نثارناز
سينيئر رڪن
شهيد هوش محمد شيدي جي 169 هين ورسي اوپن ايئر ٿيٽر راني باغ حيدرآباد ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ سموري سنڌ مان شيدي برادري جي هزارين ڀائرن ۽ ڀينرن شرڪت ڪئي سنڌ جي
عظيم جرنل هوش محمد شيدي تي مقالا پڙهيا ويا .
عظيم جرنل هوش محمد شيدي تي مقالا پڙهيا ويا .
رپورٽ: نثاراحمد ناز
تصويرون : نثاراحمد ناز ۽ اي جي فقير سمون
تصويرون : نثاراحمد ناز ۽ اي جي فقير سمون
ڪالهه بروز جمع 23 مارچ 2012 ع تي حيدرآباد جي راڻي باغ جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ سنڌ جي عظيم جنرل هوش محمد شيدي شهيد جي 169 هين ورسي الحبش جماعت پاران ملهائي وئي، الحبش پاران اهو ڏينهڙو انتهائي جوش و خروش سان ملهايو ويو، الحبش جماعت پاران سڀ کان پهرين شهيد هوش محمد شيدي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شام جو چار وڳي کان حيدرآباد شهر جي مُک چوڪن چوراهن کان ٿيندي ٺنڍي سڙڪ حيدرآباد جي رستي کان راڻي باغ جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ رات جو ساڍي اٺين وڳي پهتي جتي الحبش جماعت جو شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي جي سلسلي ۾ مُک جلسو رکيو ويو، ريلي ۾ شريڪ هزارين شيدي مرد توڻي عورتون پنهنجي الحبش جماعت جي سرواڻن زمام شيدي، غلام حسين شيدي، اعجاز خُلاصي ۽ محترما صبا بلاولي جي سرواڻي ۾ جيئي سنڌ ، جيئي هوشو شيدي ، جيئي مسافر جا نعرا هڻندا نچندا ٽُپندا راڻي باغ اوپر ايئر ٿيٽر حيدرآباد پهتا، اوپر ائير ٿيٽر جي اسٽيج جي هڪڙو شاندار پينا فليڪس جو بينر لڳايو ويو هو جنهن ۾ الحبش جماعت پاران شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي جا نعرا لکيل هُئا، اوپن ٿيٽر جو پورو پنڊال هزارين شيدي عورتن مردن سان ڀريل هو، هن ورسي جو خاص مهمان سنڌي ڏاهو حميد سنڌي هو، هن پروگرام جي چييف گيسٽ سنڌ جي ثقافت واري وزير محترما سسئي پليجو هُئي پر ڪن مجبورين سبب هو اچي نه سگهي، الحبش جماعت جو اتحاد هن ورسي ۾ ڏسڻ وٽان هو، سمورن مقررن سنڌ جي عظيم جرنيل هوش محمد شيدي کي لفظن جي خوبصورت ترين ڀيٽا ڏني، ۽ الحبش جماعت جي سرواڻن پنهنجي شيدي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي فخر ڪرڻ گهرجي ته اسان عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جا وارٿ آهيون، ان موقعي تي سنڌ جي ڏاهي حميد سنڌي چيو ته شيدي برادري وارن کي شاباسون هُجن جو هنن سنڌ جي بهادر جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي پنهنجي زنده دلي جو ثبوت ڏنو آهي، شهيد هوش محمد شيدي ڀلي جو شيدي هو پر هُو سموري سنڌ جو عظيم هيرو آهي، جنهن اهو عظيم نعرو ته مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون جو نعرو لڳائي تاريخ ۾ امرتا ماڻي. تاريخ ۾ شيدين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته جنوبي آفريڪا ۾ نيلسن منڊيلا اتي جي ماڻهن ۾ هڪ عظيم هيرو جي حيثيت سان ڄاتو ۽ سُڃاتو ويندو آهي ته وري اهو اعزاز به وڏو آهي ته آمريڪا جهڙي سپر پاور جهڙي مُلڪ جو صدر اوباما به شيدي آهي،اسان کي فخر آهي ته اسان شهيد هوش محمد شيدي جي وارثن سان گڏ آهيون،
پيش آهن شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي جون ڪجهه تصويري جهلڪيون
حيدرآباد جي راڻي باغ جي اوپن ائير ٿيٽر جي اسٽيج تي الحبش جماعت پاران شهيد هوش محمد شيدي جي باري ۾ لڳايل پينا فليڪس جو شاندار بينر ۽ خير مقدمي بينر
الحبش شيدي جماعت جي صدر زمام شيدي جو خير مقدم ڪيو پيو وڃي
سنڌ جي عظيم جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي واري تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ شيدي ڀائر۽ ڀينرون شريڪ ٿيڻ لا اچي رهيون آهن
جلسه گاهه ۾ الحبش شيد جماعت جو صدر زمام شيدي شريڪ ٿيڻ لا اچي رهيو آهي



حيدرآباد جي راڻي باغ جي اوپن ائير ٿيٽر جي اسٽيج تي الحبش جماعت پاران شهيد هوش محمد شيدي جي باري ۾ لڳايل پينا فليڪس جو شاندار بينر ۽ خير مقدمي بينر


الحبش شيدي جماعت جي صدر زمام شيدي جو خير مقدم ڪيو پيو وڃي




سنڌ جي عظيم جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي واري تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ شيدي ڀائر۽ ڀينرون شريڪ ٿيڻ لا اچي رهيون آهن

جلسه گاهه ۾ الحبش شيد جماعت جو صدر زمام شيدي شريڪ ٿيڻ لا اچي رهيو آهي