ھڪ ڪرپٽ فرد لاء سڄي سنڌ کي صدمو ڇو ؟؟: عرفان ديشي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرفان ديشي طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2012۔

  1. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    [​IMG][/IMG]

    گُذريل هڪ مهيني ويھ ڏينهن مطلب 49 ڏينهن کان سنڌ جو مادري علمي درسگاهوتالابندي جو شڪار بڻيل آهن، سنڌ جي اهم درسگاه جيڪا هوائن جي شھر ڄامشوري جي وچ ۾ شمار ٿئي ٿي جنهن کي ”سنڌ يونورسٽي“ سڏيو وڃي ٿو جتي روزانو لکين شاگرد تعليم پرائڻ اچن ٿا. پر افسوس ان ڳالھ جو آھي ته گذريل 49 ڏينهن کان اھا درسگاھ هڪ نا اهل ڪرپٽ بڻيل وائيس چانسلر جي ڪري تالا بندي جو شڪار آھي. جنهن تي روزانو سوين دانشور، ليکڪ تبصرو به ڪن ٿا ۽ اخبارن ۾ آرٽيڪل به ڇپرائين ٿا پر ان جو ذرو اثر به حڪومتي ڏيڏرن تي ناهي جيڪي اقتدار جو موجون ته ماڻين ٿا پر اهو نٿا ڏسن ته ڪنهن هڪ فرد جي ڪري هزارين شاگرد تعليمي عمل کان محروم آهن. تعليم جا وزير پڻ انهن ڪرپٽ ماڻهن سان ڳنڍيل آهن جن جي ڪري يونيورسٽي بند آھي، استاد مطالبن جي مڃتا لاء بُکون ڪاٽين ٿا، قومپرستن تنظيمن جا اسٽوڊنٽ مظاهرا ڪرا روڊ بلاڪ ڪن ٿا پر ان جو ٽَڪو اثر به ڪونهي، آخر سنڌ ۽ سنڌين سان ايتري ويساھ گھاتي ڇو ؟ ۽ ڇا لاء، مان سنڌ جي ساڃاھ وندن ۽ انهن مظلوم استادن کي اپيل ٿو ڪيان ته اسان سنڌي اڳ ئي تعليم ۾ پُٺتي پيل آھيون انڪري اجايو پنهنجي تباهي نه ڪيو ڪلاسون اسٽارٽ ڪري سنڌي شاگردن جي تعليم کي غرق ٿيڻ کي بچايو ـ
    عرفان ديشي
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ھڪ ڪرپٽ فرد لاء سڄي سنڌ کي صدمو ڇو ؟؟: عرفان ديشي

    اسان پڻ هن پهرين سنڌي پليٽ فارم سنڌ سلامت تان سڀني وس وارن کي به اپيل ڪريون ٿا ته خدارا مادرِ علمي بچايو، سنڌ بچايو، سنڌي بچايو۔
     
  3. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: ھڪ ڪرپٽ فرد لاء سڄي سنڌ کي صدمو ڇو ؟؟: عرفان ديشي

    ادا پنهنجي ملڪ جي ان حالت ۽ خاص ڪري سنڌين سان ٿيل ان ويساهه گهاتي تي جيترو روئجي گهٽ آهي يار اسان جي پوئتي پوڻ جو وڏو سبب ئي اهو آهي ته اسان مان علمي نور ڪڍي اسان کي انڌو بڻائي اسان جي تقديرن سان کيڏيو ٿو وڃي دنيا ۾ ٻين جاين تي به ناانصافيون ٿينديون آهن پر اهڙي ناانصافي ڪنهن قوم سان نه ڏٺي سين جو انهن جي جوانن کي ائين علمي زيور کان محروم ڪيو وڃي يونيورسٽي جهڙو ادارو جتي نه صرف پنهنجي ملڪ جا بلڪه ڪيترن ئي ملڪن جا شاگرد تعليم پرائي رهيا هجن ان کي ائين ٻه مهينا بند ڪيو وڃي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ھڪ ڪرپٽ فرد لاء سڄي سنڌ کي صدمو ڇو ؟؟: عرفان ديشي

    ڏک ڏک ڏک ۽ ڏک ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔


    اسان اڄ تائين ڪهڙي وي سي مان خوش رهيا آهيون جو هن مان ٿينداسون۔ نذير مغل هڪ ڪرپٽ ماڻهو آهي ۽ هن جي جاء تي ڪنهن اهل ماڻهو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي هجڻ گهرجي۔ پر خدارا اهو به ٻڌايو ته ڊاڪٽر بلوچ کان اياز تائين ۽ اياز کان اڄ تائين اسان جا استاد، شاگرد ۽ سياسي تنظيمون ڪهڙي وي سي مان خوش رهيون آهن ؟؟؟

    اسان جي سياست اسان جي تعليمي ادارن کان پري هجڻ گهرجي نه ته اسان تباهي طرف وڌندا رهنداسين۔ استادن وٽ هڙتال جا ڪيئي طريقا هيا ۽ آهن پر تدريسي عمل کي بند رکي هڙتال ڪرڻ ؟؟؟؟ مان ان جو حامي ناهيان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوء ڀلي ڪو مونسان متفق هجي يا نه هجي۔
     
