عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    شهيد هوش محمد شيدي جي 169 هين ورسي اوپن ايئر ٿيٽر راني باغ حيدرآباد ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ سموري سنڌ مان شيدي برادري جي هزارين ڀائرن ۽ ڀينرن شرڪت ڪئي سنڌ جي
    عظيم جرنل هوش محمد شيدي تي مقالا پڙهيا ويا .​



    رپورٽ: نثاراحمد ناز

    تصويرون : نثاراحمد ناز ۽ اي جي فقير سمون​


    [JUSTIFY]ڪالهه بروز جمع 23 مارچ 2012 ع تي حيدرآباد جي راڻي باغ جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ سنڌ جي عظيم جنرل هوش محمد شيدي شهيد جي 169 هين ورسي الحبش جماعت پاران ملهائي وئي، الحبش پاران اهو ڏينهڙو انتهائي جوش و خروش سان ملهايو ويو، الحبش جماعت پاران سڀ کان پهرين شهيد هوش محمد شيدي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شام جو چار وڳي کان حيدرآباد شهر جي مُک چوڪن چوراهن کان ٿيندي ٺنڍي سڙڪ حيدرآباد جي رستي کان راڻي باغ جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ رات جو ساڍي اٺين وڳي پهتي جتي الحبش جماعت جو شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي جي سلسلي ۾ مُک جلسو رکيو ويو، ريلي ۾ شريڪ هزارين شيدي مرد توڻي عورتون پنهنجي الحبش جماعت جي سرواڻن زمام شيدي، غلام حسين شيدي، اعجاز خُلاصي ۽ محترما صبا بلاولي جي سرواڻي ۾ جيئي سنڌ ، جيئي هوشو شيدي ، جيئي مسافر جا نعرا هڻندا نچندا ٽُپندا راڻي باغ اوپر ايئر ٿيٽر حيدرآباد پهتا، اوپر ائير ٿيٽر جي اسٽيج جي هڪڙو شاندار پينا فليڪس جو بينر لڳايو ويو هو جنهن ۾ الحبش جماعت پاران شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي جا نعرا لکيل هُئا، اوپن ٿيٽر جو پورو پنڊال هزارين شيدي عورتن مردن سان ڀريل هو، هن ورسي جو خاص مهمان سنڌي ڏاهو حميد سنڌي هو، هن پروگرام جي چييف گيسٽ سنڌ جي ثقافت واري وزير محترما سسئي پليجو هُئي پر ڪن مجبورين سبب هو اچي نه سگهي، الحبش جماعت جو اتحاد هن ورسي ۾ ڏسڻ وٽان هو، سمورن مقررن سنڌ جي عظيم جرنيل هوش محمد شيدي کي لفظن جي خوبصورت ترين ڀيٽا ڏني، ۽ الحبش جماعت جي سرواڻن پنهنجي شيدي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي فخر ڪرڻ گهرجي ته اسان عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جا وارٿ آهيون، ان موقعي تي سنڌ جي ڏاهي حميد سنڌي چيو ته شيدي برادري وارن کي شاباسون هُجن جو هنن سنڌ جي بهادر جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي پنهنجي زنده دلي جو ثبوت ڏنو آهي، شهيد هوش محمد شيدي ڀلي جو شيدي هو پر هُو سموري سنڌ جو عظيم هيرو آهي، جنهن اهو عظيم نعرو ته مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون جو نعرو لڳائي تاريخ ۾ امرتا ماڻي. تاريخ ۾ شيدين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته جنوبي آفريڪا ۾ نيلسن منڊيلا اتي جي ماڻهن ۾ هڪ عظيم هيرو جي حيثيت سان ڄاتو ۽ سُڃاتو ويندو آهي ته وري اهو اعزاز به وڏو آهي ته آمريڪا جهڙي سپر پاور جهڙي مُلڪ جو صدر اوباما به شيدي آهي،اسان کي فخر آهي ته اسان شهيد هوش محمد شيدي جي وارثن سان گڏ آهيون،[/JUSTIFY]

    پيش آهن شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي جون ڪجهه تصويري جهلڪيون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    حيدرآباد جي راڻي باغ جي اوپن ائير ٿيٽر جي اسٽيج تي الحبش جماعت پاران شهيد هوش محمد شيدي جي باري ۾ لڳايل پينا فليڪس جو شاندار بينر ۽ خير مقدمي بينر

    [​IMG]

    [​IMG]
    الحبش شيدي جماعت جي صدر زمام شيدي جو خير مقدم ڪيو پيو وڃي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ جي عظيم جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي واري تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ شيدي ڀائر۽ ڀينرون شريڪ ٿيڻ لا اچي رهيون آهن

    [​IMG]
    جلسه گاهه ۾ الحبش شيد جماعت جو صدر زمام شيدي شريڪ ٿيڻ لا اچي رهيو آهي​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    ڪُجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ جي عظيم جوڌي شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي ۾ شريڪ ٿيندڙ​
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    امر جليل جي لفظن ۾ سنڌ جي سورهيه شهيد کي ڀيٽا ڏجي ٿي

    سنڌڙي منهنجي ماءُ،
    جيجل منهنجي ماءُ،
    تنهنجي سڏ تي سر ڏيئي،
    مون پيتو جامِ شهادت پيتو.

    اڄ اُسهان ٿو ديس پرائي،
    جتان وري مان ورندس:
    صدين جا رُخ موڙي،
    حق جو جھنڊو عرش تي کوڙي،
    ۽ واڳ وقت جي موڙي،
    مان تنهنجي سڏ تي ايندس.

    جيجل منهنجي ماءُ،
    سنڌڙي منهجي ماءُ،
    جڏهن به تو تي اونداهه ايندي،
    ظلم جي نگري ٿيندي،
    رات ڏينهن کي اُڳري ويندي،
    ۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
    ۽ مان سر جو صدقو ٿيندس.

    جيجل منهنجي ماءُ،
    سنڌڙي منهنجي ماءُ،
    مان تنهنجي خاطر ڏاڍ ڏمر سان وڙهندس،
    سر جي سَين هڻي مان ايندس،
    حق تان صدقي ٿيندس:
    مان ايندو رهندس،
    مرندو رهندس،
    مري، وري مان جِيئندس،
    جتان وري مان ورندس.“
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    ڪجهه ٻيون به تصويرون پيش خدمت آهن

    [​IMG]

    [​IMG]
    آجياڻو ڏنو پيو وڃي ۽ شريڪ ٿيندڙ ٻه ناريون

    [​IMG]
    الحبش شيدي جماعت جو صدر زمام شيدي

    [​IMG]
    الحبش شيدي جماعت جو سينئر نائب صدر غلام حسين شيدي

    [​IMG]
    الحبش شيدي جماعت جو جنرل سيڪريٽري اعجاز خُلاصي

    [​IMG]
    الحبش ناري تحريڪ جي صدر صبا بلاولي​
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    محترم نثاراحمد ابڙو صاحب جون مهربانيون جو هنن امر جليل جو لاجواب نظم منهنجي هن ونڊ سان مُنڊي جي ٽڪ جيان شيئر ڪيو، ادا اسان سنڌ ڌرتي جي شهيدن جا وارث آهيون، اسان جو هر حساب سان فرض ٿئي ٿو ته اسان شهيدن جي شهادت واري فلسفي جي لڄ رکندي ڌرتي جي سوڍن ۽ دودن جا ڏينهڙا محبتن سان ملهائي شهيدن کي پريم جي ڀيٽا ڏيون، جس هُجي الحبش جي شيدي برادري وارن کي جيڪي هر سال مانائتي نموني سورهيه جنرل شهيد هوش محمد شيدي جو ڏينهن وڏي اهتمام سان ملهائن ٿا۔ هر ڀيري پنهنجي هن تقريب ۾ مونکي مهمان جي حيثيت سان گهرائن ٿا، مونکي ماٺ ايندي آهي انهن قوم پرست پارٽين جي سرواڻن جي نالن تي جيڪي عام ڏينهن تي ته شهيد هوش محمد شيدي جي آفاقي نعري مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون جو باربار ذڪر ڪندا آهن پر جڏهن شهيد جي شهادت وارو ڏينهن ايندو آهي ته هڪ لفظ به شهيد هوش محمد شيدي لا ڪونه ڳالهائيندا آهن ۔ سڀ کان وڏي ڳالهه ته شهيد هوش محمد شيدي جي قبر جا اُهڃاڻ حيدرآباد جي تاريخي پڪي قلعي جي چار ديواري اندر ملن ٿا، ۽ پڪو قلعو بظاهر ته حيدرآباد ۾ آهي پر ان سنڌ جي تاريخي قلعي تي قابض ڌاريان پناهگير آهن، اسان جا سنڌي ليڊر اڃان تائين شهيد هوش محمد شيدي جي مزار تان ڌارين جو قبضوناهي هٽائي سگهيا، خير توهان جون مهربانيون آهن جو گهٽ م گهٽ شهيد هوش محمد شيدي جي حوالي سان امر جليل جو شهره آفاق نظم هتي ونڊ ڪيو۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]
    مهمان هن ورسي جي تقريب ۾ شريڪ آهن

