سنڌ سلامت جي مکيه صفحي تي تبديلي هجڻ گهرجي

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,920
    ورتل پسنديدگيون:
    27,239
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]دوستو سلام

    اڄ صبح سنڌ سلامت تي نظر ڦيرايم ته هڪ نئون ڏيک نظر آيو۔ ادا رشيد کي سلام هجي جنهن ماهه ربيع الاول جي مناسبت سان هڪ تبديلي ڪندي فورم جي مکيه صفحي تي قرآن پاڪ جي خوبصورت آيت جو بينر پڻ لڳايو آهي۔ مونکي اهو بينر ۽ تبديلي گهڻي وڻي۔

    [​IMG]

    مان چاهيان ٿو ته سنڌ سلامت تي اها تبديلي جلدي جلدي هجڻ کپي، خاص ڪري ڪنهن مک ڏڻ جي مناسبت تي يا قومي هيروز جي ڏينهن جي مناسبت سان ته ڪڏهن وري لطيف سائين جي سهنن بيتن جي چترڪاري سان۔ اڄڪلهه مان چاهيان ٿو ته جيڪا سرگرمي سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي سان فيبروري ۾ شروع ڪئي پئي وڃي ته سنڌ سلامت جي مکيه صفي تي به اها تبديلي ڪنهن بينر جي صورت ۾ هجي۔

    اميد ته دوستن کي اها صلاح وڻندي ۽ اوهان جي قيمتن راين جو انتظار رهندو۔ مان چاهيندس ته سنڌ سلامت جي انتظاميه ۽ سنڌ سلامت جا ميمبر پنهنجي پنهنجي راء ڏين ۽ اهڙا بينر تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪن۔ خاص ڪري ادا ابوزين، ابو واصف، درويش ۽ عاشق سولنگي سان گڏ فورم جو روح روان سائين نثار ناز به بينر ٺاهڻ وارو ڪم احسن انداز سان ڪري سگهن ٿا۔

    پنهنجي راء ضرور ڏجو۔
    [/JUSTIFY]
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي مکيه صفحي تي تبديلي هجڻ گهرجي

    سائين بلڪل ڪجھ ڏينهن پهريان اها ڳالھ سائين رشيد صاحب سان ٿي هئي اسان اتي به ان جي حق ۾ سائين جن کي صلاح ڏني هئي ته سائين ايام جي حوالي سان جي ڪا مکيه صفي تي تبديلي ڪئي وڃي ته بهترين عمل هوندو ۔
    وسلام
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,883
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي مکيه صفحي تي تبديلي هجڻ گهرجي

    آءُ به دوست سليمان وساڻ جي ان صلاح سان 100 فيصد متفق ٿيندي چوندس ته اسانکي سنڌ ۽ سنڌيت سان لاڳاپيل هر مسئلن کي اهميت ڏيندي مکيه پهرين پيج تي بينر جي صورت ۾ لڳائڻ گهرجن۔ سنڌي ٻولي قومي ٻولي پڻ هن وقت اهم آهي ۽ جيڪڏهن ان جو ڪو بينر تيار ڪري لڳايو وڃي ته واهه واهه ۔۔۔

    تازي تبديلي به هڪ مسلمان جي حيثيت سان ايمان افروز آهي ۔۔۔ سبحان الله

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جي مکيه صفحي تي تبديلي هجڻ گهرجي

    سائين سليمان وساڻ صاحب بيشڪ ائين ھجڻ گھرجي مان اوھان جي ڳالھ سان سھمت آھيان ۽ مان پاڻ ڪوشش ڪري سنڌسلامت جا بينر ٺاھيندس پو جيڪو حال آھي، اوھان بلڪل ڳالھ سھي ڪئي آھي خاص ڪري سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري۔۔۔۔۔۔۔۔مھرباني
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت جي مکيه صفحي تي تبديلي هجڻ گهرجي

    سائين هر موقعي مناسبت سان سائين عبدالرشيد جن ڪوشش ڪري سنڌ سلامت جي روپ کي نکارڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن هن موقعي مناسبت سان جيڪا تبديلي ڪئي وئي آهي سا مون کي ته بيحد پسند آئي فورم کي اهڙي خوبصورت گنبد ۽ سائي چادر ڍڪائڻ تي سائين جن کي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿي
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,764
    ورتل پسنديدگيون:
    2,736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت جي مکيه صفحي تي تبديلي هجڻ گهرجي

    ان ڏينهن جڏهن رشيد مون وٽ آيو ته مون به کيس گهڻو زورڀريو ته ربيع الاول جي حوالي سان جلد لوگو تبديل ڪريو پاڻ مونکي مٿئين لوگو سميت ٻيا به کوڙ سارا لوگو ڏيکاريا پر مونکي به مٿيون پسند آهيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام خوبصورت بهترين لاجواب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    عبدالرشيد ان رات 5 بجه تائين جاڳندو رهيو ء هي ڪم مڪمل ڪيائين پاڻ جس لهڻي کيس لاء لفظ ڪون آهن هڪ ته هي منڊال مچائي اسان سڀني کي گڏ ڪيو ء ٻيو ته مصروف نوڪريء جي باوجود مينيج ڪرڻ سچ پچ ته هيڙي دور ۾ جتي ماڻهن کي پنهنجي لاء ٽائيم نه آهي اتي هن جي خدمتن جي تعريف نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    الله سائين کيس صحت ء وڏي ڄمار ڏئي ، ء ساٿ سلامت رهي۔۔۔۔۔۔ آمين

    موقعي جي مناسبت سان تبديلي هجڻ گهرجي ۔۔۔۔۔۔۔ اها دوستن جي هڪ بهترين سوچ آهي ۔۔۔۔۔۔۔

    وري به اڄ جي تبديلي جي لاء سڀني دوستن کي مبارڪون منهنجي خيال ۾ هي سڄو مهينو اهو ئي لوگو هجي ته بهتر ٿيندو۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,647
    ورتل پسنديدگيون:
    5,663
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت جي مکيه صفحي تي تبديلي هجڻ گهرجي

    دوستن جي مهرباني جن نه صرف هن تبديلي کي پسند ڪيو پر ان کي جاري رکڻ تي به زور ڀريو۔۔۔
    دوستن کي ٻڌائندو هلان ته فورم کي خوبصورت ۽ جاذبِ نظر رکڻ يقينن محنت طلب ڪم آهي۔۔ جڏهن ته تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي ڏڻ چونڊڻ پڻ اهم ذميداري آهي۔۔ ان هوندي به ڪوشش هميشه کان رهي آهي ته ڪنهن جي دل آزاري کان بچندي هميشه سنڌ سلامت کي موقعن جي مناسبت سان سينگاريندي هڪ خاموش پيغام پهچائيندو رهجي ۔۔
    ان لاءِ مان پنهنجي محسن دوستن محترم ابوواصف، ادا عمران المعروف درويش ۽ سائين ابوزين جو ٿورائتو رهندو آهيان جيڪي منهنجي خيالن کي پنهنجي خوبصورت ٽيڪينيڪ جي مدد سان تخليق ڪندا رهندا آهن۔۔ پر يقين ڪريو ته منهنجا هي مهربان دوست مون کان به وڌيڪ مصروف رهندا آهن ان ڪري کين درخواست ڪندي هميشه هڪ هٻڪ ضرور رهندي آهي۔۔۔ ان لاءِ جيترا ڪڻا ٿالهي ۾ هجن اوترو ڀلو۔۔

    ادا سليمان جي صلاح به بهترين ۽ وقت جي ضرورت مثل آهي۔۔ اميد ته دوست پاڻ اڳڀرو ٿيندي ان سلسلي ۾ پنهنجا ڊيزائين ڪيل خيال، خاڪا، تصور ۽ پيغام موڪليندا۔۔ جن کي دوستن جي صلاحن سان سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تي لڳائبا ۔۔
    ان سلسلي ۾ موضوع اڳ ئي بيان ٿي چڪا آهن بس دوستن جي محنتن جو انتظار رهندو۔۔۔
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي مکيه صفحي تي تبديلي هجڻ گهرجي



    بهترين ڪم ٿيل آهي

    ڌڻي در دعاآهي ته الله پاڪ ادا رشيد کي صحت ڪاملا عطا فرمائي

    سدائين گڏ
     
  9. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ سلامت جي مکيه صفحي تي تبديلي هجڻ گهرجي

    سائين سليمان وساڻ صاحب بيشڪ ائين ھجڻ گھرجي مان اوھان جي ڳالھ سان سھمت آھيان
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    341
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت جي مکيه صفحي تي تبديلي هجڻ گهرجي

    جي سائين ادا سليمان بلڪل اوهان صحيع پيا چئو
    ٻيو ته هي تبديلي مون کي ڏاڌي وڻين
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت جي مکيه صفحي تي تبديلي هجڻ گهرجي

    ادا رشيد جي هن محنت جو داد نه ڏيڻ نا انصافي ٿيندو۔۔ موقعي جي مناسبت سان بهترين لوگو بروقت تيار ڪري ويبسائيٽ کي اپڊيٽ رکڻ تي ادا رشيد مبارڪ جو مستحق آهي۔۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,487
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت جي مکيه صفحي تي تبديلي هجڻ گهرجي

    آءُ به ادي سليمان سان متفق آهيان، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو عڪس جيئن اسان جي دلين ۽ سينن ۾ سمايل آهي تيئن ان جو مظهر پنهنجي پياري اڱڻ تي به ڏسڻ گهرون ٿا۔
    باقي سائين عبد الرشيد صاحب جن جي اڱڻ تي ماه ربيع الاول جي حوالي سان کنيل قدم ۽ تبديلي کي جيترو ساراهجي گهٽ هوندو، مونکي تمام گهڻي وڻي اها تبديلي جنهن جو مون سائين جن سان فون تي ڳالهائيندي به اظهار ڪيو هو۔
    سلام ساري سنگت کي سلام
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي
    جيو سنڌي ۔۔ هر پل جيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو