• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

۔۔۔۔۔گيت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اکيون بند ڪيان ٿو ته توکي ڏسان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو

مان خوابن جي آڪاش تي چنڊ کي
تڪيندي تڪيندي جڏهن اک ڇنڀان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو

هوائون جڏهن تنهنجو پيغام ٿيون
اکين جي اُفق تي اُڏري وڃان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو

تون خوشبوءَ جيان من ۾ مهڪي وڃين ٿو
مان ساهن ۾ توکي جڏهن وٺان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو

سڄي رات خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي
حقيقت کي جڏهن اچانڪ ڏسان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو

اُداسي اکين جا “وفا ” بند ٽوڙي
مان سانوڻ ٿي صحرا ۾ جڏهن وسان ٿو

وفا شيراز نظاماڻي
 
جواب: ۔۔۔۔۔گيت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اکيون بند ڪيان ٿو ته توکي ڏسان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو


واھ ادا واھ بھترين
 
جواب: ۔۔۔۔۔گيت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل موقعي جي مناسبت سان واهه جي شاعري
 
جواب: ۔۔۔۔۔گيت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سڄي رات خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي
حقيقت کي جڏهن اچانڪ ڏسان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو


ادا شيراز نظاماڻي ۔واه سائين واه۔تمام مناسب شاعري ونڍ ڪئي اٿئو۔ان فڪر کي جاري رکندا۔
 
Back
Top