  5. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ھڪ ڪرپٽ فرد لاء سڄي سنڌ کي صدمو ڇو ؟؟: عرفان ديشي

    سائين سليمان مان اوهان مان سهمت آهيان، واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نذير مغل هڪ ڪرپٽ ۽ نا اهل ماڻهون آھي۔
    پر جڏهن اسان سمجهون ٿا ته اسان سان هر حڪومت هر دور ۾ نا انصافيون بي انتها ظلم ٿيندا رهيا آهن ته پو روئڻ ۽ پٽڻ مان ڪهڙو فاعدو۔ اڄ يونيورسٽي کي پورا 50 ڏينهن گذريا آهن پر تعليمي عمل دا تي لڳل آهي۔ احتجاجن يا هڙتالن جا ٻيا به کوڙ سارا نمونا ۽ طريقا آهن پر پنهنجن ئي ٻچن جي تعليم دا تي لڳائي اسان انهن جي مستقبل سان پيا کيڏون ڇا اھو اسان کي سونهين ٿو ؟؟؟
     
  6. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ھڪ ڪرپٽ فرد لاء سڄي سنڌ کي صدمو ڇو ؟؟: عرفان ديشي

    الائي ته ڇو وي سي صاحب جي ڪرپشن سڀني بي عيب ۽ پاڪ استادن کي نظر اچڻ لڳي آهي۔۔ الائي ڇو انهن کي سنڌ جي تعليم کي بچائڻ جو ايترو درد جاڳيو آهي، جو هو يونيورسٽي کي بدنام ۽ بند ڪرڻ ۾ ايترا چست نظر اچي رهيا آهن۔ وي سي تبديل ڪرڻ سان ڇا اهي ئي پروفيسر پوري محنت ۽ سچائي سان پڙهائيندي نظر ايندا؟ ماضي گواه آهي، هنن جي تدريسي عمل ۾ ڪا به دلچسپي نه رهي آهي۔۔
    سچ اهو آهي ته ڪرپٽ صرف وي سي نه پر اهي وڌيڪ ڪرپٽ آهن جيڪي سنڌ جي تعليم کي سياست جي نظر ڪري تباهي ۽ بربادي جو سبب بنجي رهيا آهن۔۔
    اسان سنڌين جو ڪو اڳواڻ ئي ڪونهي، رهبري ڪانهي ته اتحاد به ڪونهي، ۽ متحد نه هجڻ ڪري نه اسان جو مفاد قومي نه پر ذاتي ٿي ويا آهن۔ جڏهن قوم جو والي وارث ئي ڪير ڪونهي ته پوء ان قوم جي مفادن لاء ڪير اڳتي ايندو۔۔ اسان صرف يا ته هڪٻئي ڏانهن آڱريون کڻي غداري ۽ ڪفر جا فتوا ڏئي سگهون ٿا يا وري پنهنجي مظلوميت تي روڄ راڙو ڪري سگهون ٿا۔۔ اڄ ته يونيورسٽي پنهنجن جي خواهش تي بند ٿي آهي، (الله نه ڪري پر) جيڪڏهن اهي حرڪتون رهيون ته سڀاڻي رياست طرفان به ان کي هميشه لا تالو لڳي سگهي ٿو، پوء ويٺا ماستر موڪلون ڪن، ۽ سنڌ روئيندي رهي۔۔
    خبر ناهي پاڻ کي دانشور،مدبر، مفڪر، عظيم اڳواڻ سڏرائيندڙ ڇو ستا پيا آهن۔۔
     
  7. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ھڪ ڪرپٽ فرد لاء سڄي سنڌ کي صدمو ڇو ؟؟: عرفان ديشي

    ادا عرفان، مون جهڙي موڳي ۽ اڻ ڄاڻ لاء ، جيڪڏهن مناسب سمجهو ته توهان وي سي جي ڪرپشن ڪجهه واضح ڪندا۔ مهرباني فرمائي اها سڄي فهرست سنگت سان ونڊيو جيئن سڀني کي خبر پوي ته وي سي اهي ڪهڙا سنڌ دشمن فيصلا ڪيا جنهن جي ڪري اوهان ايتري اعتماد سان ان ڪري ڪرپٽ چئي رهيا آهيو۔۔
    انتظار رهندو۔۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ھڪ ڪرپٽ فرد لاء سڄي سنڌ کي صدمو ڇو ؟؟: عرفان ديشي

    ايم فل جي فيس 9 هزارن کان هڪدم هن 44 هزار ڪري ڇڏي!!
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ھڪ ڪرپٽ فرد لاء سڄي سنڌ کي صدمو ڇو ؟؟: عرفان ديشي

    ادا ٻروچ۔۔۔۔ هن وي سي صاحب جي ڪرپشن ان ڳالهه مان واضح ٿيڻ گهرجي جو هن اچڻ شرط سنڌ يونيورسٽي جي هر ننڍڙي سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگريءَ جي چالان فيءَ ۾ 50 سيڪڙو کان 200 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ۽ جيڪي ڊپارٽمنٽ سائين مظهر الحق صديقي صاحب ٺهرايا هئا، انهن جو ڪم روڪرائي اهو عذر ڄاڻايائين ته فنڊ آهن ڪونه، جيڪڏهن ڊپارٽمنٽ ٺهندا ته ملازمن کي پگهارون ۽ انهن ڊپارٽمنٽن جو سامان ڪٿان ايندو۔۔؟؟؟
    اسان ان وي سي کان اهو پڇڻ ٿا چاهيون ته اوهان کي انهن ڊپارٽمنٽن جي فنڊس لاءِ پئسا نه ٿا نظر اچن پر هر مهيني ۾ آمريڪا وڃن لاءِ پنهنجي ٽرپس جي لاءِ الائي جي ڪٿان پئسا ملي ٿا وڃن۔۔؟؟؟
    داخلائن ۾ جيتري ڪرپشن هن وي سي جي دور ۾ ٿي آهي، ڪڏهن به نه ٿي آهي۔۔ الائي جي ڪيترا بهترين استاد دلبرداشته ٿي هن وي سي جي دور ۾ سنڌ يونيورسٽي کي الله حافظ چئي هليا ويا۔۔
     
  10. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ھڪ ڪرپٽ فرد لاء سڄي سنڌ کي صدمو ڇو ؟؟: عرفان ديشي

    اوه۔۔ في وڌائڻ ڪرپشن آهي، ان جي معني ته وي سي تبديل ٿيڻ سان فيس گهٽ ٿي ويندي يعني ڪرپشن ختم ٿي ويندي۔
    ٻروچ ويچاري ڪرپشن کي وڏي بلا پئي سمجهيو۔۔ سنگت جي مهرباني۔۔
    خير وي سي ته ڪرپٽ ثابت ٿي ويو۔۔
    ڪامريڊ ته آهن ئي سنڌ جي عزت جا محافظ، انهن لاء ڪجهه ڪڇڻ ڪفر کي دعوت ڏيڻ برابر آ۔۔ پر استادن کي پاڪ ، بي عيب ، محنتي ۽ مخلص ثابت ڪرڻ لاء ڪا دليل ڏجو دوستو۔۔
    ڪٿي اها دليل ٻه مهينا يونيورسٽي بند ڪرڻ ته نه آهي؟ يونيورسٽي بدنام ٿئي ته ٿيئي پر ڪرپشن کان ته جان ڇٽندي۔۔ ٻن مهينن جون پگهارون به ويچارن ڪونه کنيون۔۔ويچارا استاد۔۔ دلبرداشته ۽ مظلوم استاد۔۔۔
    هائي ڙي زمانا۔۔
    ٻروچ کي ڪهڙي ڪَل ادا۔۔
    مڙئي پِٽڪو۔۔

    بخاري صاحب جي بقول۔۔
    تون ڪهرام ۾ اچي ڪيئن آهين ڦاٿو۔۔مان ماتم ڪندو پِٽيندو پنهنجي خوشي ٿو ڳوليان۔
    مقتل کان ٿورو اڳتي محفل جو ڏس مليو آ، مان موت کي لتاڙيندو زندگي ٿو ڳوليان۔۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ھڪ ڪرپٽ فرد لاء سڄي سنڌ کي صدمو ڇو ؟؟: عرفان ديشي


    ادا مان استادن جي طرفداري نه ٿو ڪريان۔۔ توڙي جو مان پاڻ يونيورسٽي ۾ هڪ سال پڙهائي چڪو آهيان۔۔۔
    اڄ ئي هڪ دوست سان منهنجو ان ڳالهه تي بحث پئي هليو ته ”استادن ٻه مهينا پڙهائي بند ڪئي آهي ته انهن جي پگهار به کين نه کڻڻ گهرجي، اصل احتجاج تڏهن مڃجي، باقي پڙهائي نه ڪن، ڪلاس روڪرائين ۽ پگهار به کڻن ته اها ته سنئين سڌي بي واجبي آهي۔۔۔
    استاد ڪي فرشتا ناهن، انهن کان به غلطيون ٿينديون آهن، پر يونيورسٽي ۾ جيڪي به نوان استاد اچن ٿا اهي سينيئرن کان پرائين ٿا۔۔ جيڪڏهن سينيئر استاد (جن مان اڪثر انتظاميه ۾ به شامل آهن) صحيح طريقي سان پڙهائيندا ته جونيئر استاد به ايئن ئي ڪندا۔۔۔
    بهرحال 52 ڏينهن واري هن بائيڪاٽ سان جيڪو نقصان يونيورسٽيءَ جو ٿيو آهي، ان سان سنڌ يونيورسٽي منهنجي حساب سان سنئون سڌو هڪ سال پوئتي هلي وئي آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو