جي اکيون پير ھجن ، ته پتو پوين پنڌ جو : مخدوم طالب المولا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

اوهان سڀني اڳيان سنڌ جي ڀلوڙ شاعر، سماجي ، سياسي ، ادبي ۽ روحاني شخصيت مخدوم محمد الزمان طالب المولا جي شاعري پيش ڪجي ٿي۔

جي اکيون پير ھجن ، ته پتو پوين پنڌ جو
ته اگھاڙا عشق ۾، ڪئن ٿا سور سھن

ڪئن ٿا ڦٽ فراق جا، چِڪيو ۽ چِڪن
رت ٿين جي راه ۾، ته به ھيجئون اٿيو ھلن

ڪنجھن ڪرڪن ڪين ڪي، توڙي پٿون ٿيو پون
پھچن جڏھن پرين وٽ ، ته به ڏوراپا نه ڏين

طالب مولا طلب ۾ ، پڻ اھا صحت سندن
ڪڏھن ڏٺو ڪين ڪي ، ھن ڏي حبيبن

سنڀرن ڪڏھن ڪونه ڪو ، ڪا پٽي ٻڌين پِرين
ته به رڙھيو رڙھيو رڙھن ، حبيب جي حضور ڏي


425253_3468037577889_1179567033_33564339_789457441_n.jpg
 
جواب: جي اکيون پير ھجن ، ته پتو پوين پنڌ جو : مخدوم طالب المولا

زبردست

ان ئي تسلسل جو هڪ ٻيو شعر:


اکيون به آھن اکيون، پر پيرن سان نه پڄن
ھو رئن ٿيون رت ڦڙا، ھي ڦٽجو ٿا ڦٽجن

ھو بيوس آھن برھ ۾، ھي ھيجئون اٿيو ھلن
ھو نھارين نجيب کي، ھي تِر نٿا ترسن

ھو اٻاڻڪيون عجيب لاءِ، ھي رندن منجھ رلن
احسان ڪيا اکين تي، پرت منجھان پيرن

طالب مولا طلب ۾، چميو وريو چمجن
جھلئي نٿا جھلجن، ھلندي پنھنجي حبيب ڏي
 
Back
Top