دوستو سلام اوهان سڀني اڳيان سنڌ جي ڀلوڙ شاعر، سماجي ، سياسي ، ادبي ۽ روحاني شخصيت مخدوم محمد الزمان طالب المولا جي شاعري پيش ڪجي ٿي۔ جي اکيون پير ھجن ، ته پتو پوين پنڌ جو ته اگھاڙا عشق ۾، ڪئن ٿا سور سھن ڪئن ٿا ڦٽ فراق جا، چِڪيو ۽ چِڪن رت ٿين جي راه ۾، ته به ھيجئون اٿيو ھلن ڪنجھن ڪرڪن ڪين ڪي، توڙي پٿون ٿيو پون پھچن جڏھن پرين وٽ ، ته به ڏوراپا نه ڏين طالب مولا طلب ۾ ، پڻ اھا صحت سندن ڪڏھن ڏٺو ڪين ڪي ، ھن ڏي حبيبن سنڀرن ڪڏھن ڪونه ڪو ، ڪا پٽي ٻڌين پِرين ته به رڙھيو رڙھيو رڙھن ، حبيب جي حضور ڏي
جواب: جي اکيون پير ھجن ، ته پتو پوين پنڌ جو : مخدوم طالب المولا زبردست ان ئي تسلسل جو هڪ ٻيو شعر: اکيون به آھن اکيون، پر پيرن سان نه پڄن ھو رئن ٿيون رت ڦڙا، ھي ڦٽجو ٿا ڦٽجن ھو بيوس آھن برھ ۾، ھي ھيجئون اٿيو ھلن ھو نھارين نجيب کي، ھي تِر نٿا ترسن ھو اٻاڻڪيون عجيب لاءِ، ھي رندن منجھ رلن احسان ڪيا اکين تي، پرت منجھان پيرن طالب مولا طلب ۾، چميو وريو چمجن جھلئي نٿا جھلجن، ھلندي پنھنجي حبيب ڏي