    [​IMG]
    سنڌي ڏاهي حميد سنڌي کي الحبش شيدي جماعت جو ڪارڪن سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ اوڍائي رهيو آهي

    [​IMG]
    الحبش شيدي جماعت جي صدر زمام شيدي کي اجرڪ جو تحفو اوڍايو پيو وڃي

    [​IMG]
    الحبش شيدي جماعت جي سينئر نائب صدر غلام حُسين شيدي کي اجرڪ جو تحفو اوڊايو پيو وڃي۔

    [​IMG]
    هڪڙي سنڌي شيدي نياڻي شهيد هوش محمد شيدي تي مقالو پڙهي رهي آهي

    [​IMG]
    هڪڙي ٻي سنڌي شيدي نياڻي پڻ شهيد هوش محمد شيدي جي نعري مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون جي فلسفي تي ڳالهائي رهي آهي

    [​IMG]
    سنڌ جي لاڙ پٽ واري شهر بدين مان سدائين قومي اسيمبلي جي سيٽ لا وڙهندڙ غريب سنڌي شيدي اميدوار عبدالله شيدي الحبش شيدي جماعت جي صدر زمام شيدي سان گڏ ويٺو آهي

    [​IMG]
    پورِي سنڌ مان ايل ايل بي ڪندڙ واحد سنڌي شيدي ايڊوڪيٽ محترما صبا بلاولي صاحبه عظيم جرنل هوش محمد شيدي جي باري ۾ لکيل عظيم سنڌي ليکڪ امر جليل جو مقالو پڙهي رهي آهي۔

    [​IMG]
    هزارين سنڌي شيدي نارين جي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي ا169هين ورسي واري پروگرام ۾ شرڪت ان ڳالهه جي پڪي گواهي ڏئي رهي آهي ته هو شهيد هوش محمد شيدي جي شهادت جي نان تي سنڌ جي ايڪتا ۽ آجپي واري راهه تي هلندي خوشي محسوس ڪري رهيون آهن۔

