مونکي يادگيري ڏياري ته ڀاءُ وڏا اچين پيو نه هن مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿيڻ ، مون معذرت ڪئي ته ادا منهنجي طبيعت اڃان ٺيڪ ٿي نه سگهي آهي، مان چئن پنجن ڪلاڪن جو سفر ڪري نٿو سگهان . ڀاءُ نوراحمد سمون چيو ته ڀاءُ تون بسم الله ڪري نڪري اچ، رڳو ڪراچي پهچ آئون پاڻهي ڪراچي اچي توکي سسئي پنهون جي مزار شريف تائين وٺي هلندس ۽ اميد ته تنهنجي طبيعت انهي مچ ڪچهري کي ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ٺيڪ ٿي ويندي پر آئون دل جهلي نه سگهيس سو لسبيلا جي سفر کان نابري واريم بهرحال ڀاءُ نوراحمد سمون مونکي پنهنجو خيال رکڻ جو چئي پنهنجو موبائل بند ڪري ڇڏيو.
ڀاءُ نوراحمد ڪالهه جڏهن هن مچ ڪچهري جو پيرائتو احوال هي تصويرون شيئر ڪري مونکي ٻُڌايو ان کان علاوه دنيا جي وڏي سنڌي ميڊيا چينل ڪي ٽي اين تان انهي ڪچهري جو اکين ڏٺو احوال نشر ٿيو ته دل مان هڪڙي آه نڪري ويئي ته ڪاش آئون هن مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿيان ها ، ۽ ساري هن پروگرام کي اکين سان ڏسي سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ جي ساٿين سميت ساري دنيا جي سنڌين سان مڪمل اکين ڏٺو احوال ونڊيان ها، ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ، جبل ، برن پٽن ، ڏونگرن ، پهاڙن کي ڏورڻ وارِ ي، حوصلي ، جدوجهد جو داستان رقم ڪرڻ وارِي ۽ پنهنجي محبت کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ وارڻ وارِي لاکيڻي لطيف جي عظيم سُورمِي سانئڻ سسئي جي آخري آرام گاه جو ديدار ته ڪري وٺان ها.... پر اڃان قسمت کي اهو منظور ڪونه هو ته سسئي پنهون جي آخري آستاني جي حاضري ڀريان. خير ڀاءُ نوراحمد سمون جي پيرائتي احوال موجب هن مچ ڪچهري ۾ سنڌ جي شهرن سانگهڙ، جيڪب آباد، مڪلي ٺٽو، ڪراچي، سميت بلوچستان جي شهرن ديرا مُراد جمالي، بيلا، اوٿل، وندر ۽ لاکڙا جا مشهور ۽ معروف سگهڙ شريڪ ٿيا. هن مچ ڪچهري جو مهمان خاص حڪومت سنڌ جو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز هو جڏهن ته هن پروگرام جي صدارت منهنجي ننڍي ڀاءُ نوراحمد سمون ڊپٽي ڪمشنر آف لسبيلاڪئي ، جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا بلوچستان محترم ماجد محسن پنهور اسسٽنٽ ڪمشنر حب ضلع بلوچستان فواد غفار سومرو صاحب جن هُئا، باقي معزز مهمانن ۾ تحصيل دار وندر خير جان بلوچ، سردار فاروق شيخ، بابو شيخ علم انگاريا،ڊاڪٽر عباس مونڌرو ايس ايڇ او وندر افضل سرپارا،اي سي ڌُريجِي تحصيل دار ڌُريجِي، ايوب علي ، علي قاضي، نائب تحصيلدار گڊاڻي، يعقوب رفيق تبسم، ان کان علاوه ڀرپاسي جي ڳوٺن موضا( تپو) سنگهر، شهر وندر، بيلا ۽ اوٿل جا سوين رهواسي، هن مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿيا، سڀني معزز مهمانن جي آجيان درگاه سسئي پنهون جي چيف خليفي عبدالرحمان بُرو ڪئي.هن مچ ڪچهري جي خاص ڳالهه اها آهي ته 1964ع ۾ هڪڙي سنڌي ڪمشنر محمد اسماعيل ميمڻ هن مزار تي اهڙي قسم جي ڪچهري منعقد ڪرائي هُئي ان کان پوءِ سسئي پُنهون جي آخري آرام گاهه تي وڏي پيماني تي مچ ڪچهري منعقد ڪرائڻ جو اعزاز منهنجي ننڍي ڀاءُ نوراحمد سمون ڊپٽي ڪمشنر آف لسبيلا بلوچستان کي حاصل ٿيو. هن خوبصورت محفل ۾ چانهه جو دور پڻ هليو مچ ڪچهري دوران وقفو ڪري مهمانن کي ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا نوراحمد سمون پاران رات جي ماني به کارائي ويئي. هاڻي پيش آهن انهي شاندار مچ ڪچهري جون تصويرون محترم نديم مير بحر جي ٿورن سان .

هوت تنهنجي هنج ۾ پُڇين ڪوهه پَئِي
وفِي اَنفُسڪم، افلا تبصرون سوجهي ڪر سَهِي،
ڪڏهِن ڪانه وَهِي هوت ڳولڻ هٽ تي۔ (شاهه سائين)
لاکيڻي لطيف جي سُورمِي سانئڻ سسئي ۽ سندس ور پنهون جو ابدي آرام گاهه موضا سنگهر تعلقو وندر، ضلع لسٻيلا بلوچستان (تازه ترين تصويرون) محترم نديم ميربحر جي ٿورن سان