توڙي جو هن وقت اليڪشن جو موسم ناهي۔ پر بدين ضلعي جي سدا ڏتڙيل تڪ پي ايس 57 (تعلقو ٽنڊو باگو) تي اليڪشن مهم هلي پئي۔ هي اهو تعلقو آهي جيڪو 2011 جي ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو ۽ ٻوڏ کان ڪجهه ئي ڏينهن پهرين هتان جو نمائندو مشهور ايم پي اي ڊڪٽر ذوالفقار مرزا (اڃان تائين سمجهه ۾ نه ايندڙ مشن) تي اسان کي ڇڏي هليو ويو۔ ۔ ۔ خير ڇڏي ته هو 2007 جي ڊسمبر جي 27 تاريخ ئي ويو هو جڏنهن هو وؤٽ وٺڻ لاءِ ملڪاڻي ۾ جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو ۽ اوچتو محترمه جي شهادت جو ٻُڌي جلسو اڌ ۾ ڇڏي روانو ٿيو۔ ماڻهن محترمه جي ڏک ۾ وؤٽ ته ڏيئي ڇڏيا پر هو وري نه آيو۔ ۽ جي آيو به ته نون (عوام ۾ انتهائي غير مقبول) لوڪل ليڊرس سان گڏجي ماڻهن تي طنز ۽ ٽوڪ ڪري هليو ويو۔
شايد سنڌ ۾ سندس ڪافي مداح به هُجن جيڪي سندس سڀ اوڻاين کي انهي همت ۾ ڍڪي ٿا ڇڏين ته هن هڪ مضبوط پارٽي خلاف ڳالهائڻ لاءِ سڀني کي زِبان ڏني۔ پر پوءِ به ڪنهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان پنهنجي تڪ جي عوام جو ڪو مسئلو ته حل نه ٿيندو نه؟
هو ڇو استعفي تي مجبور ٿيو؟ ڇو لنڊن ويو؟ ڇو بيان ڏنا؟ ۽ وري ڏيڻ بند ڪيا؟ اهي سوال پنهنجي جڳهه تي پر هِن جي تڪ جي حقيقت اها آهي ته سندس تڪ جي وڏي ڳوٺ ملڪاڻي کي ٻوڏ ۾ هن پاڻ وساريو،۔ ۔ ۔ بدين سان سندس تڪ کي ڳنڍيندڙ واحد روڊ اڄ به اڌ ۾ پيل آهي جيڪو گذريل دور ۾ ٺهڻ شروع ٿيو، گئس جا واعدا رڳو واعدا رهيا، سوين بي روزگار نوجوانن کي نوڪري نه ملي، ايرگيشن وارن جي بي واجبي ساڳي رهي ۽ سڀ کان وڏو مسئلو هن ڳوٺ جو انتظامي طرح سان ميرپورخاص سان ڳنڍيل هجڻ وارو مسئلو به هتي جو هتي رهيو۔
۽ هاڻ مرزا صاحب جو پٽ پيء جي ڇڏيل سيٽ تي اچي اليڪشن وڙهڻ بيٺو آهي۔ ساڳيا ڪم آهن۔ اٻوجهه عوام کانئن اهو پڇڻ جو حق نه ٿي رکي ته اسان پنهنجي ضمير جو فيصلو ڪندي اوهان کي اڳ وؤٽ ڏنو انهي جو ڇا ٿيو؟ ڇو ته مقامي سطح تي ڪُجهه با اثر سندن ٻڌي ڇوڙي جا مالڪ آهن۔ اهي مرزا جي پٽ جي واعدن تي اعتبار ڪري ويٺا آهن۔ ڇو ته کين پڪ آهي سڀاڻي ڪا اُڙي ٿُڙي درخواست منظور به ٿي ته اسان جي ئي ٿيندي۔ غريب جو ڇا آه؟ اهو اڳي به اسان جو ڪڙمي هو هاڻي به آهي۔ انهي جو ڇا وڃي ڪنهن کان ڪجهه پڇي؟
جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!
توهان جو ليک جتي جذبن جي ترجماني ڪندڙ لڳو ته اتي ڏکن ۽ سورن جي داستن به لڳو۔۔
دعا آهي ته توهان طرفان لڳايل هي ورچوئل چماٽ انهن تائين پهچي جن کي توهان نشانو بڻايو آهي۔۔۔ گڏ اها به دعا آهي ته ان چماٽ جو آواز پڙاڏو ٿي سموري سنڌ ۾ ٻڌجي۔۔۔۔ ته متان اهي شرم کائين ۽ بار بار ٻين جي نالن کي استعمال ڪري لاشن جي سياست ڇڏين۔۔۔ ۽ ڏتڙيل سنڌين جو درد پنهنجي سيني ۾ به محسوس ڪن۔۔۔
جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!
سائين هي سڀ ٺڳن جو ٽولو آهي۔
تازو ذوالفقار مرزا جو بيان آيو آهي ته هو پاڪستان ۽ صدر زرداري جي ڪري خاموشي اختيار ڪري ويٺو آهي!!
لڳي ٿو ته سندس اهو بيان پٽ جي حمايت لا ڏنائين۔۔۔۔
جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!
واهه ادا حفيظ، اصل دل جي ڳالهه ڪئي اٿئي، اوهان جنهن تڪ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو آئون ان تڪ جو ئي ووٽر آهيان ۽ هيئر اهو تماشو لائيو ڏسي رهيو آهيان ڊاڪٽر مرزا جڏهن اليڪشن ۾ بيٺو هو ته هتي جي ماڻهن شرنايون وڄايون هيون ته اسان کي ڪنڌار ليڊر مليو آهي هاڻي اسان جا سڀ ڏک سور لهي ويندا وري مٿان ڊاڪٽر صاحب جي گهرواري فهميده مرزا اسپيڪر ٿي ته ماڻهن جا ته سڀ سور لهي ويا پر آهستي آهستي خوشي خرم ٿيندي وئي ، ذوالفقار مرزا جي ٻوڏ واري وقت ائين عوام کان پري ٿي وڃڻ سدائين سمجهه ۾ نه ايندو پر تازي اليڪشن جي حوالي سان به ذوالفقار مرزا جي سياست سمجهه ۾ نٿي اچي ڇوته مرزا صاحب جو فرزند پ پ پ جي سيٽ تي وڙهي پيو ۽ اڳ ۾ مرزا صاحب پاڻ فرمايو هو ته حسنين مرزا غيرتمند پٽ آهي ۽ هو پ پ پ جي ٽڪيٽ نه کڻندو جيڪر کڻندو ته آئون هن جي سامهون پنهنجو اميدوار لاهيندس پر هاڻي نڪو اميدوار نظر پيو اچي نه ئي پ پ پ سان مخالفت، الٽو مرزا صاحب ته حسنين مرزا جا اليڪشن ورڪ پيو ڪر!!!!!
[/IMG]
جيڪڏهن مرزا صاحب کي اهو ئي ڪرڻو هو ته پو سيٽ ڇڏي تماشو ڇو ڪيائين؟ هاڻي سندس پُٽ کي به اهڙو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي جو لڳي ٿو اسان لا آسمان مان ڪو فرشتو لٿو آهي ، ٽنڊي باگي جو عوام ويچارو گهٽ پڙهيل لکيل، سدائين سورن جو شڪار ۽ سياسي طرح سان صفا ننڌڻڪو آهي سو اهي سياسي حرفتون نٿو سمجهي ،
۽ ها پنهنجي ڳوٺ وارن ۽ پنهنجي گهروارن کان به ضرور پڇجو ته ووٽ ڪنهن کي ڏيندا ؟؟؟