• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي ٿاڻن ۾ اردو ۾ ايف آء آر ڇو ؟؟

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
fu1czq.png


اڄ هڪ سٺي خبر پڙهڻ لاء ملي هئي ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار کهڙي اها رولنگ ڏني آهي ته اسيمبلي ۾ ڪوبه ميمبر ”ڪراچي ۽ سنڌ“، ”اندرون سنڌ“ نه چوندو۔ پر ساڳي ئي اخبار ۾ هڪ ٻي خبر به پڙهڻ لاء ملي جيڪا دل کي ڏکائيندڙ لڳي ۔ ڪالهه سينيٽ جي اجلاس ۾ وفاقي وزير داخلا رحمان ملڪ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ جي سمورن ٿاڻن ۾ اردو ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ ايف آء آر ڪٽيون وينديون۔

اسان اهڙي خبر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اهو مطالبو ٿا ڪيون ته ڇو ته ڪمپيوٽر ۾ سنڌيء ۾ لکڻ ڪو مسئلو ناهي تنهنڪري سنڌي ۾ سافٽويئر ٺاهيو وڃي ۽ سنڌ جي سڀني ٿاڻن تي مهيا ڪري ڏنو وڃي۔ جيڪڏهن اهڙي قسم جو سافٽويئر ٺاهڻ ۾ ڪي مسئلا ٿا اچن ته سنڌ سلامت جي ٽيم اهڙو سافٽويئر ٺاهي ڏيڻ سان گڏ سنڌي ٽائيپنگ ڪندڙ ماڻهو مهيا ڪرڻ لاء به تيار آهي۔
 
جواب: سنڌ جي ٿاڻن ۾ اردو ۾ ايف آء آر ڇو ؟؟

ادا سليمان وساڻ صاحب توهان بلڪل صحيح اهيو

مان توهان سان متفق آهيان

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ جي ٿاڻن ۾ اردو ۾ ايف آء آر ڇو ؟؟

تمام بهترين صلاح آهي ادا سليمان جن جي! واقعي رحمان ملڪ جو اهڙو بيان سخت مذمت جوڳو آهي۔
 
جواب: سنڌ جي ٿاڻن ۾ اردو ۾ ايف آء آر ڇو ؟؟

دوست سليمان سان گڏ هر محب وطن ۽ سنڌ دوست متفق ٿيندو ته اها نوٽڪي بند ڪئي وڃي ۽ قومي ٻولين کي پنهنجا حق ڏئي پاڪستان ۾ شامل سڀني قومن جي ٻولين کي رائج ڪيو وڃي ۔۔۔ پر جيڪڏهن ٻيون قومون جن وٽ سندن ٻوليون لکيون پڙهيون نٿيون وڃن ته اهي ڀل اردو رائج ڪن يا انگريزي ان سان سنڌين جو ڪو واسطو يا ڏوهه ناهي۔۔۔ سنڌي هڪ ادبي ۽ لک پڙه جي حساب ۾ تمام آسودي ٻولي آهي ۔۔۔ اسين هرگز به پنهنجي ٻوليءَ جي مٿان ڪنهن به ٻوليءَ کي اهميت نه ڏينداسون ۔۔۔

اميد ته سنڌ جو هر سڄان هن مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهي آواز اٿاريندو ۽ سنڌ سلامت جي سرموڙ دوست سليمان جي هي چيلينج قبول ڪئي ويندي ته اسين سنڌ سلامت پاران خدمتون ڏيڻ لئه تيار آهيون ۔۔۔ سنڌي قوم جا نوجوان پڪ ئي پڪ اسان جو ساٿ ڏيندا ۽ اسين اهڙو نظام قائم ڪرڻ جي لائق ٿي وينداسون ۔۔۔ انشاء الله

هن ڳالهه کي هر فورم تي اٿاريو وڃي ۽ سنڌ ۾ صرف سنڌي ٻولي استعمال ڪئي وڃي ۔۔۔

لک ٿورا دوست سليمان اسين اوهان سان گڏ آهيون، جاني، مالي ۽ اخلاقي طور اسانجو حال حاضر آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌ جي ٿاڻن ۾ اردو ۾ ايف آء آر ڇو ؟؟

بلڪل سليمان جي ڳالهه بهترين آهي اسان سڀ ان سان متفق آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ڇا ائين ٿيندو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

پاڻ وارا ڀنگائي ڀوتار ته ڀنگ پي ٽل لڳا پيا آهن انهن کي ان ڳالهه جي ڪهڙي پرواهه

سنڌ جي وڏن شهرن جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي اها به هڪ وڏي ڳالهه آهي پر اسان وارن حڪمرانن جو اهڙين ڳالهين سان ڇا وڃي
 
جواب: سنڌ جي ٿاڻن ۾ اردو ۾ ايف آء آر ڇو ؟؟

واھ ادا سليمان واھ زبردست ڳالھ! اسان پڻ اھڙي بيان جي مذمت ڪندي حڪومت کي اھو ئي چونداسين ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ئي لازمي آھي۔
 
جواب: سنڌ جي ٿاڻن ۾ اردو ۾ ايف آء آر ڇو ؟؟

دوستن جا ٿورا جن سنڌ سلامت جي موقف جي حمايت ڪرڻ سان گڏ ساٿ ڏيڻ جو به واعدو ڪيو آهي۔

اسان هن مسئلي کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪامي ٿي آهي۔ ميڊيا به ڪو خاص تاثر ڇڏڻ ۾ ناڪام وئي آهي۔ اسان اڄ به پنهنجي موقف تي قائم آهيون ۽ اهو چيلينج قبولڻ لاء تيار آهيون۔ جيڪڏهن حڪومت کان ڪونه ٿو ٿئي ته پوء سنڌ سلامت تيار آهي۔
 
Back
Top