    [​IMG]
    ٻه سنڌي نياڻيون ناقص تعليمي پاليسي، دهشت گردي، امن جي اڻاٺ، تعليمي ادارن ۾ بي راه روي، سوسائٽي جي نالي تي بي حيائي جي خلاف هڪ زبردست ٽيبلو ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۔هن ۾ هڪڙي نياڻي ته سنڌي شيدي آهي ۽ ٻي نياڻي مُرڪ سمون آهي، مونکي جڏهن خبر پئي ته مُرڪ سمون اسان کان هميشهه لا وڇڙي ويل اسان جي کاهوڙي ۽ جاکوڙي دوست مرحوم عاجز سمون جي نياڻي آهي ته دل مان بي اختيار هن نياڻي لا دعائون نڪتيون ٽيبلو ختم ٿيڻ کانپو مون ساڻس سندس بابا سائين عاجز سمون جي وڇوڙي جي تعزيت ڪئي ۽ کيس سنڌ سلامت جا سال 2012 ع وارا ڪيلينڊر پڻ ڏنا۔​
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    هوش محمد شيدي هڪ بهادر، غيرت مند سنڌ جو سپاهي هو۔هي ٽالپر فوج جو ليڊر هو ۽ حڪومت برطانيه جي خلاف مياڻي ۽ دٻي ۾ خوب لڙيو۔هوش محمد شيدي وارا قمبراڻي ذات جا سڏيا ويندا آهن ۽ گهر ۾ سرائڪي پڻ ڳالهائيندا آهن۔ ۽ هوش محمد شيدي جو جڳ مشهور سرائڪي نعارو اوهان به ٻڌو هوندو۔۔۔۔ مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون۔۔۔۔سنڌ سلامت جا ساٿيو هوش محمد شيدي سنڌ جو هڪ اهڙو ڪردار رهيو آهي جنهن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون هميشه ناز ڪندا رهيا آهن ۽ ناز ڪندا رهندا۔ هوش محمد شيدي تي محققن لکيو آهي مگر اهو به تمام گهٽ لکيو ويو آهي، جنهن تي ڪم ٿيڻ لازمي آهي ۽ اميد آهي ته ڪي اهڙا جوڌا ۽ جاکوڙي هن ميدان ۾ ايندا جيڪي هوش محمد جي زندگي تي تحقيقي ڪم ڪندا۔۽ سندس مڪمل سوانح ۽ خاندان بابت ڪا تحقيقي تاريخ سامهون آڻيندا۔
    سنڌ سلامت جا ساٿيو۔۔اسان جي سنڌ جو هڪ جاکوڙي ساٿي محترم سائين نثار احمد ناز صاحب سنڌ جي ههئڙين شخصيتن کي اجاگر ڪرڻ لاء ڏينهن رات هڪ ڪري محنتون ڪري وڏي ڪم واريون رپورٽون تيار ڪري اسان تائين پهچائي ٿو جنهن لاء منهنجي طرفان کيس ٻنهي هٿن سان سلام پيش آهي، ( سائين توهان جو نئون موبائل نمبر به مليو جنهن لاء پڻ مان توهان جو شڪرگذار آهيان )
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    ادا ممتاز علي وگهيا شال جُڙيو هُجين : سائين توهان بلڪل سچ ٿا چئو ته شهيد هوش محمد شيدي سنڌ جي تاريخ جو اهو بي ڊپو ڪردار آهي جنهن هلان ڪري سنڌ تي قابض ٿيڻ وارن انگريزن کي للڪاريو ۽ سنڌ جي آجپي عيوض موت قبوليو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ هميشهه هميشهه لا زنده ٿي ويو، اسان جي سنڌ جي هيروز ۾ هوشو شيدي شهيد جو نان امر آهي۔ توهان سچ ٿا چئو ته شهيد هوش محمد شيدي جي بهادر ڪردار تي باقائده اڃان گهڻو ڪجهه لکڻ جي ضرورت آهي، اسان سنڌي پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارن کي سنڌي ڏاهن کي توهان جي توسط سان گُذارش ڪنداسين ته هو اڳتي اچي سورهيه جنرل هوش محمد شيدي شهيد جي ڪردار تي پي ايڇ ڊي ڪري سنڌي قوم کي جنرل هوش محمد شيدي شهيد جي تاريخي ڄاڻ سان آشناس ڪرائي اميد ته اسان جا سنڌ ڏاها دوست اسان جي انهي غريباڻي گُذارش تي ڌيان ڌريندا۔ لک لائق ادا، سلام مونکي نه ڪندا ڪريو مان ته سنڌ ڌرتي جو هڪڙو ادنى صفا لاچار بندو آهيان پر سلام ڪريو سنڌ جي سرويچ پُٽ شهيد هوش محمد شيديءَ کي جنهن جيجل ڌرتيءَ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي ۽ هميشهه لاءِ امر ٿي ويو ۔ توهان جي مهرباني ادا ممتاز۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    ڪُجهه دل چوي ٿي ته شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي واري تقريبن جون اڃان به تصويرون ونڊ ڪريان

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي جي موقعي تي ٽيبلو جا ڪردار پنهنجي زبردست پرفارمنس ذريعي ڇانئجي ويا۔

