ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
۔ اڄڪلهه سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاء سنڌ جا عالم اديب، صحافي ۽ سنڌ دوست ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ ٽي وي هڪ رپورٽ تيار ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌي ٻولي کي ڪهڙا خطرا آهن بيان ڪيو ويو آهي، ڪجهه عرصو پهرين مون محترم واگهومل ميگهواڙ جو هڪ مضمون ( سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نه ٿو ملي؟ ) پڻ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو هو جنهن ۾ پڻ سنڌي ٻولي جي قومي درجي بابت ذڪر ڪيل آهي، مگر هت هي هڪ ٽي وي رپورٽ پڻ ونڊ ڪجي ٿي جيڪا توهان پاڻ ڏسو۔