سنڌ پوليس جي ڪاڪردگي تي ڇا لکجي ؟؟؟ شرم کان ڪنڌ جهڪي ٿو وڃي۔ دادو مورو پل لڳ جهلو پوليس کي ڪو صدارتي اوارڊ ڏيڻ گهرجي جنهن سنڌ جي مشهور ڳائڻي ديبا سحر تي تشدد ڪري ڄڻ ته ڪو ڌاڙيل پڪڙيو هجي۔ ڪاوش جي رپورٽ ڪجهه هن ريت آهي:
مشهور فنڪاره ديبا سحر سندس مڙس ۽ سازندن تي پوليس جو وحشياڻو تشدد
دادو(رپورٽ:نظام شيخ) جهلو پوليس جو فنڪاره ديبا سحر، سندس مڙس ۽ سازندن تي وحشياڻو تشدد، فائرنگ،5 ڄڻا زخمي، خبر موجب سنڌ جي ناليواري فنڪاره ديبا سحر، سندس مڙس صابر کوسو ۽ پنهنجي سازندن سميت 2 گاڏين ۾ سوار ٿي ڪي اين شاهه ۾ راڳ جي محفل بعد واپس پنهنجي ڳوٺ ٽنڊو آدم وڃي رهي هئي ته آڌي رات دادو مورو پل وٽ جهلو پوليس تلاشي بهاني سندن گاڏين کي روڪيو، پڇا ڳاڇا دوران منهن ماري بعد جهلو ٿاڻي جي ايس ايڇ او افتخار جمالي سميت 10 اهلڪارن ديبا سحر، سندس مڙس صابر کوسو ۽ سندن سازندن تي وحشياڻو تشدد ڪري فائرنگ پڻ ڪئي، جنهن ۾ صابر کوسو رتورت ٿي ويو آهي، عزيز يار محمد کوسو کي ٻانهن ۾ گولي لڳي آهي، جڏهن ته يعقوب، اعجاز ۽ اياز پڻ زخمي ٿيا، کين رات ساڍي 3 وڳي کان صبح تائين حراست ۾ رکيو ويو،
صبح جو آزادي ملڻ بعد ديبا سحر جڏهن ميڊيا آڏو آحتجاج ڪرڻ پهتي ته سندس پير اگهاڙا ۽ مٿي تي رئو نه هئو، وار وکريل هئا ۽ هوءَ روئي رهي هئي، ديبا سحر ۽ سندس مڙس ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته هو ڪي اين شاهه کان پروگرام ڪرڻ بعد واپس وڃي رهيا هئا ته جهلو جي ايس ايڇ او کين تلاشي بهاني بيگناهه روڪيو، 80 هزار روڪ، موبائيل فونو ۽ ٻِيو سامان ڦر لٽ ڪيو، سبب معلوم ڪرڻ تي پوليس مڇرجي ديبا کي کنڀي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي پوليس کين وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ پوليس جي روپ ۾ ڌاڙيلن وانگر حملو ڪيو ويو، هنن چيو ته پوليس تذليل ڪئي آهي، فنڪار جيڪي لکين ماڻهن کي خوشيون وکيرن ٿا انهن سان اهڙو ظلم پوليس ڪري جيڪا عوام جي تحفظ جي دعويدار آهي، ايس ايڇ او هڪ ايم اين اي جو ويجهو آهي ان ڪري ڪارروائي کان آجو آهي، اسان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته ايس ايڇ او افتخار جمالي ۽ سندس ساٿاري 10 اهلڪارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين نوڪرين مان رورٽ ڪري جيل اماڻيو وڃي، ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي نه ته هو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪندا، هوڏانهن ديبا سحر ۽ سندس مڙس تي تشدد بابت ڪي ٽي اين نيوز تي ڦوٽيج نشر ٿيڻ بعد صوبائي وزير سسئي پليجو، سينيئر وزير پير مظهر، ڪلچر جي ڊائريڪٽر محمد علي مانجهي، ڊي آءِ جي سڪندر علي منگي، مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ فقير منٺار، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ زاهد قائمخاني، پ پ (ش ڀ) جي اڳواڻ عبدالمجيد سيال، روشن علي شاهه، پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو ۽ ترقي پسند پارٽيءَ جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي رابطو ڪري معلومات ورتي ۽ واقعي جي شديد مذمت ڪندي کين مدد جو يقين ڏياريو، ڪوثر ماروي، مختيارڪار دادو نعيم احمد وسطڙو، ضلعي ٽرانزيشن آفيسر امداد حسين ڏاوڇ، ڊي ايس پي فدا حسين لغاري، وڏي تعداد ۾ فنڪار ۽ ديبا سحر جا پرستار کيس وٽ معلومات وٺڻ لاءِ عدالت پهتا ته ديبا سحر ۽ صابر کوسو ساڻن ملندي زارو قطار روئندا رهيا، هنن چيو ته ساڻن انصاف نه ٿيو ته هو احتجاج ڳائڻ جي فن کي هميشه لاءِ الوداع چوندا، جنهن دوران سڄو ماحول ڏکارو ٿي ويو، هوڏانهن ديبا سحر ۽ سندس مڙس صابر کوسو ايس ايڇ او ۽ عملي کي معطل ڪرڻ واري ڪارروائي تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي ۽ هو انصاف لاءِ ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ پهچي ويا، هنن وڪيل ڪاشف علي معرفت لکت ۾ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي ته پوليس ساڻن انصاف نه ٿي ڪري، ايس ايڇ او افتخار جمالي ۽ سندس ساٿي اهلڪارن اختيارين جو ناجائز استعمال ڪري کين بيگناهه ناحق بند رکيو، پئسا ڦرلٽ ڪيا ۽ وحشياڻو تشدد ڪيو آهي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، سيشن جج دادو معاملي جي جاچ جا حڪم ڏيندي زخمين کي سول اسپتال دادو منتقل ڪندي سول سرجن کان اڄ ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته عدالت نوٽيس جاري ڪندي ايس ايڇ او جهلو افتخار جمالي کي پڻ اڄ رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي.