انصاف جي تارازي۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 جنوري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ هاري هوندو هو۔۔۔ جيڪو پنهنجي مَيهُن جي کير مان تيار ڪيل هڪ ڪلو مکڻ جو پيڙو شهر ۾ کپائي گذر سفر ڪندو هو۔۔۔
    هڪ ڏينهن پنهنجي معمول مطابق هُو شهر ويو ۽ دڪاندار کي مکڻ جو پيڙو کپايو ۽ ساڳئي دڪاندار کان کنڊ، چانهن جي پتي، گهه ۽ صابڻ وغيره خريد ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ روانو ٿيو۔۔۔
    هن دفعي دڪاندار مکڻ جو پيڙو فريزر ۾ رکڻ کان اڳ ان جو وزن ڪيو ته اهو 900 گرام نڪتو۔۔۔ دڪاندار کي حيرت ۽ صدمو پهتو۔۔۔ هن فريزر ۾ رکيل هاري کان ورتل سمورا پيڙا ڪڍي توريا ته سمورا پيڙا 900 ۽ 900 گرام جا ٿيا۔۔۔
    ٻئي هفتي هر واري وانگر جيئن ئي هاري دڪان تي آيو ۔۔۔ ته دڪاندار کيس ڪاوڙ مان چيو۔۔ ”نڪري وڃ منهنجي دڪان تان۔۔۔ مان ڪنهن بي ايمان ۽ ڌوڪيباز سان ڪاروبار ناهيان ڪندو۔۔ تون 900 گرام جو مکڻ پورو هڪ ڪلو ڪري مون کي کپائي ٿو ڏين۔۔ مان تنهنجي شڪل به نه ٿو ڏسڻ گهران۔۔۔“
    هاري حيرانگي سان دڪاندار کي ڏٺو ۽ چيائين۔۔۔ ”منهنجا ڀاء۔۔! ڪاوڙ نه ڪر۔۔ مان غريب ماڻهون آهيان مون ۾ تارازي جا وٽ خريد ڪرڻ جي سگهه ناهي۔۔۔ مان ته توهان کان خريد ڪيل هڪ ڪلو کنڊ تارازي جي هڪ پاسي ۽ ٻئي پاسي ايتري ئي وزن جو مکڻ توري کڻي ايندو آهيان۔۔۔“

    سبق: ڪنهن تي آڱر کڻڻ کان اڳ۔۔ پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ گهرجي ۔۔ ڪاٿي اها خرابي پاڻ ۾ ته ناهي۔۔۔!
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: انصاف جي تارازي۔۔

    ههههههههههههههههههههههههههههه واه ادا واه تمام بهترين ادا مهنجي خيال ۾ اڪثر جهيڙن ۽ براين جو سبب پهنجو احتساب نه ڪرڻ ۽ ٻين تي آڱر کڻڻ کان پهريان پهنجي گريبان ۾ نه ڏسڻ آهي خدا تعالي اسان سبني کي هدايت ءٌ رهنمائي عطا فرمائي آمين
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: انصاف جي تارازي۔۔

    واقعي ادا رشيد توهان سچ ٿا چئو پهريان پاڻ کي ڏسجي
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: انصاف جي تارازي۔۔

    ادا رشيد سمون صاحٻ اسلام عليڪم،توهان جي ليک جيڪو مختصر ڪهاڻي تي مشتمل هو پنهنجي اندر ڏيڻ ۽ وٺڻ (لين ۽ دئين ) جي باري ۾ هڪ تمام وڏو پيغام/سمجهڻي / نصحيت ٿو رکي۔ڪنهن ٻئي تي الزام لڳائڻ کان پهريائين جيڪڏهن هر ڪو ماڻهون پنهنجي گريبان ۾ جهانڪي ڏسي ته شايد هو ڪنهن تي به ڪنهن قسم جو الزام نه لڳئيندو۔اڄڪله گهڻي ڀاڳي ماڻهون پنهنجو احتساب ڪرڻ جي بدران ٻين جي غلطين تي شڪاري ڪتي واري نظر ويجهو ويٺا هوندا آهن ته ڪڏهن ٿو اڳيون ماڻهون ڪا غلطي ڪري ته هو ان تي وٺ ڪن۔الله پاڪ شل اسان کي ان قسم جي ماڻهن کان پنهنجي پناه ۾ رکي۔
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: انصاف جي تارازي۔۔

    ادا رشيد صاحٻ اسلام عليڪم۔توهانجو ليک تحريري لحاظ کان ته ننڍڙو آهي پر پهنجي اندر هڪ تمام وڏو پيغام ۽ نصحيت ٿو رکي۔اسان سڀني کي پهريائين پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻ گهرجي ڪنهن ٻئي تي الزام لڳائڻ وقت ۔هر ڪو ماڻهو اڄڪله پنهنجي غلطين کي پروڙڻ جي بجاء ٻين جي غلطين کي منظر عام تي آڻڻ جي جستجو ۾ لڳو پيو هوندو آهي۔هو هڪ منٽ لاء به اهو نه سوچيندو آهي ته شايد ان قسم جون غلطيون ۽ ڪميون هن جي اندر ۾ به موجود آهن۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انصاف جي تارازي۔۔

    بيشڪ ! ائين ئي آهي هر انسان پاڻکي صاف ۽ ٻين کي کوٽو سمجهندو آهي، هو چاهيندو آهي ته کيس ته هر شئي پوري پني ملي پر هو پاڻ ٻين کي اها ئي شئي کوٽي ڪري ڏيندو آهي، هر انسان چاهيندو آهي ته پاڙي وارو، مائٽ، رشتيدار يا دوست سندس عزت ڏي پر هو ٻين کي اها عزت ڏئي نه سگهندو آهي ۔۔۔

    چوندا آهن ته ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ يا وري هيءَ به چوڻي آهي ته ”جيڪو پوکبو اهو ئي لڻبو“ سو انڪري اسان سڀئي جي چاهيون ٿا ته اسان سان به انصاف ٿئي ته اسانکي به ٻين سان انصاف ڪرڻو پوندو ۔۔۔۔

    نه ته اها چوڻي سچ ٿيندي ته ” ٿئين مال مئين ئي، مئين مال ههههههه“

    ادا رشيد تمام سٺو سبق آموز ليک ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ سمجهو ڪي سمجهن ، ”ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو“

    جڙيا هجو شال

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: انصاف جي تارازي۔۔

    واهه ادا رشيد واهه توهان جي شئيرنگ جي باري ۾ ڪهڙي ڳالهه ڪجي توهان ته سنڌ سلامت فورم تي مضمون ونڊ ڪرڻ جا ته بادشاهه آهيو۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انصاف جي تارازي۔۔

    ڪنهن کي ڪجهه چوڻ کان اڳ سوچ ۽ سمجهه ضروري آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔

    چوندا آهن ته عقلمند سوچي پوء ڳالهائيندو آهي جڏهن ته بيوقوف ڳالهائڻ کانپوء سوچيندو آهي۔ ڪنهن تي آڱر کڻڻ يا ڀرو ڀلو چوڻ کان اڳ پنهنجي گريبان ۾ ڏسو ۽ سوچيو ته اوهان ڪٿي بيٺا آهيو۔

    لاجواب شيئرنگ
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: انصاف جي تارازي۔۔

    بهترين شيئرنگ آهي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو