جيڪڏهن سوڙهي دروازي مان گزرڻ چاهيون ٿا ته!!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2012۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [JUSTIFY]
    هڪ اسڪول جي انتظاميه هڪ ڏينهن اسڪول جي ٻارڙن لاءِ پڪنڪ جو پروگرام ٺاهيو۔

    ٻئي ڏينهن جڏهن سڀئي ٻار اچي پهتا ته اسڪول جي پٽيواري سڀني ٻارڙن کي بس ۾ چاڙهڻ جي نگراني
    ڪئي تاڪِ ڪير به رهجي نه وڃي..

    جنهن جاءِ تي پڪنڪ جو بندوبست ڪيو ويو هو ان طرف ويندڙ بهترين رستي تي بس پنهنجي تيز ترين
    اسپيڊ سان روان دوان هئي۔۔

    بس کي ان رستي سان ويندي ڪجھ ئي فاصلي تي هڪ سرنگ کان به گذرڻو هو، جنهن تي لکيل هو ته هن سرنگ هيٺان گزرڻ لاءِ گاڏي جي اونچائي 3 ميٽر کان مٿي نه هجي.

    جڏهن ته ان بس جي اونچائي به 3 ميٽر هئي، ۽ ڊرائيور ته ان سرنگ هيٺان هر سال ٻارڙن کي پڪنڪ تي وٺي ويندي گاڏي گزاريندو هو، ٻيو ته گاڏي جي اونچائي به 3 ميٽر هئي، جنهن جي اجازت هئي۔
    ڊرائيور هن سرنگ ويجهو اچي ڪا به پريشاني محسوس نه ڪئي ۽ گاڏي ان ساڳي تيز اسپيڊ ۾ هلائيندو رهيو.

    پر ٿيو ڇا جو اچانڪ جيئن گاڏي سرنگ ۾ داخل ٿي ته تيزيءَ سان گاڏي جي ڇت سرنگ جي ڇت سان ٽڪرائجڻ شروع ٿي وئي، جنهن جي ڪري اڌ سرنگ تي اچي گاڏي بيهجي وئي، جنهن جي ڪري گاڏي جي ڇت بري طرح متاثر ته ٿي پر ٻارڙن کي به وڏو خوف ولاري ويو.

    پوءِ سڀئي بس مان هيٺ لهي آيا تاڪِ ڏسن ته ٿيو ڇا آهي؟

    انهن سڀني ڏٺو ته بس وچ سرنگ ۾ ڦاسي پئي آهي اهي ڏاڍا حيران هئا ته هاڻ هن مصيبت مان جان ڪيئن ڇڏايون؟

    اتي هڪ ٻي گاڏي وارو به اچي پهتو جنهن کي بس جي ڊرائيور چيو ته مان ته هر سال آساني سان هن سرنگ هيٺان گزرندو آهيان پوءِ ڇا ٿيو آهي هاڻي؟ بس ڊرائيور کي ان ٻي ڊرائيور چيو ته در اصل رستي جي مرمت ٿي آهي سو ان مرمت جي ڪري هن سرنگ جي اونچائي به گهٽجي پئي آهي۔

    ان ڊرائيور مدد ڪندي پنهنجي گاڏي سان ان بس کي رسي جي ذريعي ٻڌي ٻاهر ڪڍڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر گاڏي جي سرنگ سان ٽڪرائجڻ جي ڪري رسو هر واري ٽٽي پئي پيو ۽ گاڏي ٻاهر نه نڪتي.

    اتي موجود هر ماڻهو پنهنجو رايو پيش ڪرڻ لڳو، ڪنهن ڪجھ چيو ته ڪنهن ڪجھ، ان مصيبت مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪنهن چيو ته هن کان وڌيڪ طاقتور گاڏي گهرائجي تاڪِ هتان گاڏي ڪڍي سگهون۔

    ڪنهن چيو ته رسو وري به ٽٽي پوندو، ڇو ته سرنگ صفا لڳي پئي آهي گاڏيءَ سان۔

    ڪنهن وري چيو ته هيٺان رستو ٿا کوٽيون وغيره وغيره...

    انهن سڀني بيڪار راين جي وچ ۾ هڪ ننڍو ٻار بس مان ٻاهر اچي چوڻ لڳو ته مون وٽ حل آهي!

    اسڪول جي پٽيواري ان کي دڙڪا ڏيندي چيو ته تون وڃ مٿي وڃي ٻارن سان گڏ بس ۾ ويهي رھ، ۽ ٻيهر هيٺ نه لهجان ۽ پنهنجن دوستن کان پري نه وڃجان.

    ان ٻار وڏي حوصلي سان وري ٻيهر ان کي چيو ته منهنجي ننڍي هجڻ جي ڪري مون تي ٽوڪ نه ڪر، ۽ ياد رک ته وڏي ڦوڪڻي سان ننڍي سُئي ڪهڙو حشر ڪندي آهي.

    پٽيواري چيس: اڇا ٺيڪ آهي، ڳالهائي ڇا ٿو چوين؟

    ٻار ان کي چيو ته: گزريل سان هڪ ڪتاب ۾ استاد اسان کي هڪ سبق پڙهايو هو، جيڪو تنگ، سوڙهي دروازي مان گزرڻ جي باري ۾ هو.

    ۽ استاد اسان کي چيو هو ته اسان کي پنهنجي اندر جي وڏائي واري هوا ڪڍڻ گهرجي جيڪا اسان کي ماڻهن آڏو غرور ۾ ڦوڪي ڇڏي ٿي.

    جڏهن اسان پنهنجي اندر مان وڏائي ۽ غرور، لالچ ۽ خودغرضي جي هوا ڪڍي ڇڏيندا سين ته اسان جي جان ۽ روح جي سائيز برابر ٿي ويندي يعني اها فطري ٿي ويندي جيئن اسان کي پنهنجي خلقڻهار پيدا ڪيو آهي.

    تاڪِ اسان هن تنگ دروازي مان نڪري ڌڻي تعالى جي آسماني رستي تي هلي پئون.


    پٽيواري ٻار کي چيو ته سڌي ڳالھ ڪر.

    ٻار پنهنجي ڳالھ جي هن طرح وضاحت ڪئي:

    جيڪڏهن اسان اهو سبق هن بس تي لاڳو ڪريون ۽ ان جي ٽائرن مان ٿوري ٿوري هوا ڪڍون ته اسان آهستي آهستي هن سرنگ مان سلامتي سان ٻاهر نڪري سگهون ٿا.

    سڀني کي ٻار جي اها ڳالھ وڻي، ۽ انهن بس جي ٽائرن جي ٿوري ٿوري هوا ڪڍي ته بس ڪافي هيٺ ٿي وئي، ۽ اهڙي ريت سڀئي سلامتي سان ان مسئلي مان ٻاهر نڪري آيا.
    [/JUSTIFY]


    سبق:
    ڪاش اسان به پنهنجي مَنَ اندرَ مان ڌوڪي، منافقي، لالچ، ڪوڙ، غرور ۽ تڪبر جي هوا ڪڍي ڇڏيون، تاڪِ تنگ دروازي مان گزري سگهون.
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: جيڪڏهن سوڙهي دروازي مان گزرڻ چاهيون ٿا ته!!

    ادا طاهر سنڌي صاحب ،ماشاالله مختصر پر پنهنجي اندر وڏو پيغام رکندڙ ڪهاڻي توهان ونڍ ڪئي آهي۔بيشڪ جيستائين اسان پنهنجي من مان ۔مان۔لالچ۔نفرت۔بي ايماني کي نه ڪڍنداسين۔اسان پنهنجي منزل تي نه پهچي سگهنداسين۔پٽيوالي ننڍڙي ٻار کي ڳالهائڻ نه پئي ڏنو ۽ هن سمجهو پئي ته ننڍڙو ٻار ڪا ٻاراڻي ڳاله ڪندو پر جڏهن ننڍڙي مشڪل جو حل پيش ڪيو ته واه واه ٿئي ويئي۔ڪنهن کي به هن جي قد،بت ۽ عمر سان نه پرکڻ گهرجي پر ان جي اندر جي ذهين ماڻهو کي پرکجي۔

    ڪنهن پڇو ته "معاف ڪرڻ ڇا آهي؟۔هڪ ننڍي ٻار ڏاڍو پيارو جواب ڏنو :- ته اهو پيارو ۽ مٺو فروٽ آهي جيڪو وڻ ڏئي ٿو جڏهن ان کي پٿرن سان زخمي ڪيو ٿو وڃي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جيڪڏهن سوڙهي دروازي مان گزرڻ چاهيون ٿا ته!!

    لاجواب ادا طاهر سنڌي

    بهترين پر سبق ڪهاڻي آهي
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جيڪڏهن سوڙهي دروازي مان گزرڻ چاهيون ٿا ته!!

    سائين ميمڻ صاحب، پسند ڪرڻ لا مهرباني۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جيڪڏهن سوڙهي دروازي مان گزرڻ چاهيون ٿا ته!!

    سائين فقير صاحب مهرباني اوهان جي به۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جيڪڏهن سوڙهي دروازي مان گزرڻ چاهيون ٿا ته!!

    ننڍڙن جملن ذريعي ڪيل هڪ تمام وڏي ڳالهه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ يقينن اهڙِ ڳالهين تي عمل ڪري ماڻهو زندگيء ۾ ڪامياب رهندو۔
     
  7. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: جيڪڏهن سوڙهي دروازي مان گزرڻ چاهيون ٿا ته!!


    تمام بهترين سبق آموز ڪهاڻي، اگر سمجهه ۾ اچي ته زندگي گذارڻ آسان ٿي پوي۔۔
    سچ پڇو ته” تاڪِ “ ۾ ٻروچ جي دماغ جا طاق ايئن لڳا جو مان ” تاڪِ“ کي تاڪيد جو جُز سمجهڻ لڳس، ٻيلي ٻروچ جي ڳالهه دل ۾ نه ڪجو، بس ٻروچڪو دماغ آهي، منهنجو مقصد ”تاڪِ“ تي تنقيد ڪرڻ نه هو پر ”تاڪِ“ جو تنگ ڪرڻ ونڊڻ هو ۔۔۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جيڪڏهن سوڙهي دروازي مان گزرڻ چاهيون ٿا ته!!

    ننڍڙي پر ڏاهپ ڀري آکاڻي ۔۔۔ بيشڪ سمجهڻ وارن لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، آءُ پڻو، وڏائي ۽ گهمنڊ انسان کي ماڻهپي مان ڪڍي ڇڏي ٿو ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو