رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستو سلام

    ساڳيو درجو ۽ سوال ٻن مختلف ڪيلڪيوليٽرس تي چيڪ ڪيم ۽ ٻنهي جو جواب مختلف آيو ؟؟ ٻڌايو ته ڪهڙو جواب صحيح آهي؟

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    ابا مون واري نوڪيا ۾ به جواب 9 ٿو اچي ۔۔۔ باقي آلجبرا کان ائين ڀڄي ويندا هياسون جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان ۔۔۔ مونکي ته اها به سمجهه نه آئي ته 9 جواب ڇو آيو ۔۔۔ ڪو ڀڃي ٻڌائي ۔۔۔

    ڏکيا ڪم نه ڏيندو ڪر، ابا سنڌي ماڻهون آهيون
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    جواب سولو آهي۔۔۔ پر عرس کان زور آهي۔۔ ۽ پاڻ ته آهيون ئي حسابن جا شيدائي۔۔۔ خير ان کان اڳ جو ٻروچ اچي ۽ جواب موڪلي ۔۔ کائنس گو کڻندي هن حساب کي سمجهون به ٿا ته سکون به ٿا۔۔۔

    اهي ماڻهون جيڪي سمجهن ٿا ته جواب 1 ايندو ۔۔۔ اهي هن حساب کي ڪجهه هن طرح ڪن ٿا۔۔۔

    (2 + 1 ) 2 ÷ 6
    ( 3 ) 2 ÷ 6 =
    6 ÷ 6 =
    1 =

    ۽ اهي ماڻهون جيڪي سمجهن ٿا ته جواب 9 ايندو ۔۔۔ اهي هن حساب کي ڪجهه هن طرح ڪن ٿا۔۔۔


    (2 + 1 ) 2 ÷ 6
    3 x6 ÷ 2 x=
    3 ÷ 3 =
    9 =

    الجهن تڏهن ٿيندي جڏهن سوچجي ته پهريان ونڊ ڇڏائجي يا پهريان ضرب۔۔۔
    اصل ۾ صورتحال ٻن نمونن جي آهي ۔۔ يعني۔۔۔

    [​IMG]

    پهرين صورت ۾ جواب 1 ايندو ۔۔ جڏهن ته ٻي صورت ۾ جواب 9 ايندو۔۔۔

    منهنجي نظر ۾ جواب پهرين صورت وارو ايندو يعني 1
    ڇو ته جواب تڏهن 9 اچي ها جڏهن سوال هن طرح هجي ها۔۔
    (1+2)(2÷6)
    يعني (2÷6) کي ڏنگي ۾ رکجي ها۔۔۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    جيئن ته موبائيل تان حل ڪندي پهريان توهان 6 کان 2 پهريان ونڊ ڪندو ان ڪري جواب 9 ايندو۔۔ پر جي مٿئين جواب تي غور ڪجي ته صورتحال واضح ٿيندي۔۔
     
  5. ڪولاچي عبدل

    ڪولاچي عبدل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    58
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    ادا رشيد صاحب ڄاڻ دي سڀ مَٽَ ڀڃ ڇوڙي ني واه واه ٿي ڳَئ
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    ادا رشيد کي سلام آهي انٽرنيشنل فقير طرفان

    علي علي طرفان

    سدائين گڏ
     
  7. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    منھنجي ناقص ذھن مطابق پھرين ونڊ ڇڏائبي پو ضرب پو جوڙ  آّخر ۾ ڪٽ
    ان طرح سان جواب 9 صحيح آھي
     
  8. مشير احمد صديقي

    مشير احمد صديقي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Gadej Distt Khairpur Mirs Sindh
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    پهرين سڀني دوستن کي السلام عليڪم
    آلجبرا جي قواعدي موجب پهرين ڏنگيون حل ڪبيون مئٿ جي اصول موجب پهرين ونڊ، ٻيو زرب ۽ آخر ۾ ونڊ يا ڪٽ حل ڪبي آهي
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو



    سائين عبدالرشيد جن سوال کي سهڻي نموني سمجهايو آهي ليڪن ٻئي طريقي ۾ جلدي ۾
    3 ÷ 3 =
    9 =