    [​IMG]
    هي ادا ذوالفقار شام چشمي وارو ۽ سندس دوست آهن ادا ذوالفقار شام ڪافي وقت پهرين بدين شهر کان هڪڙي سنڌي ويب سائٽ سنڌي لائف ڊاٽ ڪام لائونج ڪئي هُئي، سندس چوڻ آهي ته هن اڪيلي سر اها ويب سائٽ تڏهن لائونج ڪئي هُئي جڏهن هو اٺين درجي ۾ پڙهندو هو، اڪيلي هُئڻ ڪري ان ويب سائٽ کي جاري نه رکي سگهيو هن ڀيري هو هڪڙي ٻي ويب سائٽ آن لائن ڊاٽ ڪام تي ڪم ڪري رهيو آهي، اها سنڌ سلامت وارن جي خوشنصيبي آهي ته هو اڄ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو ميمبر به ٿي ويو آهي۔ مون کيس شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي ۾ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو سال 2012ع جو تحفي طور ڪيلينڊر به ڏنو۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    مٿين ٽنهي تصويرن ۾ سنڌ جا سنڌي شيدي فنڪار صفدر عباس ، طاهر مٺو ۽ جانب علي بلاولي نمايان آهن

    [​IMG]
    هڪڙي سنڌي شيدي نياڻي صبا بلاولي ايڊوڪيٽ کي چادر جو تحفو اوڊايو​
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    سنڌ جي امر شهيد جرنيل هوش محمد شيدي جيڪو مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون نعري جو خالق هجڻ سان گڏ سنڌ تان قربان ٿيو کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا۔ سنڌ جي شيدي برادري کي شابسون هجن جو هنن سنڌ جي امر شخصيت کي ياد رکيو۔ جيتو ڻيڪ هو سڄي سنڌ جو قومي هيرو آهي پر خبر ناهي ڇو اسان جا ادارا کيس وساري ويٺا آهن۔

    سائين نثار ناز کي لک شاباسون هجن جنهن هن بهترين پروگرام جي رپورٽ اسان سان ونڊ ڪري هوش محمد شيدي جي ياد ڏياري۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسيجو

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو ڏاڏو پوڙهو نثاراحمدناز هن ورسي واري تقريب کي خصوصي طور ڪور ڪرڻ لا ٽنڊو محمد خان کان ڪهي آيو

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو ميمبر ادا امين سمون ۽ سندس دوست محترم خالد نظاماڻي صاحب پڻ هن ورسي واري تقريب ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي

    [​IMG]
    اي جي فقير عرف شينهن سمون ڪم کي کڻيو بيٺو هو

    [​IMG]
    هن ورسي واري تقريب ۾ ٻن بزرگ سنڌي شيدين جي شرڪت سڀني کي تمام سُٺي لڳي رهي هُئي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ماشاالله سنڌي شيدي ڀائر ۽ ڀينرون شهيد هوش محمد شيدي جي هن ورسي واري تقريب کي چار چنڊ لڳائي رهيا هُئا

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    شهيد هوش محمد شيدي هڪ چمڪندڙ تارو جي عنوان سان هي سنڌي نياڻيون هڪڙو ٽيبلو پيش ڪري رهيون آهن ، هنن سنڌي نياڻين جي ڀرپور پرفارمنس ورسي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن هزارين عورتن ۽ مردن کي بي اختيار تاڙيون وڄائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو​
     
  12. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    ادا نثار ناز اوهان جا وڏا وڙ جو اوهان اهڙي تاريخي ڪردار جي هن تاريخي پروگرام بابت ونڊ ڪري اسان کي به ڄڻ هن پروگرام ۾ شريڪ ڪري ڇڏيو
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    ادا يونس ملڪاڻي صاحب لک لائق جو توهان کي اسان جي هي غريباڻي ونڊ پنهنجي دل وٽان لڳي ۽ توهان کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ توهان هن تقريب ۾ شريڪ ٿيا هُجو توهان جا قرب آهن جو قدم قدم تي اسان جي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي ڪريو ٿا۔ مهربانيون ادا۔
     
  14. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

    هميشه جيان سائين جن جي هي به تمام بهترين رپورٽ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو