
هڪ دفعي هڪ خوبصورت پر اکين کان نابين نوجوان جي مڱڻي هڪ خوبصورت عورت سان ٿي۔۔
عورت کيس هڪ ڏينهن چيو۔۔ ”ڇا تون مونسان شادي ڪندي۔۔؟“
نوجوان وراڻيو۔۔ ”هائو۔۔! پر تڏهن ڪندس جڏهن مان توکي ڏسي سگهان۔۔۔“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪنهن ان نابين نوجوان کي پنهنجيون اکيون عطيه طور ڏنو۔۔
نوجوان ڪافي خوش هيو جو اڄ هو پنهنجي ٿيڻ واري ڪنوار کي ڏسڻ وارو هيو۔۔ هن جڏهن عورت کي ڏٺو ته کيس ڪافي خوبصورت لڳي پر جڏهن هن غور ڪيو ته هن ڇرڪ نڪري ويو جو عورت اکيون کان نابين هئي۔۔۔
نوجوان پنهنجي مڱ کي نابين ڏسي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو۔۔۔
عورت جي چهري تي مسڪراهٽ اچي وئي ۔۔ هوءَ اڳتي وڌي ۽ نوجوان کي ڪن ۾ چيائين۔۔ ۽ هڪ طرف رواني ٿي وئي۔۔۔
سڄڻ تنهنجي مرضي۔۔! پر منهنجي اکين جي پارت اٿئي۔۔