• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اکين جا رشتا

دماغ جون سرحدون خُشڪ ٿي چُڪيون آهن
سوچ بيابان ۾ ڀٽڪي پئي
مون ڏات کي خاموش ڪاغذن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آ،
مونکي ڪنهن مُطالعي جي ضرورت ناهي.....
غمن کي لڪائڻ لاءِ هڪ مُرڪ ڪافي ناهي
مون ٽهڪن ۾ سُڏڪن کي پَسيو آ..........
مونکي پڙهڻ کانپوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مون ۾ ۽ سمنڊ ۾ ڪهڙو فرق آ
بظاهر اسين ٻئي هڪجهڙا آهيون،،
زندگي ڪيتري نه خوبصورت آ اهي لفظ توکي ڏسڻ محل چيا هئم
مون اُنهن لمحن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي
پر وقت واريِ جيان منهجي هٿن مان ڇڏائجي ويو....
اڄ منهنجو وجود وارِي جيان آهي
مون کي روز ٺاهيو ۽ ڊاهيو ويندو آ..........
آئون ڪو ڪهاڻيڪار ناهيان آئون خود هڪ ڪهاڻي آهيان
جنهن جو نه عنوان نه انت..........
بي قرار موسمن ڪنهن پل به سُڪون نه بخشيو
مون وندر جا سڀ ذريعا آزمائي ڏٺا....
بي وقت سوچون ۽ پڙاڏا اڄ به احساسن کي جنجھوڙين ٿا
مون مڪلي جيان پنهنجي من کي اُداس ڏٺو آ،،،،
خاموش اکين سان توکي ڪجھ چيو هئم
تو بنا ٻُڌي نظر انداز ڪري ڇڏيو ..........
۽ اکين جا رشتا اکين ۾ ٽُٽي ويا*
وفا شيراز نظاماڻي
 
جواب: اکين جا رشتا


زندگي ڪيتري نه خوبصورت آ اهي لفظ توکي ڏسڻ محل چيا هئم
مون اُنهن لمحن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي
پر وقت واريِ جيان منهجي هٿن مان ڇڏائجي ويو....

ادا نظاماڻي صاحب، زندگيءَ جو چرخو ئي اهڙو آهي، هڪ پل خوشي ته ٻيو پل غم کڻي ٿو اچي پر پوءِ به محترمه نسيم حيدريءَ جي هن آزاد نظم جا لفظ اوهانجي هن وارتا جي جواب ۾ ڏئي سگهجن شايد !!!

حياتي ھڪ آرٽ آھي،
ڪيترائي رنگ ڀريل،
ڪي هلڪا
ڪي گھرا
ڪي پيارا
ڪي سندر
ڪي بدنما
ڪي ناقابل برداشت،
پوءِ به ته
سڀ رنگ آهن
جيون جا .

ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: اکين جا رشتا

خاموش اکين سان توکي ڪجھ چيو هئم
تو بنا ٻُڌي نظر انداز ڪري ڇڏيو ..........
۽ اکين جا رشتا اکين ۾ ٽُٽي ويا

خوبصورت نظم ، گهرا خيال
 
جواب: اکين جا رشتا

دوستو اک (اکيون) هر ساهه واري جو عجيب عضو آهن ۔ جڏهن به جنهن وٽ به انسان پهريون دفعو اک کوليندو (ڄمڻ وقت) ان کي روئاريو ويندو آهي ۔ ۽ جڏهن اُهوئي انسان هميشه لاءِ اکيون ٻوٽيندو آهي ته وري هو دنيا وارن کي روئاريندو آهي ۔
 
Back
Top