عرفان ديشي
سينيئر رڪن
گُذريل هڪ مهيني ويھ ڏينهن مطلب 49 ڏينهن کان سنڌ جو مادري علمي درسگاهوتالابندي جو شڪار بڻيل آهن، سنڌ جي اهم درسگاه جيڪا هوائن جي شھر ڄامشوري جي وچ ۾ شمار ٿئي ٿي جنهن کي ”سنڌ يونورسٽي“ سڏيو وڃي ٿو جتي روزانو لکين شاگرد تعليم پرائڻ اچن ٿا. پر افسوس ان ڳالھ جو آھي ته گذريل 49 ڏينهن کان اھا درسگاھ هڪ نا اهل ڪرپٽ بڻيل وائيس چانسلر جي ڪري تالا بندي جو شڪار آھي. جنهن تي روزانو سوين دانشور، ليکڪ تبصرو به ڪن ٿا ۽ اخبارن ۾ آرٽيڪل به ڇپرائين ٿا پر ان جو ذرو اثر به حڪومتي ڏيڏرن تي ناهي جيڪي اقتدار جو موجون ته ماڻين ٿا پر اهو نٿا ڏسن ته ڪنهن هڪ فرد جي ڪري هزارين شاگرد تعليمي عمل کان محروم آهن. تعليم جا وزير پڻ انهن ڪرپٽ ماڻهن سان ڳنڍيل آهن جن جي ڪري يونيورسٽي بند آھي، استاد مطالبن جي مڃتا لاء بُکون ڪاٽين ٿا، قومپرستن تنظيمن جا اسٽوڊنٽ مظاهرا ڪرا روڊ بلاڪ ڪن ٿا پر ان جو ٽَڪو اثر به ڪونهي، آخر سنڌ ۽ سنڌين سان ايتري ويساھ گھاتي ڇو ؟ ۽ ڇا لاء، مان سنڌ جي ساڃاھ وندن ۽ انهن مظلوم استادن کي اپيل ٿو ڪيان ته اسان سنڌي اڳ ئي تعليم ۾ پُٺتي پيل آھيون انڪري اجايو پنهنجي تباهي نه ڪيو ڪلاسون اسٽارٽ ڪري سنڌي شاگردن جي تعليم کي غرق ٿيڻ کي بچايو ـ
عرفان ديشي