دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]مولانا روم کان هڪ دفعي ڪنهن دنيا جي حقيقت پڇي۔

    مولانا روم ٻڌايو ته دنيا جي حقيقت بلڪل ايئن آهي جيئن ڪو ماڻهو جهنگ مان گذرندو هجي ۽ سندس پويان هڪ خونخوار شينهن پئجي وڃي۔ اهو ماڻهو شينهن جي خوف کان ڀڄڻ شروع ڪري ٿو ۽ ڀڄندي هڪ اهڙي هنڌ پهچي ٿو جو اڳيان هڪ غار آهي۔ هو چاهي ٿو ته ان غار ۾ ٽپ ڏئي پاڻ بچايان پر غور ڪرڻ تي کيس معلوم ٿئي ٿو ته غار جي منهن تي هڪ وڏي بلا وات ڦاڙيو ويٺي آهي۔

    هاڻي اڳتي بلا جو ڊڄ ۽ پويان شينهن جو خوف اهڙي صورتحال ۾ هن کي غار جي مٿان هڪ وڻ نظر اچي ٿو، هو ڊڪي ان جي ٽارين تي چڙهي وڃي ٿو۔ پر سندس خوف ان وقت اڃان به وڌي وڃي ٿو جڏهن هو ڏسي ٿو ته ٻه ڪوئا هڪ اڇي ۽ ٻيو ڪاري رنگ جو ان وڻ جي پاڙن کي ڪترڻ شروع ڪن ٿا۔ هاڻي هو سوچي ٿو ته ڄاڻ وڻ جون پاڙون ويون ۽ هيٺ ڪرندو ته شينهن يا بلا جو شڪار ٿي ويندو۔ اهو سوچيندي هن جي نظر وڻ جي مٿين ٽاري تي پوي ٿي جتي ماکيء جو مانارو آهي ۽ ان مان ماکيء جي مٺي لار هيٺ وهي رهي آهي۔ هو سڀ ڪجهه وساري ان ماکي کي پيئڻ ۾ لڳي وڃي ٿو۔ هو ماکي جي مٺاس ۽ چس ۾ اهڙو ته محو ٿي وڃي ٿو جو هن کان شينهن، بلا ۽ ڪوئا سڀ وسري وڃن ٿا۔

    ايتري ۾ ڪوئا وڻ جي پاڙ کائي وڃن ٿا ۽ هو هيٺ ڪري شينهن جي وات ۾ هليو وڃي ٿو۔ شينهن کيس پنهنجو شڪار ڪري هيٺ غار ۾ اڇلائي ٿو جتي بلا کيس پنهنجي وات ۾ وجهي ٿي۔

    مولانا روم چوي ٿو ته هتي جهنگ مان مراد هي دنيا آهي ۽ شينهن مان مراد موت آهي۔ جيڪو هر وقت انسان جي تاڪ ۾ رهي ٿو۔ غار مان مراد قبر آهي ۽ بلا انسان جا بدڪار اعمال آهن جيڪي قبر ۾ وڌا ويندا۔ هتي وڻ مان مراد عمر آهي ۽ اچي ۽ ڪاري ڪوئن مان مراد رات ڏينهن آهن جيڪي اسان جي عمر گهٽائي رهيا آهن۔ هتي ماکي مان مراد دنيا جون خواهشون ۽ لذتون آهن جنهن ڪري انسان موت ۽ قبر کان به غافل ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ڏينهن موت جي منهن ۾ هليو وڃي ٿو۔

    [/JUSTIFY]
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    موٽ اٽل آهي ، زندگي فاني پر پوء به اسان دنيا جي رونقن ۾ موت کي وساري ويهون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔موت کي هر وقت ياد ڪرڻ گهرجي
     
  3. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    مولانا روم جي سمجهاني به ڪمال جي درجي جي آهي۔

    ڀلو ڀلو ۔۔۔۔ هي مضمون وڻيو
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    بلڪل سچ ۔۔۔۔۔۔۔۔ موت اٽل آهي

    پر نفساني خواهشن ۾ انسان سڀ وساري ٿو ويهي۔
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    بيشڪ سائين حضرت علي ڪرم الله وجه جو هڪ فرمان آهي جنهن ۾ پاڻ فرمائين ٿا ته انسان جو هر ساه موت جي طرف هڪ قدم آهي ۔ وري پاڻ فرمائين ٿا اي غافل انسان تو کي خبر آهي ته تنهنجي ڪفن جو ڪپڙو بازار ۾ اڇي ڇڪو آهي ۔ پر اسان جي حالت ته هي ئي آهي
    هي جهان مٺو ته اڳيون جهان ڪنهن ڏٺو۔
    ٻئي هنڌ پاڻ فرمائين ٿا جيترو علم موت جو انسان کي آهي جي ايترو علم جانورن کي هجي ها ته توهان کي کائڻ جي لاءِ گوشت نه ملي ها چو جو جانور موت جي خوف کان ايترا ته لاغر ۽ ڪمزور ٿي وٺن ها پر اسان جي حالت ته هي آهي
    نه گهر ڪي ياد آتي هي نه لگتا هي دل نماز ۾
    اي دنيا تيري محبت ني مجهي ڪافر بنا ديا
    سائين وساڻ صاحب اوهانجي طرفان مولانا رومي جو ونڊ ماشاءِ الله
    الله اسان سڀني کي موت جي تياري ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري
    وسلام
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    ڇا ته موازنو ڪيو ويو آهي۔۔ زبردست ۔۔۔ سمجهڻ واري لاءِ عبرت جو مقام آهي۔۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    رومي جي رهاڻ ڪيترن کي سڌي راه ڏيکاري آهي، بزرگن جي رهنمائي مان ڪيترا ئي تري تار ٿيا ۔۔۔ تمام سهڻو ونڊ ۔۔۔

    هن ونڊ کي اسان جهڙو گنهگار ته ڪا ڀيٽا ڏئي نٿو سگهي، ها رومي جي ان نصيحت کي لطيف سرڪار جي هنن لفظن ۾ ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي ۔۔۔

    ٻارنهن ڪُنَ، ٻٽيهه تَڙَ، تَڙَ تَڙَ، مَٿي نانگُ،
    عشق جي اتانگ، ٻجهان سي نه ٻُڏنديُون۔
    سهڻي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    واقعي مولانا روم جي رهاڻ مان گهڻن پرايو آهي۔

    هي مضمون مان هڪ اردو ليک تان ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    مهرباني ڏاڏل سائين

    اوهان خوبصورت قول شامل ڪري هن ٿريڊ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن۔

    چئن ڏينهن جي زندگي آهي، انهن چئن ڏينهن ۾ ته اسان کي آخرت لاء ثمر تيار ڪرڻ گهرجي ۽ موت کي هر پل ياد ڪري رب جي بندگي ڪيون۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    بلڪل سمجهڻ وارن لاء هن ليک ۾ سڀ ڪجهه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن ٿورو وقت ڪڍي ماڻهو سوچي، سمجهي ۽ عمل ڪري ته جيڪر آخرت بهتر بڻائي سگهجي۔
     
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    سائين مولانا رومي رحمه الله جي بهترين نصيحت جي انتخاب تي اوهان کي جس هجي اهڙيون ڪوششون جاري رکندا
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    مهربانيون سائين نثار

    واقعي مولانا روم ڇا ته سهڻي نموني سمجهايو آهي۔ مولانا رومي جو رهاڻيون گهڻو مشهور ۽ نصيحت واريون آهن۔ شاهه لطيف پڻ مثنوي مولانا روم پاڻ سان گڏ رکندو هو۔
     
  13. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    ۔۔ سمجهڻ واري لاءِ عبرت جو مقام آهي۔۔

    بيشڪ ادا لاجواب ونڊ ۽ نصيحت ڀري ڪهاڻي آهي

    سدائين گڏ
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    مهرباني سائين

    ڪوشش رهندي ته سنڌ سلامت اهڙي قسم جي نصيحت آميز لکڻين کي پيش ڪندي رهي۔
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا، زندگي، موت ۽ نفساني خواهشون

    مهربانيون فقير سائين

    اوهان سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀڃو ٿا اهو به ڀلو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو