سچي محبت۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ دفعي هڪ خوبصورت پر اکين کان نابين نوجوان جي مڱڻي هڪ خوبصورت عورت سان ٿي۔۔
    عورت کيس هڪ ڏينهن چيو۔۔ ”ڇا تون مونسان شادي ڪندي۔۔؟“
    نوجوان وراڻيو۔۔ ”هائو۔۔! پر تڏهن ڪندس جڏهن مان توکي ڏسي سگهان۔۔۔“
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪنهن ان نابين نوجوان کي پنهنجيون اکيون عطيه طور ڏنو۔۔
    نوجوان ڪافي خوش هيو جو اڄ هو پنهنجي ٿيڻ واري ڪنوار کي ڏسڻ وارو هيو۔۔ هن جڏهن عورت کي ڏٺو ته کيس ڪافي خوبصورت لڳي پر جڏهن هن غور ڪيو ته هن ڇرڪ نڪري ويو جو عورت اکيون کان نابين هئي۔۔۔
    نوجوان پنهنجي مڱ کي نابين ڏسي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو۔۔۔
    عورت جي چهري تي مسڪراهٽ اچي وئي ۔۔ هوءَ اڳتي وڌي ۽ نوجوان کي ڪن ۾ چيائين۔۔ ۽ هڪ طرف رواني ٿي وئي۔۔۔
    سڄڻ تنهنجي مرضي۔۔! پر منهنجي اکين جي پارت اٿئي۔۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سچي محبت۔۔۔

    محبت قرباني ته گهرندي آهي مٺا

    پر هتي وري ٻيو سبق ملي ٿو

    سمجهو ڪو سمجهي
    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سچي محبت۔۔۔

    تمام خوبصورت پيغام ۔۔۔ پيار جي ڳالهه ايندي ئي الائجي ڇو دل جون رڳون رباب ٿي پونديون آهن ۔۔۔ ۽ پوءِ انهن جي گونج ۾ هڪ اهڙو ته نشو ٿي پوندو آهي جو ڪي گهڙيون وقت جون سيون بيهي رهنديون آهن ۔۔۔۔ تمام سهڻو ونڊ

    رشيد ۽ پيار جو پيغام ۔۔۔!!! ائين متان سمجهو ته سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر ۽ سنڌ سلامت جي پرورش ڪرڻ واري جي دل ناهي ڌڙڪندي ۔۔۔ خوش رهو دوست
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سچي محبت۔۔۔

    سائين قبلا دل ته سڀني جي ڌڙڪندي آهي تڏهن ته زندگيء جو گاڏو هلي ٿو باقي ان معاملي ۾ ڪنهن جي دل تيز ڌڙڪندي آهي اهو فيصلو اسان جي محفل جا مور الله وارا فقير صاحبان ڪندا۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچي محبت۔۔۔

    سڄڻ تنهنجي مرضي۔۔! پر منهنجي اکين جي پارت اٿئي۔۔

    رشيد جڏهن لکندو آهي ته لفظن جي خوبصورتي احساس ڏياريندي آهي ته هو هڪ سٺو ليکڪ آهي۔ پر وقت جي بي رحم گهڙين کيس اتي اچي بيهاريو آهي جو هن کي شايد ئي لکڻ لاء ڪو وقت ملندو هوندو۔ پهريان مان سمجهندو هوس ته هو ننڊ ناهي ڪندو ڇو ته رات جو ٽين بجي به سنڌ سلامت تي هن جي پوسٽ پڙهڻ لاء ملندي هئي پر پوء خبر پئي ته اٿندو صبح جو يارهين بجي آهي۔

    شاندار شيئرنگ آهي۔ انسان جڏهن خود غرض ٿيندو آهي ته اهو ڪونه سوچيندو آهي ته مون سان وفا ڪنهن ڪئي يا ڪنهن نه ڪئي۔

    جفائن جي بدلي ڪيون سين وفائون
    مگر هن زماني اسان کي نه سمجهيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔


    يا وري

    وفا ڪٿي نه رهي آ وفا تلاش نه ڪر
    خدا جي واسطي اهڙي جفا تلاش نه ڪر
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سچي محبت۔۔۔

    واھ آخري جملو پڙھي پاڻ مرادو واھ جو لفظ نڪري آيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔زبردست ۽ سبق آميز ونڊ
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سچي محبت۔۔۔

    حقيقت ۾ هن منختصر سبق آموز ونڊ جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، لفظ ئي ڪونه ٿا ملن، سائين ڌڻي اوهان کي ۽ اوهان جي پيار کي به سلامت رکي۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سچي محبت۔۔۔

    تمام بهترين ليک آهي ۔۔۔
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سچي محبت۔۔۔

