• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

منهنجا ڌُڪا ئي هيا جيڪي هميشه حسابن ۾ مون کي اڳرو ڪندا هئا۔۔۔ ميٽرڪ تائين حسابن جي ڪتاب کي ساڻ رکندو هيم ان لاءِ نه ته سکندو يا سمجهندو رهان پر ان لاءِ ته ان جي آخري پنن تي سمورن حسابن جا جواب هوندا هئا ان ڪري حسابن واري استاد کي به سائين نثار ابڙو وانگر جواب پهريان ٻڌائي داد حاصل ڪندو هيم۔۔۔
ميٽرڪ کان پوءِ پڪ ٿي ته هاڻي دال نه ڳرندي ان ڪري حسابن کي ڇڏڻو پيو۔۔۔ هتي سائين نثار اڳ ئي مون وارو ڪم ڪندي رڳو جواب ڏئي ڇڏيو هو پر جي مان به نقل ڪندي حمايت ڪريان هان ته موضوع جي عنوان مطابق هوشيار ڪيئن سڏايان ها۔۔۔ ان ڪري ٻروچ جي غير موجودگي جو فائدو ٿي ورتم۔۔۔
پر ٻروچ اچي ثابت ڪيو ته ماضي وانگر هن دفعي حسابن ۾ دال نه ڳرندي ۔۔۔
مهرباني جو وري به مولابخش بجاء پوءِ محبت ملي معنى پڪ ٿي ته هن وقت پاڻ اسڪول جي زماني ۾ نه آهيون۔۔۔
 
جواب: رشيد گهڻو هوشيار آهي ؟؟؟ عرس ۽ ٻين دوستن جو امتحان آهي ؟؟ جواب ڏيو

ادا ٻروچ جي سمجهائڻ جو طريقو ته ايترو بهترين آهي جو اسان جهڙو ميٿمٽڪس سان گهڻي واقفيت نه رکڻ وارو انسان به هاڻي آساني سان ان قسم جي حسابن جا جواب ڏئي سگهون ٿا۔ٻروچ صاحب توهانجي مهرباني۔ٻروچ صاحب۽ ٻين ميمبرن جي جواب مان اهو صاف ظاهر آهي ته انگ 9 صحيحي آهي ،جڌهن ته 1 غلط آهي۔ادا سليمان وساڻ جي به مهرباني جنهن هن قسم جو سوال پڇي اسان کي ميٿس سکڻ جو موقعو فراهم ڪيو۔
 
Back
Top