
ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ هاري هوندو هو۔۔۔ جيڪو پنهنجي مَيهُن جي کير مان تيار ڪيل هڪ ڪلو مکڻ جو پيڙو شهر ۾ کپائي گذر سفر ڪندو هو۔۔۔
هڪ ڏينهن پنهنجي معمول مطابق هُو شهر ويو ۽ دڪاندار کي مکڻ جو پيڙو کپايو ۽ ساڳئي دڪاندار کان کنڊ، چانهن جي پتي، گهه ۽ صابڻ وغيره خريد ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ روانو ٿيو۔۔۔
هن دفعي دڪاندار مکڻ جو پيڙو فريزر ۾ رکڻ کان اڳ ان جو وزن ڪيو ته اهو 900 گرام نڪتو۔۔۔ دڪاندار کي حيرت ۽ صدمو پهتو۔۔۔ هن فريزر ۾ رکيل هاري کان ورتل سمورا پيڙا ڪڍي توريا ته سمورا پيڙا 900 ۽ 900 گرام جا ٿيا۔۔۔
ٻئي هفتي هر واري وانگر جيئن ئي هاري دڪان تي آيو ۔۔۔ ته دڪاندار کيس ڪاوڙ مان چيو۔۔ ”نڪري وڃ منهنجي دڪان تان۔۔۔ مان ڪنهن بي ايمان ۽ ڌوڪيباز سان ڪاروبار ناهيان ڪندو۔۔ تون 900 گرام جو مکڻ پورو هڪ ڪلو ڪري مون کي کپائي ٿو ڏين۔۔ مان تنهنجي شڪل به نه ٿو ڏسڻ گهران۔۔۔“
هاري حيرانگي سان دڪاندار کي ڏٺو ۽ چيائين۔۔۔ ”منهنجا ڀاء۔۔! ڪاوڙ نه ڪر۔۔ مان غريب ماڻهون آهيان مون ۾ تارازي جا وٽ خريد ڪرڻ جي سگهه ناهي۔۔۔ مان ته توهان کان خريد ڪيل هڪ ڪلو کنڊ تارازي جي هڪ پاسي ۽ ٻئي پاسي ايتري ئي وزن جو مکڻ توري کڻي ايندو آهيان۔۔۔“
سبق: ڪنهن تي آڱر کڻڻ کان اڳ۔۔ پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ گهرجي ۔۔ ڪاٿي اها خرابي پاڻ ۾ ته ناهي۔۔۔!