
اڄ هڪ سٺي خبر پڙهڻ لاء ملي هئي ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار کهڙي اها رولنگ ڏني آهي ته اسيمبلي ۾ ڪوبه ميمبر ”ڪراچي ۽ سنڌ“، ”اندرون سنڌ“ نه چوندو۔ پر ساڳي ئي اخبار ۾ هڪ ٻي خبر به پڙهڻ لاء ملي جيڪا دل کي ڏکائيندڙ لڳي ۔ ڪالهه سينيٽ جي اجلاس ۾ وفاقي وزير داخلا رحمان ملڪ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ جي سمورن ٿاڻن ۾ اردو ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ ايف آء آر ڪٽيون وينديون۔
اسان اهڙي خبر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اهو مطالبو ٿا ڪيون ته ڇو ته ڪمپيوٽر ۾ سنڌيء ۾ لکڻ ڪو مسئلو ناهي تنهنڪري سنڌي ۾ سافٽويئر ٺاهيو وڃي ۽ سنڌ جي سڀني ٿاڻن تي مهيا ڪري ڏنو وڃي۔ جيڪڏهن اهڙي قسم جو سافٽويئر ٺاهڻ ۾ ڪي مسئلا ٿا اچن ته سنڌ سلامت جي ٽيم اهڙو سافٽويئر ٺاهي ڏيڻ سان گڏ سنڌي ٽائيپنگ ڪندڙ ماڻهو مهيا ڪرڻ لاء به تيار آهي۔