مولانا روم کان هڪ دفعي ڪنهن دنيا جي حقيقت پڇي۔
مولانا روم ٻڌايو ته دنيا جي حقيقت بلڪل ايئن آهي جيئن ڪو ماڻهو جهنگ مان گذرندو هجي ۽ سندس پويان هڪ خونخوار شينهن پئجي وڃي۔ اهو ماڻهو شينهن جي خوف کان ڀڄڻ شروع ڪري ٿو ۽ ڀڄندي هڪ اهڙي هنڌ پهچي ٿو جو اڳيان هڪ غار آهي۔ هو چاهي ٿو ته ان غار ۾ ٽپ ڏئي پاڻ بچايان پر غور ڪرڻ تي کيس معلوم ٿئي ٿو ته غار جي منهن تي هڪ وڏي بلا وات ڦاڙيو ويٺي آهي۔
هاڻي اڳتي بلا جو ڊڄ ۽ پويان شينهن جو خوف اهڙي صورتحال ۾ هن کي غار جي مٿان هڪ وڻ نظر اچي ٿو، هو ڊڪي ان جي ٽارين تي چڙهي وڃي ٿو۔ پر سندس خوف ان وقت اڃان به وڌي وڃي ٿو جڏهن هو ڏسي ٿو ته ٻه ڪوئا هڪ اڇي ۽ ٻيو ڪاري رنگ جو ان وڻ جي پاڙن کي ڪترڻ شروع ڪن ٿا۔ هاڻي هو سوچي ٿو ته ڄاڻ وڻ جون پاڙون ويون ۽ هيٺ ڪرندو ته شينهن يا بلا جو شڪار ٿي ويندو۔ اهو سوچيندي هن جي نظر وڻ جي مٿين ٽاري تي پوي ٿي جتي ماکيء جو مانارو آهي ۽ ان مان ماکيء جي مٺي لار هيٺ وهي رهي آهي۔ هو سڀ ڪجهه وساري ان ماکي کي پيئڻ ۾ لڳي وڃي ٿو۔ هو ماکي جي مٺاس ۽ چس ۾ اهڙو ته محو ٿي وڃي ٿو جو هن کان شينهن، بلا ۽ ڪوئا سڀ وسري وڃن ٿا۔
ايتري ۾ ڪوئا وڻ جي پاڙ کائي وڃن ٿا ۽ هو هيٺ ڪري شينهن جي وات ۾ هليو وڃي ٿو۔ شينهن کيس پنهنجو شڪار ڪري هيٺ غار ۾ اڇلائي ٿو جتي بلا کيس پنهنجي وات ۾ وجهي ٿي۔
مولانا روم چوي ٿو ته هتي جهنگ مان مراد هي دنيا آهي ۽ شينهن مان مراد موت آهي۔ جيڪو هر وقت انسان جي تاڪ ۾ رهي ٿو۔ غار مان مراد قبر آهي ۽ بلا انسان جا بدڪار اعمال آهن جيڪي قبر ۾ وڌا ويندا۔ هتي وڻ مان مراد عمر آهي ۽ اچي ۽ ڪاري ڪوئن مان مراد رات ڏينهن آهن جيڪي اسان جي عمر گهٽائي رهيا آهن۔ هتي ماکي مان مراد دنيا جون خواهشون ۽ لذتون آهن جنهن ڪري انسان موت ۽ قبر کان به غافل ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ڏينهن موت جي منهن ۾ هليو وڃي ٿو۔