مُحترم مُشتاق چنگيزي ضاحب“ هن فاني دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
انتهائي غم ۽ ڏُک سان سنڌ سموريءَ کا آگاه ڪجي پيو ته پنهنجي وقت جو ۽ سنڌي فلم انڊسٽري (ساليووُڊ) ۽ سنڌي فلمن جو چاڪليٽي ۽ ڪلاس ون هيرو ” مُحترم مُشتاق چنگيزي ضاحب“ هن فاني دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن. (انا لله وانا اليه راجعون) مرحوم جي جنازه نماز سندن لطيف آباد حيدرآباد ۾ عصر جي نماز کان پوءِ پڙهائي ٽنڊو جهانيان جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪئي ويندي.

سنڌي ميڊيا (ساليووُڊ) ، سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسو سيئيشن (ساوا)، سنڌي ٿنڪ ٽيم (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) ضلع مٽياري مرحوم جي ان ناگهاني وفات تي انتهائي غم جو اظهار ڪن ٿا ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ سندن مداحن کي پڻ مرحوم جي آخرت موچاريءَ لاِ دُعا جي درخواست ڪن ٿا.

جيئن ته موت برحق آهي ۽ هر زنده شي کي لازمي اڳ يا پوءِ موت جو مزو چکڻو آهي رب جي ان رضا تي راضي رهڻو آهي اسان سموري سنڌ سان گڏ سندس پوئرن سان هن غم ۾ پڻ شريڪ آهيون ۽ الله ج کين صبر عطا ڪندو.
 
جواب: مُحترم مُشتاق چنگيزي ضاحب“ هن فاني دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن

انا لله و انا اليه راجعون

گهڻي ڏک واري خبر آهي۔ رب پاڪ مرحوم کي جنت نصيب ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين۔
 
جواب: مُحترم مُشتاق چنگيزي ضاحب“ هن فاني دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن

انا لله وانا اليه راجعون

سنڌي ٻولي ۾ ٺهندڙ فلمن جو هڪ سونهري باب بند ٿي ويو ۔۔۔ اسانجي ننڍپڻ جو اهو هيرو جنهنجي اداڪاري ۽ مڪالمن جا نقل ڪندا هياسون ۔۔۔۔ ۽ خاص هي گيت ” منهنجا سائين سنڌي ٽوپي وارا“ ٻڌي پاڻ به سنڌي ٽوپي پائي هيرا ٿيندا هياسون ۔۔۔

انتهائي ڏک واري خبر ،،،، اسين سندسن خاندان سان هن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۔۔۔۔۔۔

رب العالمين سندس مغفرت فرمائي، جنت ۾ جڳهه عطا فرمائيندو ۔۔۔ آمين
 
جواب: مُحترم مُشتاق چنگيزي ضاحب“ هن فاني دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن

انا لله وانا اليه راجعون
 
جواب: مُحترم مُشتاق چنگيزي ضاحب“ هن فاني دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن

انا لله وانا اليه راجعون

مرحوم مشتاق چنگيزي صاحب هڪ باهمٿ ۽ محنتي انسان هو،هن سنڌي فلم جي صنعت کي وڌائڻ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو۔اسان کي هنن جي فلم چڪوري اڃا تائين ذهن ۾ عڪس ٿيل آهي ۔الله پاڪ شل هنن جي مغفرت فرمائي۔آمين
 
Back
Top