    لکجي ويو آهي وري دوستن به نشاندهي نه ڪئي مطلب ته واقعي مئٿ ۾ اسان هوشيار آهيون منهنجي خيال ۾ به جواب هڪ درست ٿيندو جو جڏهن بريڪيٽس به هجن ۽ نشانيون به ته پهريائين بريڪٽس کي ڇڏائي پوء نشانيون ڇڏائڻيون پونديون۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    دوستو سلام

    پر عرس ڪٿي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين رشيد جي ڳالهه به صحيح آهي پر منهنجي ناقص سوچ مطابق جواب 9 ايندو

    آرڊر آف آپريشن مطابق پهريان ڏنگيون ڇڏائڻيون آهن يعني

    ڪوڊ:
    6÷2 * (1+2) 
    هاڻي پهريان ونڊ ۽ پوء ضرب ڇڏائڻي آهي ان آرڊر مطابق

    جواب 9 ئي ايندو

    وڌيڪ تفصيلن لاء هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    سائين اوهان پريشان نه ٿيو

    اوهان جو نوڪيا به صحيح جواب پيو ڏي۔

    پر وري به ادا رشيد ۽ سائين مولوي رحيم بخش جي تفصيلي جوابن جو انتظار رهندو۔
     
  12. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    ادا رشيد ۽ ادا سليمان ڪافي ڪارائتي معلومات ڏني آهي
     
  13. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    سائين توهان جو جواب درست آهي۔
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    سائين الائي ڪنهن جي جواب جي ڳالهه ٿا ڪيو۔ ڪهڙو جواب صحيح آهي 9 يا 1
     
  15. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    ادا سڀني دوستن جي راءِ کان پوءِ هاڻي آئون به ڪُجهه حصو وٺندس۔

    مئٿس ۾ هڪ مشهور اصول آهي۔ پيمداس جي نالي سان PEMDAS جنهن جو فل فارم آهي پيرينٿيسس (بريڪٽ يا ڏنگي)، ايڪسپونينشل، ملٽيپليڪيشن (ضرب)، ڊوائيڊ (ونڊ)، ايڊيشن (جوڙ)، سبسٽريڪشن (ڪٽ)۔ هن ڪيس ۾ صرف پيرينٿيسس (بريڪٽ يا ڏنگي)، ملٽيپليڪيشن (ضرب) ۽ ڊوائيڊ (ونڊ) آهي۔ انهي حصاب سان هي هن طرح حل ٿيندو


    (2 + 1 ) 2 ÷ 6
    (3 ) 2 ÷ 6
    6 ÷ 6

    1=
     
  16. حفيظ قاضي

    حفيظ قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مارچ 2012
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    شڪر ٿيو جو آءُ چڱو ٿيو سياڻو نه ٿيس
     
  17. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    لڳي ٿو مون کي لکڻو ئي پوندو۔۔۔
    يارو ڳالهه اها آهي ته ڪو وڏو مسئلو ته هيو ڪو نه، سنگت پهرين ئي ڌڪ ۾ حساب حل ڪري ڇڏيو هو پر جيئن ته اڃا تائين شايد ڪو مونجهارو رهجي ويو هجي ان ڪري پنهنجي طرفان وضاحت ڏيڻ جي ڪوشش آهي۔۔ سچي ڳالهه اها آهي ته مون ان ڪري نه پئي لکيو ته هن ايڊيٽر ۾ expression ٽائپ ڪرڻ منهنجي لاء وڏي ڏچي جو ڪم هيو۔۔ خير۔۔

    جيئن دوستن ٻڌايو ته
    1۔ سڀ کان پهرين ڏنگيون ڇڏائيبون، اهو بلڪل درست آهي۔۔
    2۔ ان کان پوء ضرب ۽ ونڊ ۔۔ ٻنهي جي اهميت برابر واري آهي۔۔
    3۔ ۽ آخر ۾ جوڙ ۽ ڪٽ۔۔۔ ٻنهي جي اهميت برابري واري آهي۔۔

    مثال طور
    2 / 4 + 5
    ۾ سڀ کان پهرين ونڊ ۽ ان کان پوء جوڙ ڪبو ڇو ته ونڊ جي اهميت جوڙ کان وڌيڪ آهي۔۔پر جيڪڏهن جوڙ کي ڏنگين ۾ رکيو وڃي ته پوء ڏنگين جي اهميت پهرين نمبر جي آهي۔۔

    جيڪڏهن ساڳي اهميت وارا نشان هڪ ئي مسئلي ۾ اچن ته پوء انهن کي کاٻي کان ساڄي طرف حل ڪيو ويندو۔ ايئن ڪونهي ته جوڙ جي اهميت ڪٽ کان وڌيڪ آهي۔۔ جيڪر ايئن هجي ها ته پوء
    2 + 3 - 5
    جو جواب 0 ايندو جيڪو غلط آهي۔۔ پر جيئن ته ٻنهي جو وزن برابر آهي، ان ڪري کاٻي کان ساڄي پاسي حل ڪنداسين، يعني پهرين ڪٽ ۽ پوء جوڙ۔۔ ۽ جواب 4 ايندو، جيڪو درست جواب آهي

    هاڻي اچون ٿا پنهنجي حساب طرف
    (2 + 1 ) 2 ÷ 6
    (3 ) 2 ÷ 6
    2 ۽ 3 جي وچ ۾ ضرب آهي۔۔ ۽ جيئن ته ضرب ۽ ونڊ جو وزن برابر آهي ان ڪري کاٻي کان ساڄي طرف حل ڪبو، يعني پهريان ونڊ ۽ پوء ضرب۔۔ ان حساب سان جواب 9 ايندو۔۔ جيڪو بلڪل درست آهي۔۔

    ثابت ٿيو ته ادا سليمان جو جواب ئي درست آهي۔۔ ان ڪري ادا سليمان کي انعام ۾ ٽافي ملندي۔۔ ۽ رشيد کي۔۔۔

    مولابخش

    هٿ کول۔۔
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    ٻروچ سائين مهربانيون اوهان انعام ڏنو ، اهو اوهان جو پيار ۽ سچائي آهي۔

    باقي يار ٻروچ اسان پنهنجي دوست رشيد کي سزا ڪونه ڏينداسون۔ اهو لڪڻ اسان پنهنجي هٿ تي جهلڻ لاء تيار آهيون يا وري پ پ پ حڪومت وانگر هڪ مفاهمتي حل ڳوليو اٿم۔ اها ٽافي اوهان ئي کائو ۽ رشيد جي سزا معاف ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    مسئلي کي سولائي سان پيش ڪرڻ لاء مهربانيون۔
     
  19. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    يار سليمان واه سائين ايتري محبت، واقعي عاشق مجبور آ۔۔۔۔
    جيڪر رشيد هٿ کولي ها ته مان هٿ چمڻ جو پئي سوچيو پر توهان جي رشيد سان محبت ڏسي مون هٿيار ڦٽي ڪيا۔
     
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

    باقي مون وراري نوڪيا جو 9 جو جواب ڏنو سو ڇٽو ۔۔۔ واه يار ٻروچ ائين نه ڪر هر هنڌ نا انصافي ته نه ڪر ۔۔۔ اوهان حسابن ۾ هوشيار آهيو ته مون واري نوڪيا به گهٽ ناهي ۔۔۔ خئير جڏهن حساب ٿي ٿا وڃن ته پاڻ ڇو محنت ڪري مٿو کپايون ۔۔۔

    حل 9 نڪرڻو هو سو نڪتو ۔۔۔ اسانجو ڪهڙو ڪم ۔۔۔ ٻروچ ڄاڻي ٻروچ جا حساب

    هاءِ اسڪول ۾ جڏهن عربيءَ جو پيرڊ ٿيندو هو ته آءُ دوستن سان ڀڄي وڃي رئيس ڪئنال تي سگريٽ پئيندو هيس ۽ جڏهن مئٿ جو پيرڊ ٿيندو هو ته مان پيٽ ۾ سور جو بهانو ڪري ٻاهر وڃي گهمندو هيس ۽ جيئي سنڌ جا نعرا هڻندو هيس ۔۔۔ ۽ اتفاق سان هاڻ اهي ئي حساب ۽ اها ئي عربي ۔۔۔ ٻڪرو ڀڳو ڪاتيءَ کان اها ئي ڪاتي ۔۔۔۔

    وقت چوي آءُ بادشاه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو