شيراز احمد نظاماڻي
سينيئر رڪن
اکيون بند ڪيان ٿو ته توکي ڏسان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو
مان خوابن جي آڪاش تي چنڊ کي
تڪيندي تڪيندي جڏهن اک ڇنڀان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو
هوائون جڏهن تنهنجو پيغام ٿيون
اکين جي اُفق تي اُڏري وڃان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو
تون خوشبوءَ جيان من ۾ مهڪي وڃين ٿو
مان ساهن ۾ توکي جڏهن وٺان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو
سڄي رات خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي
حقيقت کي جڏهن اچانڪ ڏسان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو
اُداسي اکين جا “وفا ” بند ٽوڙي
مان سانوڻ ٿي صحرا ۾ جڏهن وسان ٿو
وفا شيراز نظاماڻي
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو
مان خوابن جي آڪاش تي چنڊ کي
تڪيندي تڪيندي جڏهن اک ڇنڀان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو
هوائون جڏهن تنهنجو پيغام ٿيون
اکين جي اُفق تي اُڏري وڃان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو
تون خوشبوءَ جيان من ۾ مهڪي وڃين ٿو
مان ساهن ۾ توکي جڏهن وٺان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو
سڄي رات خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي
حقيقت کي جڏهن اچانڪ ڏسان ٿو
هرڪو ٿو سمجھي ته مان ننڊ ڪيان ٿو
اُداسي اکين جا “وفا ” بند ٽوڙي
مان سانوڻ ٿي صحرا ۾ جڏهن وسان ٿو
وفا شيراز نظاماڻي