دوستو سلام
اڄ صبح سنڌ سلامت تي نظر ڦيرايم ته هڪ نئون ڏيک نظر آيو۔ ادا رشيد کي سلام هجي جنهن ماهه ربيع الاول جي مناسبت سان هڪ تبديلي ڪندي فورم جي مکيه صفحي تي قرآن پاڪ جي خوبصورت آيت جو بينر پڻ لڳايو آهي۔ مونکي اهو بينر ۽ تبديلي گهڻي وڻي۔
مان چاهيان ٿو ته سنڌ سلامت تي اها تبديلي جلدي جلدي هجڻ کپي، خاص ڪري ڪنهن مک ڏڻ جي مناسبت تي يا قومي هيروز جي ڏينهن جي مناسبت سان ته ڪڏهن وري لطيف سائين جي سهنن بيتن جي چترڪاري سان۔ اڄڪلهه مان چاهيان ٿو ته جيڪا سرگرمي سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي سان فيبروري ۾ شروع ڪئي پئي وڃي ته سنڌ سلامت جي مکيه صفي تي به اها تبديلي ڪنهن بينر جي صورت ۾ هجي۔
اميد ته دوستن کي اها صلاح وڻندي ۽ اوهان جي قيمتن راين جو انتظار رهندو۔ مان چاهيندس ته سنڌ سلامت جي انتظاميه ۽ سنڌ سلامت جا ميمبر پنهنجي پنهنجي راء ڏين ۽ اهڙا بينر تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪن۔ خاص ڪري ادا ابوزين، ابو واصف، درويش ۽ عاشق سولنگي سان گڏ فورم جو روح روان سائين نثار ناز به بينر ٺاهڻ وارو ڪم احسن انداز سان ڪري سگهن ٿا۔
پنهنجي راء ضرور ڏجو۔