    سائين ابڙا صاحب پهرين ته مان به محترم رشيد صاحب کي رڳو مشيني ماڻهون (ڪمپيوٽر جي باري ۾ ڪم ڪندڙ ) سمجهندو هئس، مگر هاڻ خبر پئي ته مرحوم جلال چانڊيو جي ڳالهه وانگر ته رڳو ڏوهه جلال جو آ باقي باهه سڀني جي اندر لڳل آهي،۔۔۔۔ ادا ابڙا صاحب رشيد صاحب جي مون کي اهيا تمام گهڻي ڳالهه وڻندي آهي ته پاڻ هميشه نئين قسم جي ونڊ کڻي ايندا آهن پوء اها ٽيڪنيڪلي هجي يا غير ٽيڪنيڪلي، ادا جنين ڪاڻ مياس سي ڪانڌي ڪين ٿيا وانگر ۔۔۔۔ هت به ڪجهه اهيوئي حال آهي۔۔۔ ادا اڄ کان تقريب پندرنهن سال پهرين پاڪستان ٽيليويزن تي سنڌي ڊرامو هليو هو جنهن ۾ صلاح الدين تنيو هڪ غريب ڳوٺاڻي جي ڪردار ۾ هڪ امير ڇوڪري کي روزانه ڏسندو آهي ۽ تنيو صاحب ان ڇوڪري سان محبت ڪندو آهي، ۽ اها ڇوڪري سندس ڏسڻ تي ڪاوڙ ڪندي آهي ۽ هڪ ڏينهن اها ڇوڪري ڪاوڙ ۾ اچي هن کي گهٽ وڌ ڳالهائندي هن کي منع ڪندي آهي ته آئينده مون کي نه ڏسندو ڪر، ان تي اهو ڳوٺاڻو ( صلاح الدين تنيو ) هن کي جواب ڏيندو آهي ته مان جيسيتائين جيئرو آهيان ته هي منهنجون اکيون توکي ڏسنديون رهندون ۽ منهنجي مرڻ کانپوء به توکي ڏسنديون رهنديون، ان کان پوء ڊرامي ۾ هڪ ڏينهن ائين ٿيندو آهي ته اهو ڳوٺاڻو ڇوڪرو ۽ اها ڇوڪري بس ۾ شهر وڃي رهيا هوندا آهن ۽ بس واٽ تي ڪلٽي ٿئي پوندي آهي جنهن ۾ ڇوڪري جون اکيون ختم ٿئي وينديون آهن ۽ ان ڳوٺاڻي کي تمام ًگهڻا ڌڪ لڳندا آهن ۽ اها ڳوٺاڻو ڇوڪر مرڻيگ ٿئي ويندو آهي پر مرندي مرندي اهو ڳوٺاڻو پنهنجي اکيون ان ڇوڪر کي عطيو ڏئي ويندو آهي ۽( انهن اکين جي ڏيڻ بابت ان ڇوڪر کي خبر ناهي هوندي) ، ڊرامي ۾ اڳتي هلي اهيو ٿيندو آهي ته اها ڇوڪر هڪ ڏينهن آئيني ۾ ڏسندي آهي ته سندس ماڻ چوندي آهي ته پٽ فلاڻي ماڻهو جو توتي احسان آهي جنهن پنهنجون اکيون توکي ڏنيون جنهن جي ڪري تون پنهنجي خوبصورتي ڏسڻ جهڙي ٿئي آهي ۽ پاڻ دم ڌڻي حوالي ڪيائين، اتي ان ڇوڪر کي اهي الفاّظ ياد ايندا آهن ته ( مان جيسيتائين جيئرو آهيان ته هي منهنجون اکيون توکي ڏسنديون رهندون ۽ منهنجي مرڻ کانپوء به توکي ڏسنديون رهنديون، ) ۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا توهان اهيا ونڊ ڪري اسان جا ستل سور جاڳائي ڇڏيا، مگر ادا ان سور جو مزو به پنهنجو آهي، جيڪو شايد صحيح طريقي سان بيان به نه ڪري سگهجي، ادا توهان جي لکڻي جو انداز به پنهنجو آهي توهان جيڪو هي جملو استعمال ڪيو آهي ته ۔۔۔۔۔سڄڻ تنهنجي مرضي۔۔! پر منهنجي اکين جي پارت اٿئي۔۔۔ ڏسو ته انهن لفظن ۾ ڪيتري نه پنهنجائپ آهي اڪير محبت ۽ سچائي آهي ۔۔۔۔۔۔ توهان جي مهرباني اهڙي ونڊ ونڊڻ تي،


     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سچي محبت۔۔۔

    ادا ممتاز صاحب ڳالھ جڏهن اکڙين جي ئي هلي پئي ته هي به ڏسو
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سچي محبت۔۔۔

    مزيد هي به ملاحظه فرمايو
     
  12. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: سچي محبت۔۔۔

    (اري او بي مروت اري او بي وفا بتادي کيا يه هي هي وفائون کا سلا)

    شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جن پرِيت ۾ عاشق عورت کي قرار ڏنو آهي۔ هتي به ساڳي حالت بيان ٿيل آهي۔ عشق جو جنم نظر يعني اکين کان ئي ٿيندو آهي ۔ پيار جي موضوع تي رڳون ته رباب جيان سڀني جون وڄنديون آهن ۔ شايد ئي اهڙو ڪو نفس هجي جيڪو پيار کان پري هجي۔ مهرباني ادا عبدالرشيد محبت جي پيار واري موضوع موڪلڻ جي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو