TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
هڪ اسڪول جي انتظاميه هڪ ڏينهن اسڪول جي ٻارڙن لاءِ پڪنڪ جو پروگرام ٺاهيو۔
ٻئي ڏينهن جڏهن سڀئي ٻار اچي پهتا ته اسڪول جي پٽيواري سڀني ٻارڙن کي بس ۾ چاڙهڻ جي نگراني
ڪئي تاڪِ ڪير به رهجي نه وڃي..
جنهن جاءِ تي پڪنڪ جو بندوبست ڪيو ويو هو ان طرف ويندڙ بهترين رستي تي بس پنهنجي تيز ترين
اسپيڊ سان روان دوان هئي۔۔
بس کي ان رستي سان ويندي ڪجھ ئي فاصلي تي هڪ سرنگ کان به گذرڻو هو، جنهن تي لکيل هو ته هن سرنگ هيٺان گزرڻ لاءِ گاڏي جي اونچائي 3 ميٽر کان مٿي نه هجي.
جڏهن ته ان بس جي اونچائي به 3 ميٽر هئي، ۽ ڊرائيور ته ان سرنگ هيٺان هر سال ٻارڙن کي پڪنڪ تي وٺي ويندي گاڏي گزاريندو هو، ٻيو ته گاڏي جي اونچائي به 3 ميٽر هئي، جنهن جي اجازت هئي۔
ڊرائيور هن سرنگ ويجهو اچي ڪا به پريشاني محسوس نه ڪئي ۽ گاڏي ان ساڳي تيز اسپيڊ ۾ هلائيندو رهيو.
پر ٿيو ڇا جو اچانڪ جيئن گاڏي سرنگ ۾ داخل ٿي ته تيزيءَ سان گاڏي جي ڇت سرنگ جي ڇت سان ٽڪرائجڻ شروع ٿي وئي، جنهن جي ڪري اڌ سرنگ تي اچي گاڏي بيهجي وئي، جنهن جي ڪري گاڏي جي ڇت بري طرح متاثر ته ٿي پر ٻارڙن کي به وڏو خوف ولاري ويو.
پوءِ سڀئي بس مان هيٺ لهي آيا تاڪِ ڏسن ته ٿيو ڇا آهي؟
انهن سڀني ڏٺو ته بس وچ سرنگ ۾ ڦاسي پئي آهي اهي ڏاڍا حيران هئا ته هاڻ هن مصيبت مان جان ڪيئن ڇڏايون؟
اتي هڪ ٻي گاڏي وارو به اچي پهتو جنهن کي بس جي ڊرائيور چيو ته مان ته هر سال آساني سان هن سرنگ هيٺان گزرندو آهيان پوءِ ڇا ٿيو آهي هاڻي؟ بس ڊرائيور کي ان ٻي ڊرائيور چيو ته در اصل رستي جي مرمت ٿي آهي سو ان مرمت جي ڪري هن سرنگ جي اونچائي به گهٽجي پئي آهي۔
ان ڊرائيور مدد ڪندي پنهنجي گاڏي سان ان بس کي رسي جي ذريعي ٻڌي ٻاهر ڪڍڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر گاڏي جي سرنگ سان ٽڪرائجڻ جي ڪري رسو هر واري ٽٽي پئي پيو ۽ گاڏي ٻاهر نه نڪتي.
اتي موجود هر ماڻهو پنهنجو رايو پيش ڪرڻ لڳو، ڪنهن ڪجھ چيو ته ڪنهن ڪجھ، ان مصيبت مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪنهن چيو ته هن کان وڌيڪ طاقتور گاڏي گهرائجي تاڪِ هتان گاڏي ڪڍي سگهون۔
ڪنهن چيو ته رسو وري به ٽٽي پوندو، ڇو ته سرنگ صفا لڳي پئي آهي گاڏيءَ سان۔
ڪنهن وري چيو ته هيٺان رستو ٿا کوٽيون وغيره وغيره...
انهن سڀني بيڪار راين جي وچ ۾ هڪ ننڍو ٻار بس مان ٻاهر اچي چوڻ لڳو ته مون وٽ حل آهي!
اسڪول جي پٽيواري ان کي دڙڪا ڏيندي چيو ته تون وڃ مٿي وڃي ٻارن سان گڏ بس ۾ ويهي رھ، ۽ ٻيهر هيٺ نه لهجان ۽ پنهنجن دوستن کان پري نه وڃجان.
ان ٻار وڏي حوصلي سان وري ٻيهر ان کي چيو ته منهنجي ننڍي هجڻ جي ڪري مون تي ٽوڪ نه ڪر، ۽ ياد رک ته وڏي ڦوڪڻي سان ننڍي سُئي ڪهڙو حشر ڪندي آهي.
پٽيواري چيس: اڇا ٺيڪ آهي، ڳالهائي ڇا ٿو چوين؟
ٻار ان کي چيو ته: گزريل سان هڪ ڪتاب ۾ استاد اسان کي هڪ سبق پڙهايو هو، جيڪو تنگ، سوڙهي دروازي مان گزرڻ جي باري ۾ هو.
۽ استاد اسان کي چيو هو ته اسان کي پنهنجي اندر جي وڏائي واري هوا ڪڍڻ گهرجي جيڪا اسان کي ماڻهن آڏو غرور ۾ ڦوڪي ڇڏي ٿي.
جڏهن اسان پنهنجي اندر مان وڏائي ۽ غرور، لالچ ۽ خودغرضي جي هوا ڪڍي ڇڏيندا سين ته اسان جي جان ۽ روح جي سائيز برابر ٿي ويندي يعني اها فطري ٿي ويندي جيئن اسان کي پنهنجي خلقڻهار پيدا ڪيو آهي.
تاڪِ اسان هن تنگ دروازي مان نڪري ڌڻي تعالى جي آسماني رستي تي هلي پئون.
پٽيواري ٻار کي چيو ته سڌي ڳالھ ڪر.
ٻار پنهنجي ڳالھ جي هن طرح وضاحت ڪئي:
جيڪڏهن اسان اهو سبق هن بس تي لاڳو ڪريون ۽ ان جي ٽائرن مان ٿوري ٿوري هوا ڪڍون ته اسان آهستي آهستي هن سرنگ مان سلامتي سان ٻاهر نڪري سگهون ٿا.
سڀني کي ٻار جي اها ڳالھ وڻي، ۽ انهن بس جي ٽائرن جي ٿوري ٿوري هوا ڪڍي ته بس ڪافي هيٺ ٿي وئي، ۽ اهڙي ريت سڀئي سلامتي سان ان مسئلي مان ٻاهر نڪري آيا.
سبق:
ڪاش اسان به پنهنجي مَنَ اندرَ مان ڌوڪي، منافقي، لالچ، ڪوڙ، غرور ۽ تڪبر جي هوا ڪڍي ڇڏيون، تاڪِ تنگ دروازي مان گزري سگهون.